سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي والار خلاف درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس سيد يوسف علي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار بئريسٽر شهاب اوستي پنهنجي موقف ۾ چيو ته ٻيٽ وفاق حوالي ڪرڻ سنڌ جي عوام جي بُنيادي حقن تي راتاهو آهي، آئين ۽ قانون موجب ٻيٽ صوبائي ملڪيت آهن، صوبي کان ڪابه زمين حاصل ڪرڻ کان اڳ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ لازمي هونديون آهن. درخواست ۾ آءِ لينڊ اٿارٽي قائم ڪرڻ وارو آرڊيننس غير آئيني قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. عدالت درخواست تي وفاق ۽ سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي ڌُرين کان 23 آڪٽوبر تائين جواب طلب ڪري ورتو.

