سنڌ حڪومت اسڪولن لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيا
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي فيصلي جي روشني ۾ سنڌ جي تعليم کاتي صوبي جي خانگي ۽ سرڪاري اسڪولن لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيا. سنڌ جي تعليم کاتي موجب 12 ورهين کان گھٽ عمر جا شاگرد 50 سيڪڙو حاضري سان اسڪول ايندا. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته 12 ورهين کان وڌيڪ عمر جي شاگردن کي ويڪسين لازمي لڳرائڻي پوندي. تعليم کاتي تعليمي ادارن کي ايس او پيز جو خاص خيال رکڻ جي هدايت به جاري ڪئي آهي.

