خاص

سنڌ حڪومت خالد مقبول کان سيڪيورٽي واپس وٺي ڇڏي

سنڌ حڪومت ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول کان سيڪيورٽي واپس وٺي ڇڏي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي رابطا ڪميٽي مطابق حڪومت سنڌ ڪنوينر ايم ڪيو ايم خالد مقبول کان سيڪيورٽي واپس وٺي ڇڏي آهي جنهن جي شديد مذمت ڪريون ٿا. رابطا ڪميٽي جو چوڻ هو ته خالد مقبول جو ڪراچي جي حقن بابت آواز سنڌ حڪومت کي پسند نه آهي، هن جي سيڪيورٽي واپس وٺڻ معتصبانه فيصلو آهي. رابطا ڪميٽي جو چوڻ هو ته سيڪيورٽي واپس وٺڻ کانپوءِ جيڪڏهن ڪنوينر ايم ڪيو ايم کي ڪو خطرو پهتو ته ان جي سڌي سنئين ذميواري سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت تي هوندي. رابطا ڪميٽي مطالبو ڪيو ته وزيراعظم،۽  گورنر سنڌ، في الفور ڊاڪٽر خالد صديقي جي سيڪيورٽي تي قدم کڻن ۽ سنڌ حڪومت جي معتصبانه قدمن جو نوٽيس ورتو وڃي.