سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ اڄ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي اٺين سالگره ملهائي پئي وڃي
پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئر پرسن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي اڄ 68 هين سالگره ملهائي پئي وڃي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو پهريون ڀيرو 1988ع ۾ ۽ ٻيون ڀيرو 1993ع ۾ پاڪستان جي وزيراعظم چونڊي وئي هئي. پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي وڏي نياڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو 21 جون 1953ع ۾ جنم ورتو. 4 اپريل 1979ع تي پنهنجي پيءُ ذوالفقار علي ڀٽو جي لاڏاڻي کانپوءِ محترمه بينظير ڀٽو 29 سالن جي عمر ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت سنڀالي. 16 نومبر 1988ع تي ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيون ته قومي اسيمبلي ۾ سڀني کان وڌيڪ سيٽون پيپلز پارٽي حاصل ڪيون ۽ بينظير ڀٽو 2 ڊسمبر 1088ع تي 35 سالن جي عمر ۾ ملڪ ۽ اسلامي دنيا جي پهريون عورت وزيراعظم جي طور تي حلف کنيو. بينظير ڀٽو جي حڪومت جو تختو جلد اونڌو ڪيو ويو، پر محترمه کي پاڪستان ۽ عالم اسلام جي ٻه ڀيرا عورت وزيراعظم بنجڻ جو اعزاز حاصل آهي. محترمه بينظير ڀٽو کي 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ هڪ چونڊ جلسي کي خطاب کانپوءِ ان وقت شهيد ڪيو ويو جڏهن هوءَ جلسو ختم ٿيڻ کانپوءِ واپس وڃي رهي هئي. ان کان اڳ جلا وطني ختم ڪرڻ کانپوءِ جڏهن شهيد راڻي 18 آڪٽوبر 2007ع تي ملڪ واپس آئي ته ان تي ڪراچي ۾ حملي جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. تجزيه نگارن جي راءِ موجب بينظير ڀٽو ذوالفقار علي ڀٽو جي صرف ڌيءَ نه پر هن جي بهترين سياسي شاگرد به هئي. هن پنهنجي والد کان جيڪو ڪجهه سکيو هو، عملي سياست ۾ ان تي مڪمل عمل به ڪيو. سياسي تجزيه نگارن موجب ڪرپشن جي الزامن پاڪستان ۾ محترمه جي سياسي ساک کي ڪافي نقصان به پهچايو. پيپلز پارٽي اڳواڻ ئي نه، پر مختلف سياسي پارٽين جا اڳواڻ به بينظير ڀٽو جي سياسي جدوجهد جا حامي آهن.

