سنڌ ڪابينا پاران 37 هزار استادن جون ڀرتيون اين ٽي ايس ذريعي ڪرڻ جو فيصلو، ڪميٽي قائم
سنڌ ڪابينا استادن جي ڀرتين جي حوالي سان 3 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، هاڻ استادن جون ڀرتيون يونين ڪائونسل ۽ تعلقي وائيز ٿينديون، نين ڀرتين بابت سفارشون طلب، سنڌ ڪابينا استادن جي ڀرتين جَي حوالي سان 3 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، بي ايس ايجوڪيشن، بي ايڊ آنرز لاءِ 4 مارڪون، ايم ايڊ لاءِ 2 مارڪون ۽ بي ايڊ پاس ڪرڻ لاءِ هڪ مارڪ هوندي، اهي مارڪون انهن اميدوارن کي ڏنيون وينديون، جيڪي لکت وارو امتحان پاس ڪري چڪا هوندا، استادن جون ڀرتيون اين ٽي ايس ذريعي ٿينديون، سينيئر استادن جون ڀرتيون ايس پي ايس ذريعي ٿينديون، وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس دوران آگاهي ڏني وئي ته سنڌ ۾ پي ايس ٽيز جون 30 هزار ۽ جي ايس ٽيز جون 7 هزار جايون خالي آهن، نثار کهڙو، سردار شاهه ۽ سعيد غني تي ٻڌل ڪميٽي کان نين ڀرتين بابت سفارشون طلب ڪيون ويون آهن. اسڪول ايجوڪيشن کاتي ٿرڊ پارٽي جي ذريعي ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف جي ڀرتي جي پاليسي ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪئي. ڪابينا جي ڪجھ ميمبرن استادن جي مختلف آسامين جنهن ۾ جي ايس ٽي، پي ايس ٽي، ايڇ ايس ٽي ۽ مضمون جي ماھرن تي اعتراض اٿاريو. ڪابينا ميمبرن جو موقف ھو ته صرف ٻه ڪيٽيگريون ھجڻ گھرجن، پرائمري ۽ ثانوي، ڇو ته حڪومت بهترين پگھار جي پيشڪش ڪري رھي آھي، تنهنڪري بهترين استادن يا اعليٰ تعليم يافته استادن کي صرف ٻن عھدن جي پيشڪش سان مقرر ڪيو وڃي ۽ اعليٰ تعليم ۽ غير معمولي اھليت رکندڙ اميدوارن کي ترجيح ڏني ويندي. واضح رھي ته اسڪول ايجوڪيشن کاتي ۾ پرائمري استادن جون 30 ھزار ۽ سيڪنڊري استادن جون 7 ھزار آساميون خالي آھن.

