سنڌ ۾ گذريل 7 مھينن ۾ 76636.738 ملين ٽيڪس وصول ڪيو ويو
ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي ۽ انسداد منشيات واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي. گڏجاڻي ۾ جولاءِ 2021 کان جنوري 2022 تائين جي ٽيڪس وصولي جا تفصيل پيش ڪيا ويا. گڏجاڻي کي بريفنگ ڏيندي ڊائريڪٽر جنرل ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن سنڌ اورنگزيب اڪبر پنھور ٻڌايو ته جولاءِ 2021 کان جنوري 2022 تائين مجموعي طور تي 76636.738 ملين ٽيڪس وصول ڪيو ويو، جڏھن ته مالي سال ۾ انھيءَ عرصي دوران 54408.776 ملين رپيا ٽيڪس وصول ڪيو ويو ھو. ھن وڌيڪ ٻڌايو ته موٽر وھيڪل ٽيڪس جي مد ۾ 6860.898 ملين رپيا، انفرااسٽرڪچرز جي مد ۾ 64144.398 ملين رپيا، پروفيشنل ٽيڪس جي مد ۾ 530.768 ملين رپيا، جڏھن ته ڪاٽن فيس جي مد ۾ 127.134 ملين رپيا، پراپرٽي ٽيڪس جي مد ۾ 1543.899 ملين رپيا ۽ تفريح ڊيوٽي جي مد ۾ 23.681 ملين رپيا ٽيڪس وصول ڪيو ويو. مڪيش ڪمار چاولا چيو ته ٽيڪسز جي وصولي جي مجموعي صورتحال تسلي بخش آھي، جڏھن ته پراپرٽي ٽيڪس جي وصولي تي توجھ ڏيڻ جي ضرورت آھي.

