بلاگخاص

سنگاپور کي ٺاهڻ وارو همراهه قسط: 4

الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”

قسط: 4

سنگاپور کي ٺاهڻ وارو همراهه

“اسان وٽ گهوسٽ اسڪول ۽ ويزا استعمال ڪندڙ ٽيچر آهن. آئون پنهنجي منهن هڪ هڪ ملڪ جو سوچيندو رهان ٿو… ويندي ويٽنام ڪمبوڊيا ۽ آفريڪا جي ڪينيا ۽ يوگنڊا جهڙن ملڪن جو … مون کي ڪٿي به ان قسم جي تعليم جي معاملي ۾ بيدردي نظر نٿي اچي جهڙي سنڌ ۾ نظر اچي ٿي.”

الطاف شيخ

لي ڪئان يو کي ٽي ٻيا به ڀائر هئا جن مان هڪ ڊينس وڪيل ٿيو، ٻيو فريڊي جيڪو بزنس مين ٿيو ۽ ٽيون ڊاڪٽر هو جيڪو سنگاپور ميڊيڪل ڪائونسل جو صدر هوندو هو، کين هڪڙي ڀيڻ مونيڪا هئي. هتي لي ڪئان يو جي ڀائرن ۽ ڀيڻ جا انگريزي نالا پڙهي انهن کي حيرت ٿي هوندي، جيڪي ملائيشيا، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جهڙن ملڪن ۾ نه رهيا آهن. دراصل چين کان ٻاهر رهندڙ ڪيترائي چيني پنهنجي نالي اڳيان جان، فريڊرڪ، ڊيني، جارج جهڙو ڪو انگريزي نالو به رکن ٿا. ويندي لي ڪئان يو جو به ڄمڻ وقت ماءُ پيءُ انگريزي نالو “هئري” رکيو هو، پر پوءِ ڪجهه وڏو ٿيڻ تي لي کي پاڻ تي فالتو ۽ ٻئي ڪلچر جو نالو رکڻ پسند نه آيو ۽ هن هميشه پاڻ کي فقط پنهنجي چيني نالي Lee Kuan Yew سان سڏرايو. هتي اهو به لکندو هلان ته چيني ماڻهن لاءِ سندن ٽن حصن وارا نالا کڻي ڏکيا نٿا لڳن، پر اسان جهڙن ڌارئين لاءِ سخت مونجهارو پيدا ڪن ٿا ۽ ياد رکڻ ڏکيو ڪم ٿيو پوي. ان ڪري اهي چيني جن جو ٻين قومن ۽ ملڪن جي ماڻهن سان وهنوار رهي ٿو اهي “چيني نالي” سان گڏ انگريزي نالو به پاڻ تي رکرائڻ ضروري سمجهن ٿا. اها ڳالهه مون اسان جي سنڌي هندو واپارين ۾ به ڏٺي ته هو پڻ خاص ڪري جاپان جا رهاڪو پنهنجي سنڌي نالي قيمت راءِ، جهٽ پٽ مل، لڇمڻ داس سان گڏ انگريزي يا جاپاني نالو به رکرائين ٿا.

“لي ڪئان يو” جي فيملي سندس پڙ ڏاڏي کان وٺي سنگاپور جي سکين ستابين فيملين مان رهي آهي، پر هڪ اهڙو به ڏڪار جو زمانو اچي ويو، جو هن جي ڏاڏي جي آخري سالن ۾ هو غريب ٿي ويا ۽ لي ڪئان يو جي پيءُ “لي چِن ڪُون” وٽ هڪ ننڍڙو دڪان وڃي بچيو ۽ هو غربت جي زندگي گذارڻ لڳا. لي ڪئان يو جي پڦي “لي چُو نيو” سنگاپور جي پهرين ليڊي ڊاڪٽر هئي.

لي ۽ هن جي زال “ڪوا گيوڪ چو” جي 1950ع ۾ شادي ٿي. هنن ٻنهي جي پهرين ٻولي انگريزي هئي. “لي” چيني ٿي ڪري هن کي چيني نٿي آئي. هن 32 سالن جي ڄمار ۾ 1955ع ۾ چيني ٻولي سکڻ شروع ڪئي. ان کان اڳ ٻي جنگ عظيم ۾ جڏهن چئن سالن لاءِ جاپانين جو سنگاپور ۽ ملائيشيا تي قبضو رهيو ته ٻين وانگر هو به اسڪول ۾ جاپاني پڙهيو ۽ ساڳئي وقت جاپانين وٽ ترجميڪار جي نوڪري به ڪئي.

لي جي زال Kwa Geok Choo سن 2010ع ۾ گذاري وئي. کين ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ آهي. لي جو وڏو پٽ “لي هسين لونگ” جيڪو 1952ع ۾ ڄائو ۽ فوج ۾ برگيڊيئر جي رئنڪ تائين رهيو ۽ پوءِ سياست ۾ آيو. 2004ع ۾ سنگاپور جو وزيراعظم ٿيو. لي جو ٻيو نمبر پٽ Lee Hsien Yang به آرمي ۾ برگيڊيئر هو. هو اڄڪلهه CAAS (سول ايوي ايشن اٿارٽي سنگاپور) جو چيئرمين آهي. لي جي ڌيءَ Lee Wei Ling نيشنل نيورو سائنس انسٽيٽيوٽ جي هيڊ آهي.

لي ڪئان يو 1923ع ۾ جنهن گهر ۾ ڄائو هو اهو اڄ به گهر نمبر 92 ڪمپونگ جاوا روڊ تي موجود آهي. پاڻ پنهنجي يادگيرين واري ڪتاب ۾ لکيو اٿس ته شروع جو سال هو Telok Kurau انگلش اسڪول مان پڙهيو جتي جا سندس ڪلاس ميٽ غريب گهرن جا هئا ۽ ايڏا هوشيار به نه هئا. بعد ۾ “لي ڪئان يو” سنگاپور جي رئفلس انسٽيٽيوٽ ۾ داخلا ورتي. هي اسڪول سنگاپور جو سڀ کان پراڻو اسڪول آهي جيڪو 1823ع ۾ ٺهيو. ڳالهه اها آهي ته هي علائقا… يعني سنگاپور ۽ ملائيشيا وارا بيحد پٺتي پيل هئا. انهن کان اسان جو ننڍو کنڊ وڌيڪ سلجهيل هو… يعني ان مان اندازو لڳايو ته 1819ع ۾ جڏهن رئفلس جيڪو ان وقت انگريز راڄ طرفان جاوا جو گورنر جنرل هو، ملئي سلطان کان سنگاپور ٻيٽ خريد ڪيو ته سنڌ جي ڪچي کان به بدتر هو. سڄو جنگل ڌٻڻ، سئو پيرين ۽ نانگ بلائن سان ڀريل هو. درياهه جي منهن وٽ سئو کن مهاڻن ۽ سامونڊي چورن جون فيمليون رهيون ٿي. انگريزن هن ٻيٽ کي ٺاهيو ۽ اوسي پاسي جا چيني، انڊين ۽ ملئي اچي آباد ٿيا. انهن ۾ گهڻائي اڻ پڙهيلن، غريبن ۽ پورهيتن جي هئي. انگريزن جيئن سنڌ فتح ڪرڻ سان ڏهن سالن اندر ڪراچي ۽ سکر ۾ انگريزي اسڪول کولي ڇڏيا، تيئن هتي به رئفلس انسٽيٽيوٽ 1823ع ۾ يعني پنجن سالن اندر انگريزي تعليم جو بهترين اسڪول کولي ورتو. پوءِ جن چيني، ملئي يا انڊين کي ڳالهه سمجهه ۾ آئي تن پنهنجن ٻارن کي انگريزي تعليم ڏياري جنهنڪري هنن کي وڏي Lead ملي وئي ۽ اڳتي هلي وڏين نوڪرين ۽ عهدن تي پهچي ويا…. خاص ڪري چيني ماڻهو. باقي ملئي مسلمانن ايئن سستي ڪئي جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ پارسي ۽ هندو ته يڪدم انگريزيءَ کي چهٽي ويا، پر سنڌي مسلمان سستيءَ جو مظاهرو ڪيو. ان معاملي ۾ اسان جا سنڌي ملئي مسلمانن کان به سست ثابت ٿيا جو ملئي ماڻهن کي وري به خيال اچي ويو ته انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ ضروري آهي ۽ پنهنجي ملڪ ملايا ۾ انگريزن جي کليل اسڪولن ۾ پنهنجي ٻارن کي داخل ڪرڻ لڳا… نتيجي ۾ اڄ ملائيشيا جي اسيمبلي ۾ ملئي ميمبرن ۽ اسان جي سنڌ اسيمبلي جي سنڌي ميمبرن جي ڀيٽ ڪريو. اسان جا ميمبر اڄ جي دور ۾ به اعليٰ تعليم يافته نه آهن ۽ نه هنن جي ڪا Will ٿي نظر اچي ته سندن علائقن ۾ ٻچو ٻچو تعليم حاصل ڪري. هڪ جاهل ماڻهو اهو ئي چاهيندو ته باقي دنيا به جاهل رهي. ملائيشيا ۽ سنگاپور به ملئي ۽ چيني وڏيرن سان ڀري پئي آهي، پر انهن جا ٻار ڇا ته اعليٰ تعليم يافته آهن ۽ جن پنهنجن هارين نارين، مزدورن پورهيتن جي ٻارن کي به اعليٰ تعليم يافته پروفيشنل بڻائي ڇڏيو آهي. اسان وٽ گهوسٽ اسڪول ۽ ويزا استعمال ڪندڙ ٽيچر آهن. آئون پنهنجي منهن هڪ هڪ ملڪ جو سوچيندو رهان ٿو… ويندي ويٽنام ڪمبوڊيا ۽ آفريڪا جي ڪينيا ۽ يوگنڊا جهڙن ملڪن جو … مون کي ڪٿي به ان قسم جي تعليم جي معاملي ۾ بيدردي نظر نٿي اچي جهڙي سنڌ ۾ نظر اچي ٿي.

مٿي رئفلس جو نالو آيو آهي، سندس سڄو نالو سر ٿامس اسٽئمفورڊ رئفلس هو. توهان کي هن جا مجسما سنگاپور ۾ جتي ڪٿي نظر ايندا. هن جي ئي idea هئي ته سنگاپور جو ٻيٽ حاصل ڪرڻ بعد هن علائقي ۾ انگريزن جي ڊچن ۽ فرينچن کان طاقتور پوزيشن ٿي ويندي. ان ڪري کيس “سنگاپور جو بابو” سڏيو وڃي ٿو، جن لنڊن ڏٺي هوندي ۽ اتي جي چڙيا گهر (Zoo) ۾ ويا هوندا انهن جي ڄاڻ لاءِ اهو به لکندو هلان ته اهو هن همراهه رئفلس ٺهرايو ۽ کيس “فادر آف لنڊن زو” به سڏيو وڃي ٿو. پاڻ 1781ع ۾ ڄائو ۽ 1826ع ۾ هن پاسي مليريا وگهي گذاري ويو. ان وقت تائين اڃان مليريا جو علاج (ڪوئنن جون گوريون) عام نه ٿيو هو. رئفلس جاوا ۽ بينڪولين (انڊونيشيا پاسي وارن علائقن) جو گورنر ٿي رهيو. نيپولي جنگين دوران رئفلس جاوا ٻيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڊچ ۽ فرينچ مليٽري سان مقابلا ڪيا. ان بابت هن پنهنجي ڪتاب The History of Java ۾ تفصيل سان لکيو آهي.

“لي ڪئان يو” جونيئر ڪئمبرج دوران يعني ميٽرڪ دوران ڪافي محنت ڪئي. هو نه فقط پڙهائي ۾ ذهين هو، پر سٺو ڊبيٽر ۽ رانديگر پڻ هو… خاص ڪري ڪرڪيٽ، ٽينس ۽ شطرنج (Chess) جو سٺو رانديگر هو. کيس وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ رئفلس ڪاليج ۾ اسڪالرشپ سان گڏ داخلا ملي. هي ڪاليج اڄ نيشنل يونيورسٽي آف سنگاپور آهي. گذريل دفعي هن يونيورسٽي ۾ ليڪچر لاءِ ويس ته فارين اسٽوڊنٽس ۾ پاڪستان جا به ڪيترائي شاگرد هئا… خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙي جا. لي سڄي سنگاپور ۽ ملايا جي ٽاپ شاگردن مان هڪ هو. ٻي جنگ عظيم ۽ سنگاپور تي جاپانين جي قبضي سبب ليءَ جي 1942ع کان 1945ع تائين يونيورسٽي تعليم ۾ رخنو پئجي ويو. لي هنن سالن ۾ جاپاني سکي “شمودا” نالي هڪ امپورٽ ڪمپني ۾ ڪلارڪ ٿي نوڪري ڪئي. گهر جي خرچ جو پورائو ڪرڻ لاءِ هن دوستن سان گڏجي گهر ۾ کونئر (Glue) ٺاهي ڪتابن جي دڪانن تي “Stik Fas” جي نالي سان وڪيو. …(هلندڙ)…