سُئيڊش عورت جي سوچ.
الطاف شيخ جي سفر نامي “وسي وڏ ڦڙو” مان کنيل
سُئيڊش عورت جي سوچ
الطاف شيخ
ڪئناڊا، آمريڪا، انگلينڊ، سوئٽزرلينڊ، سعودي عرب، ڪوويت ۽ ٻيا ڪيترائي ملڪ پنهنجي شهرين جو خيال ڪن ٿا ۽ کين مفت ميڊيڪل، بنيادي تعليم جو خرچ، بيروزگاري جو الائونس ۽ يا ٻيا ڪي فائدا پهچائين ٿا، پر منهنجي نظرن ۾صحيح معنيٰ ۾ فلاحي (ويلفيئر) اسٽيٽ يا ملڪ فقط سئيڊن آهي جنهن ۾ مونکي تعليم حاصل ڪرڻ کان علاوه ڪيترائي دفعا جهاز کي به وٺي وڃڻو پيو.
سُئيڊن هڪ اهڙو سکيو ستابو ملڪ آهي جنهن جي اڳيان انگلينڊ، فرانس، جرمني ۽ اٽليءَ جهڙا ملڪ به مسڪين آهن. سُئيڊن هڪ چڱو وڏو ملڪ آهي جنهن جي مقابلي ۾ ان جي آدمشماري تمام گهٽ آهي. جبلن ۾ ڌاتو ۽ ڌرتي هيٺ تيل به موجود آهي، سڄو ملڪ Oak وڻن جو ٻيلو آهي جن جي ڪاٺ مان بهترين فرنيچر ۽ پنو ٺهي ٿو. نوڪري پيشي وارن، ڪارخانيدارن ۽ بزنس ڪندڙن کان تمام گهڻو ٽئڪس ورتو وڃي ٿو سو سرڪار جا خزانا خالي ٿيڻ بدران اٿلن ٿا. ان ڪري سُئيڊن ۾ سرڪار طرفان شهرين کي ميڊيڪل ۽ تعليم کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي سهولتون ملن ٿيون. ڪو بيروزگار آهي ته هن کي حڪومت طرفان ايترو خرچ (جنهن کي اسان جا ايشيائي وطن ڇڏي سُئيڊن ۾ رهڻ وارا “سوشل” سڏين ٿا) مليو وڃي جو هن جي هڪ ڪمري جي فليٽ جي مسواڙ، لائيٽ ۽ پاڻي جو بل ۽ کاڌو پيتو ٿيو وڃي. ٻار جي ڄمڻ کان وٺي مرڻ تي دفن ڪفن جو بندوبست سرڪار ٿي ڪري. بلڪه ڄمڻ کان نه پر ماءُ جي پيٽ ۾ سرجڻ تي ان ٻار جو وظيفو شروع ٿيو وڃي، جيڪو 18 سالن تائين ماءُ پيءُ کي ملي ٿو. ان بعد ان ٻار کي جيستائين نوڪري ملي تيستائين سرڪار طرفان “بيروزگاري الائونس” ملندو رهي ٿو، پر اهو آهي ته ڪنهن ٻار جو سيءَ ۾ صحيح طرح گرم ڪپڙا نه پائڻ تي اسڪول جي ٽيچر جي شڪايت تي ان ٻار جي والدين کان پڇاڻو ۽ سزا ملي ٿي ته هو ٻار لاءِ ملندڙ خرچ کي صحيح طرح ڇو نٿا استعمال ڪن. ماءُ پيءُ کي ان ڪري به سزا ملي سگهي ٿي جيڪڏهن ٻار پنهنجي ٽيچر کي ٻڌائي يا ڪو پاڙي وارو پوليس کي شڪايت ڪري ته ٻار جي ماءُ يا پيءُ هن کي دڙڪا ڏئي ٿو يا ماري ٿو. سچ ته اهو آهي ته ٻار ڄڻي سو ماءُ ٿي، پر آهي سرڪار جو. ڇو جو سرڪار ان تي وڏو خرچ ڪري ٿي. ٻار جو الائونس ايترو ته ملي ٿو جو ٻار جو هر خرچ پورو ڪرڻ بعد به ڪيترو پئسو مائٽن کي ڦٻجي ٿو. ان کان علاوه بيروزگاري الائونس نه فقط مردن کي پر زالن کي به ملي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪا زال طلاق وٺي ٿي ته اها سڀ ۾ امير ٿيو وڃي جو هن کي هڪ طرف مڙس کان خرچ ملي ٿو ته ٻئي طرف سرڪار کان طلاق جو الائونس ملي ٿو. شايد اهو ئي سبب هجي جو سُئيڊن ۾ طلاق تمام عام آهي. پهرين ڳالهه ته سُئيڊن جي ڇوڪري شاديءَ کان پاسو ڪري ٿي. ائين ڪڏهن ڪنهن بواءِ فرينڊ سان ته ڪڏهن ڪنهن بواءِ فرينڊ سان رهي پئي هوندي (جيڪا ڳالهه هِتي قانوني سمجهي وڃي ٿي) پر پوءِ جي شادي جي رسم ملهائڻ جو شوق ٿيو ۽ شادي رجسٽرڊ ڪرائي ته گهڻو ڪري سال اندر ئي طلاق ٿي ويندي. بهرحال ٻنهي صورتن ۾ زال مڙس جي ڪوشش اها رهي ٿي ته ٻار نه ٿئي ته سٺو. هونئن ڏٺو وڃي ته نفسياتي طرح هو ٻار لاءِ ڇو سوچين! اسان جي ماحول ۽ معاشري ۾ ته اهو سوچيو وڃي ٿو ته جيئن ٻار وڏو ٿي پنهنجن پوڙهن والدين جي خدمت ڪري، پر سُئيڊن ۾ اهو خدمت جو ڪم به سرڪار حوالي آهي. هر شهر ۾ “اولڊ هائوسز” آهن جن ۾ ملڪ جا رٽائرڊ ۽ پوڙها ماڻهو مفت ۾ رهي سگهن ٿا جن جي کاڌي پيتي کان دوا درمل جو خيال اتي جون نرسون ڪن ٿيون. مَري وڃڻ تي ڪفن دفن واري کاتي جا ماڻهو ڪاري ڪمپليٽ سوٽ ۽ ڪاري ٽاءِ ۾ اچي هن کي هن جي مذهب ۽ وصيت مطابق رسمون ۽ ساڻ سوٽ ڪري درگور ڪريو وڃن. هونئن به ڪنهن جو ٻار پوءِ چاهي اهو پٽ هجي يا ڌيءَ جيئن ئي 18 سالن جي ٿئي ٿي ته ماءُ پيءُ کي باءِ باءِ ڪري سرڪار کان حاصل ڪيل الڳ فليٽ ۾ وڃو رهي جيئن هو يا هوءَ رات جو دير سان موٽڻ يا بواءِ فرينڊ سان رات گذارڻ ۾ آزادي محسوس ڪري سگهي. سو اهڙي تناظر ۾ سُئيڊن جي ماڻهن ۾ اها Feeling ئي نه آهي ته ٻار ٿين جيڪي وڏا ٿي ماءُ پيءُ جي خدمت ڪن يا ماءُ پيءُ انهن جي شاديءَ جا ڪاڄ ڪري آسيس حاصل ڪن. بلڪه هر زال ان چڪر ۾ هوندي آهي ته ٻار نه ٿئي ته سٺو. اهوئي سبب آهي جو اهڙن ملڪن جي آدمشماري وڌڻ بدران وڃي پئي گهٽجندي. زال يا مڙس کي ٻار جو جي گهڻو شوق ٿيندو ته کڻي هڪ يا وڌ ۾ وڌ ٻه پيدا ڪندا نه ته ڪوشش اها ئي ڪندا ته آفريڪا جي ڪنهن ملڪ مان ڪو ڪارو ٻار يا ٿائلينڊ ۽ هندستان جي تامل ناڊو رياست جو ڪو يتيم ٻار حاصل ڪري ان کي پالجي. جنهن سلسلي ۾ آئون سُئيڊن جي سفر نامن ۾ لکي چڪو آهيان ته سُئيڊن جي اخبارن ۾ اهڙا اشتهار عام ايندا رهن ٿا. ويندي شپ يارڊ ۽ ڪارخانن جي نوٽيس بورڊن تي به ڪيترن ملڪن جي والدين جا خط نظر اچن ٿا ته هو غربت ڪري يا وڏي عيال ڪري اسان پنهنجو ٻار ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. اهو ئي سبب آهي جو سُئيڊن جا ماڻهو جيڪي رنگ جا تمام گهڻو سفيد آهن، پر سندن ڪنهن ڪنهن جوڙي سان گڏ توهان کي شيدي، سري لنڪن، انڊين يا ٿائي رنگن ۽ نقشن جو ٻار نظر ايندو.

بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سُئيڊن جي عورتن کي ٻار ڄڻڻ کان ٻَرو چڙهي ٿو پر تقريبن هر سُئيڊ ڇوڪريءَ سان گڏ هڪ بگھڙ جهڙو ڪتو ضرور هوندو جنهن کي هوءَ موتين واري سهڻي پٽي ذريعي پاڻ سان جِتي ڪٿي ڇڪينديون وتنديون، پر جي اهو ڪتو ننڍي سائز جو آهي ته کيس ڀاڪر ۾ کڻي يا سائيڪل تي ويهاري شهر جو سير ڪرائينديون. سُئيڊن ۾ بس جي ٽڪيٽ تمام ڳري آهي، پر ڪتي کي سيءَ کان بچائڻ خاطر پاڻ سان گڏ هن جي به ٽڪيٽ خريد ڪري پنهنجي ڀرسان هيٽر لڳل سيٽ تي وهارينديون. سخت سيءَ ۾ به پنهنجي ننڊ ڦٽائي منهن اونداهيءَ ۾ کين ڪنهن پارڪ ۾ واڪ ڪرائي، هنگائي مُٽائي پوءِ گهر اچي کين وهنجارڻ لاءِ اهي اعليٰ قسم جا صابڻ ۽ شيمپو استعمال ڪنديون جيڪي اسان وٽ ڏهن فلمي اداڪارائن ۾ ڪا هڪ خوش نصيب ڪندي هوندي.

ڪتن کان منهنجي دل ۾ ننڍي هوندي کان خوف ويٺل آهي. هِتي جا ماڻهو پنهنجي دوست کي کيڪارڻ کان اڳ سندس ڪُتي جي ڪنڌ تي هٿ ڦيري هن سان پيار جو اظهار ڪن ٿا ۽ اها نه فقط سُئيڊن پر سڄي يورپ جي ريت ۽ سٺي اخلاق جي ڳالهه سمجھي وڃي ٿي. سُئيڊن ۾ رهائش دوران گس پنڌ تي ڪنهن مڪاني سُئيڊ پاڙي واري يا ڪنهن پروفيسرياڻي کي به ڪتي سان گڏ ڏسندو هئس ته هن کي کيڪارڻ بدران پاسو مٽائي ويندو هئس. بس اسٽاپ تي ڪنهن ڇوڪريءَ کي ڪتي سان گڏ ڏسندو هئس ته ترسي پوندو هئس جيسين اها ڇوڪري بس ۾ هلي وڃي… جيتوڻيڪ ڪُتي سان گڏ سفر ڪرڻ واري کي پهرين ٻين کي بس ۾ گهڙڻ جو موقعو ڏيڻو پوندو آهي، پر سُئيڊن جي سخت سيءَ ۽ ٿڌي هوا ۾ قطار ۾ اڳيان بيٺل هجڻ جي باوجود پاسي تي ٿي بيهندو آهيان. جيسين اها ڪتي واري يا ٻيون جن سان گڏ ڪتا آهن اهي هلي ويهن. هونئن اهڙي سيءَ ۾ هرڪو اهو ئي چاهي ٿو ته سڀ کان اڳ گرم بس ۾ گهڙي وڃجي، پر مون کي اهو خوف هوندو آهي ته ڪٿي منهنجي ڀرسان يا منهنجي ڀر واري سيٽ تي اها ڪتي واري ڇوڪري نه اچي ويهي… ان ڪري آئون آخر ۾ بس ۾ گهڙي ان سيٽ تي ويهندو آهيان جيڪا ڪُتي واريءَ کان پري هجي. هونئن ته يونيورسٽي وارن ڏينهن ۾ اسان سڀني، هِتي جي مڪاني ڇوڪرين کي سر اکين تي ويهارڻ چاهيو ٿي، پر نڀاڳين جي ڪتن جو ڇا ڪجي! يمن جي بندرگاهه جو هڪ انجنيئر مُبارڪ نالي منهنجو ڪلاس ميٽ مون کي هر وقت چوندو هو ته “برادر هتي جي ڪتن کان ڊڄڻ هرگز نه کپي. اهڙي ٿڌ ۾ هنن کان ته ڀونڪيو به نٿو ٿئي. ٿڌ هر شيءِ کي هيڻو ڪريو ڇڏي.” واقعي حق جي ڳالهه ڪجي ٻه سال سُئيڊن ۾ رهڻ دوران ڪتا ته گهڻائي ڏٺاسين، پر ڪنهن کي نه ڀونڪندو ٻڌوسين ۽ نه وري ڪنهن ڪتي کي ڪنهن کي چڪ هڻندي ڏٺوسين. اکين سان ته ڇا، پر ڪڏهن اخبار به نه پڙهيوسين ته مالمو يا اسٽاڪ هوم جهڙي شهر ۾ ڪنهن ڪتي ڌارئين کي ڏاڙهيو. اسان ته رڳو اهو ڏٺو ته فلم ايڪٽريسين جهڙيون سهڻيون ڇوڪريون رستي تان پنهنجي ڪتي جو گونهه ميڙينديون وتن. ياد رهي ته سُئيڊن ۾ ڪتن جي هنگڻ مُٽڻ لاءِ الڳ پارڪ ۽ پلاٽ ٺهيل آهن. مارڪيٽ، بازار يا بس اسٽاپ تي ايمرجنسي جي حالت ۾ ڪُتي جي مالڪ يا مالڪڻ جو فرض آهي ته رومال ڪڍي ان کي صاف ڪَري ۽ پاڻ سان کڻي هلندڙ پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ داخل ڪري اها ٿيلهي ڪچري جي دٻي ۾ اڇلائي. سُئيڊن ۾ هر گهٽيءَ جي ڪنڊ تي توهان کي ڪچري لاءِ ٻه بالٽيون نظر اينديون جن مان هڪ ڍڪ واري جنهن جي ٻاهران ڪُتي جي شڪل ٺهيل آهي اها ان ڪم لاءِ آهي.

چون ٿا ته ڪُتو انسان جو دوست آهي. اهو ضرور انسان جو دوست هوندو، پر گهٽ ۾ گهٽ سُئيڊن ۾ ته مون کي هي وڏو رئيس ٿو لڳي جنهن جون پالڻ واريون سڄو ڏينهن هن جي خدمت ٿيون ڪن، پر کانئن (يعني نواب ڪتن کان) اهو نٿو پڄي ته اسان جهڙن ڌارين کي ڏسي کڻي ڪا ڀئونڪار ڪن. اها دوستي ته نه چئبي! ان تان مون کي هڪ چرچو ياد اچي رهيو آهي جيڪو ان حقيقت تي آهي ته ڪتو ۽ گهوڙو انسان جا سٺا دوست مڃيا وڃن ٿا، پر هڪ گهوڙي جي مالڪ پنهنجي ڏک جو اظهار دوست سان ڪندي چيو ته “ادا اسان جو ته گهوڙو به نڪمو نڪتو.”
“ڪيئن ڀلا؟” دوست پڇيس.
“هڪ دفعي مٿس سواري ڪندي ڪري پيس ۽ سخت سور کان چُري پُري به نه پئي سگهيس. منهنجي گهوڙي مون کي پنهنجي چڪ ۾ کڻي اچي ڊاڪٽر وٽ ڦٽو ڪيو.”
“اهو ڪم ته هن تمام سُٺو ڪيو جو ترت علاج لاءِ توکي ڊاڪٽر وٽ وٺي آيو.”. دوست حيرت مان چيس.
“پر ذليل خبر اٿئي ڪهڙي ڊاڪٽر وٽ وٺي آيو؟”
“آرٿوپيڊڪ سرجن وٽ؟” دوست پڇيس.
“نه. ڊاڪٽر ڍور (جانورن جي ڊاڪٽر) وٽ.”
سو سُئيڊن ۾ مون سان گڏ پڙهندڙ منهنجو بنگالي ڪلاس ميٽ هتي جي ڪتن… يا شايد هتي جي حسينائن جا هي حال ڏسي حيرت مان چوندو هو: “يار سُئيڊن جي ڇوڪرين جا پئسا بينڪ ۾، ڳهه ڳٺو پائين ڪونه. عصمت بچائڻ جهڙا جملا فلمن ۾ به نٿا ٻڌجن جو هِتي جي سوسائِٽي Sex-Free سڏجي ٿي… باقي ڪُتا ڪهڙي حفاظت لاءِ رکن ٿيون؟!
اسان جو پاڪستاني دوست سليم قاسم اها ڳالهه ٻڌي پنهنجو تڪيو ڪلام ورجائيندو هو ته: “بابا شوق از اي شوق! ضروري ناهي ته هر ڳالهه جو ڪو فائدو هجي.”
سيد عطا حسين موسوي صاحب پنهنجي ڪِتاب “ڪچ ڪوڏيون” ۾ لکي ٿو ته “ڪيترا ماڻهو ڪتو ڌارڻ زماني بازيءَ جي ضرورت سمجھن ٿا. هر فيشن پرست ماڻهو ڪُتي کي ضرور رکي ٿو جيئن هن کي شامَ جي وقت پاڻ سان گهمائي. ڪُتو نفيس ۽ نازڪ بدن لاءِ زيب ۽ زينت آهي.”
ايراني شاعر حافظ هڪ ڏينهن پنهنجي محبوب کي عرض ڪيو ته “تون ڪتي کي پاڻ سان وٺي وئين، پر مون کي وساري وئين!” يعني عاشق، معشوق جي ڪُتي ٿيڻ ۾ به عيب نٿو سمجھي. ڇاڪاڻ ته معشوق ڪنهن وقت ڪُتي کي ڌڪ هڻندو ته ڪنهن وقت مشڪي پٺي به ٺپريندو…” پر حافظ کي اها ڄاڻ نه هئي ته سُئيڊن ۾ ڪنهن ڪتي يا جانور کي مارڻ سخت ڏوهه جو ڪم آهي.
ڪنهن شاعر ڪُتي کي پٽو ڳچيءَ ۾ ڏسي چيو آهي: “اهڙو ڳٽ غلاميءَ جو جيڪر منهنجي ڳچيءَ ۾ نه وجھين ها.” ڪهڙو نه عاشق آسائو ٿي چيو آهي! شاهه صاحب پڻ فرمائي ٿو: “ٻانڀڻ ٿي ٻوٽيون ته ڪتا کينئي ڪيچ جا.”
اهڙيءَ طرح مجنون به ليليٰ جي ڪُتي کي چمندو هو، جو اهو معشوق جي در تان ايندو هو، پر سُئيڊن ۾ رهي اسان ته هميشه معشوقائن کي پنهنجن ڪُتن کي ڀاڪر پائيندو ۽ چمندو ڏٺو. هڪ سُئيڊش نوجوان عورت کي ڪُتي کي ڪڇ ۾ کڻي رستو ٽپندو ڏسي اسان جي هڪ ٻئي پاڪستاني ڪلاس ميٽ چيو هو: “هِتي جون عورتون ڪتا پالين ٿيون باقي ٻارن ڄڻڻ کان ٻرو ٿو چڙهين.”
“ڇو ڀلا؟” مون پڇيو هئومانس.
“ان ڪري جو ڪُتي پالڻ ۾ اها تڪليف ناهي جيڪا ٻار ڄڻڻ ۽ نپائڻ ۾ آهي. ڪُتو ته مارڪيٽ ۾ ان ئي وقت پئسا ڏئي وٺي سگهجي ٿو، پر ٻار کي ته نوَ مهينا پيٽ ۾ سانڍڻو پوي ٿو. ان بعد ويم جا سور ۽ پوءِ نيپاج پٺيان اوجاڳا ۽ خواري. ظاهري توڙي اندروني طرح عورت جي سونهن ئي ختم ٿيو وڃي. هِتي جون عورتون ڪڏهن به نٿيون چاهين ته هنن جي سماجي زندگي اثر انداز ٿئي ۽ ٻار خاطر گهڻو وقت گهر ۾ گذارڻو پوي. هِتي جون عورتون هالي ووڊ جي هيروئنن وانگر سنهڙيون، سهڻيون ۽ سمارٽ ٿي هلڻ چاهين ٿيون. هو هرگز نٿيون چاهين ته نو مهينا ڍُڍڙي ڪڍي هلجي ۽ ٻار ڄمڻ بعد اوجاڳا ڪري هن کي ٿڃ پياري پنهنجيون ڇاتيون پينگهون بنائجن.”

