سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ڪيس ۾ 11 صفحن جو مختصر فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي

سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ڪيس ۾ 11 صفحن جو مختصر فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس خارج ڪندي سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي روڪي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ صدارتي ريفرنس تي جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس پڻ رد ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ايف بي آر کي هدايت ڪئي آهي ته قاضي فائز عيسى جي خاندان جي ملڪيت جو معائنو ڪري 75 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي. جمعي تي سپريم ڪورٽ طرفان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ڪيس ۾ 11 صفحن جو مختصر فيصلو جاري ڪيو ويو آهي. عدالت جي مختصر فيصلي چيو ته 7 ڏينهن اندر ٽيڪس ڪمشنر جسٽس قاضي فائز جي زال ۽ ٻارن کي سرڪاري رهائشي ايڊريس تي نوٽيس جاري ڪندي، خاندان کي لنڊن جي ٽن جائيدادن جي ذريعن کان ڌار ڌار وضاحت طلب ڪئي ويندي جنهن تي خاندان مناسب رڪارڊ سان گڏ ڪنهن عذر کانسواءِ موصول ٿيندڙ اطلاعن جو جواب پڻ ڏيندو، جواب موصول ٿيڻ کانپوءِ ڪمشنر ان لينڊ روينيو فيملي کي به ذاتي طور ٻڌندو. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو خاندان جو ڪنهن به صورت ۾ ٻاهر رهڻ جي ڪري ڪارروائي ۾ دير نه ڪئي ويندي. ايف بي آر پاران دستخط ٿيل رپورٽ جي صورت ۾ چيئرمين ان کي سپريم جڊيشل ڪائونسل ڏانهن موڪلي ڇڏيندو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن جج فائز عيسيٰ جو خاندان ٽيڪس ڪمشنر جي فيصلي سان راضي نه ٿيو، اهي قانون موجب اپيل ڪري سگهن ٿا. بهرحال ٽيڪس ڪمشنر جي فيصلي خلاف خاندان جي اپيل سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي تي اثر انداز نه ٿيندي.
