خاص

شوڪت ترين جا نامزدگي ڪاغذ اليڪشن ٽربيونل ۾ چئلينج

خيبر پختونخواهه مان سينيٽ جي خالي ٿيل سيٽ تي چونڊ لاءِ ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين جا نامزدگي ڪاغذ اليڪشن ٽربيونل ۾ چئلينج ڪيا ويا آهن. عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جي اميدوار امير زاده طرفان نامزدگي ڪاغذن کي چئلينج ڪيو ويو آهي، اي اين پي اميدوار امير زاده رٽرننگ آفيسر جي فيصلي کي چئلينج ڪندي موقف اختيار ڪيو ته شوڪت ترين مردان جو رهواسي ناهي ۽ هو ووٽر لسٽ ۾ رجسٽرڊ به ناهي، جڏهن ته نامزدگي ڪاغذن سان جڙيل اليڪٽورل جمع آهي، اهو به تصديق ٿيل ناهي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته شوڪت ترين مردان جو ووٽر ئي نه آهي ته پوءِ هو ان تڪ تان سينيٽ جي سيٽ تي ڪيئن چونڊ وڙهي سگهي ٿو. تنهنڪري رٽرننگ آفيسر پاران شوڪت ترين جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪرڻ واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف شوڪت ترين کي سينيٽر بڻائڻ لاءِ ايوب آفريدي کان استعيفيٰ ورتي هئي.