بلاگ

غلام رباني آگرو جي ادبي خدمتن جو مختصر جائزو ذوالفقار علي جلباڻي

سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جي علمي، ادبي، تاريخي، ثقافتي، جاگرافيائي ۽ تمدني مطالعي مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي خطو تاريخي لحاظ وڏي علمي وسعت رکي ٿو. تاريخ جي روشنيءَ ۾ ڏسنداسين ته هتان جي ڳوٺن، شهرن، وستين ۽ واهڻن مان ڪيترن ئي عالمن جون علمي ۽ ادبي خدمتون پنهنجي قوم لاءِ مشعل راھ بڻيون آهن. هتان جي هر قبيلي جي عالمن ۽ اديبن جي تاريخ جا قصا ۽ روايتون مشهور آهن. انهن قبيلن مان آگرا قبيلي کي اها هڪ خاص اهميت حاصل آهي جو سندن خاندان مان ڪيترائي فرد هن خطي ۾ علم جي محلاتن جا شاهي مينار ٿيا. جهڙوڪ: مخدوم عبدالله، مخدوم محمد دائود آگرو ۽ غلام رباني آگرو. جيئن ته رباني صاحب هڪ ڳوٺاڻي ۽ وچولي طبقي جو ٻار هو اُن پنهنجي مسلسل جدوجهد سان سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ وڏي مڃتا ماڻي.

ڊاڪٽر غلام محمد لاکو لکي ٿو ته: “پاڪستان جي ورهاڱي کانپوءِ ساهتي علائقي (موجوده ضلعو نوشهرو فيروز)، ادبي دنيا جي حوالي سان ٽي وڏا نالا پيدا ڪيا. ڊاڪٽر نجم عباسي جنهن 25 آڪٽوبر 1995ع تي وفات ڪئي. غلام رباني آگرو جنهن 18 جنوري 2010ع تي (77) سالن جي ڄمار ۾ هن فاني جهان ڇڏيو. ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي صاحب، جنهن (76) سالن جي عمر ۾ 15 مارچ تي دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيو.” (ٽماهي “مهراڻ”، نمبر 2، 2010ع، ص: 168).

هت انهيءَ ڳالھ جي به وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته ساهتي پرڳڻي ۾، ٻيا به ڪيترائي عالم، اديب، شاعر ۽ محقق ۽ نقاد پيدا ٿيا آهن جن جي هڪ وڏي لسٽ آهي. مذڪوره ٽنهي عالمن جو تعلق تعلقي ڪنڍياري سان آهي ۽ ٻن عالمن جو تعلق خانواهڻ شهر سان آهي ۽ غلام رباني آگرو جو تعلق خانواهڻ جي الهندي طرف تقريبن، ڇهن ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي ڳوٺ محمد خان آگرو سان آهي. هڪڙي اهم ڳالھ هي به آهي ته ٽنهي اديبن جا والد استاد جهڙي عظيم پيشي سان تعلق رکندا هئا ۽ ٽنهي استادن، استاد الهندو خان عباسي، استاد محمد يعقوب قريشي ۽ استاد عبداللطيف آگرو جا پاڻ ۾ دوستي وارا مراسم هئا. جيئن ته هن تحقيق جو تعلق غلام رباني آگرو جي ادبي تحقيق سان آهي. هت هيٺ انهيءَ ڳالھ جو تحقيقي جائزو پيش ڪجي ٿو:

هن تحقيق جي مقصد ۾ جيڪو موضوع متعين ٿيل آهي انهيءَ جي روشني ۾ غلام رباني آگرو جي افسانوي ادب ۾ ڪيل تخليقي عمل کي ڏسنداسين ته غلام رباني آگرو جيڪو بنيادي طور ڪهاڻيڪار هو ۽ ان کان علاوه سندس ٻيا پهلو به آهن جنهن ۾ هُو هڪ مترجم، خاڪا نگار، سوانح نگار، تذڪره نگار ۽ سفر نويس ڪي علم ۽ ادب بابت انٽرويو، خط، تقريرون، ڊائريون، ادارن جا احوال، ادارن جون خدمتون مطلب هر قسم جون علمي ادبي خدمتون ساراهڻ جوڳيون آهن. ربانيءَ جي تحريرن ۾ اعتقادي مسئلا اخلاقي هدايتون، عبرت، تنقيد، دليل، تاريخي ۽ نيم تاريخي قصا، ماضيءَ جا حقائق، آثار ڪائنات، اشارن ۽ ڪناين کان علاوه گفتا لفظ صاف ۽ چٽا بيان ڪيل آهن.

اسين هيٺ “ساهتي” پرڳڻي جي نامياري عالم، سنڌي ٻوليءَ جي ڀلوڙ نثر نگار غلام رباني آگرو جي ادبي خدمتن جو مختصر جائزو وٺون ٿا:

“آب حيات” ڪهاڻين جو مجموعو. هي غلام رباني آگرو جي شاهڪار تصنيف آهي جنهن ۾ ٽيويھ ئي ڪهاڻيون تخليقي ادب جو بي مثال نمونو آهن. هن ڪتاب ۾ غلام رباني آگرو پنهنجي ابتدائي ادبي زندگي يعني سال 1953ع کان 1960ع تائين جيڪي ڪهاڻيون لکيون، تن جي جائزي مان معلوم ٿئي ٿو، ته انهن ابتدائي ڪهاڻين ۾ ٻهراڙي جي ٻولي ۽ رنگ ڍنگ ۽ ماحول نظر اچي ٿو. هن ڪتاب جي آخري حصي واريون پنج ڪهاڻيون لهرن لک لباس، خواب، صبح ازل، همسفر، جن مان شهري زندگي نظر اچي ٿي ۽ آخري ڪهاڻي “محمد موچيءَ جو حج” انساني خدمتن تي لکيل هڪ بهترين ڪهاڻي آهي. هن ڪتاب جي جائزي دوران جا ڳالھ محسوس ڪئي وئي ته غلام رباني آگرو سنڌي زبان ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي. ڪهاڻين ۾ وک وک تي فلسفياڻيون ڳالهيون، مثال، اصطلاح، پهاڪا، چوڻيون ۽ ورجيسون جيڪي ڪهاڻين ۾ ڪردارن کان چورايا ويا آهن سي دل ۽ دماغ کي موهي ٿا وجهن ۽ ڪردارن جي مُنهن تي سونهن ٿا. ٻئي طرف سماجي نظام جي اوچ نيچ واري طبقي جي سوچ کي ظاهر ڪيو ويو آهي. غلام رباني آگرو جي ڪهاڻي جو عنوان آهي “بري هن ڀنڀور ۾” جنهن ۾ عيسيٰ جو مکيه ڪردار آهي جنهن جا ڏک دل کي اهڙو ته جهٻو رسائين ٿا جو اکڙين مان ڳوڙها بي اختيار ڪِرِي ٿا پون. مذڪوره ڪهاڻي جي ايڏي وڏي اهميت آهي جو هن ڪهاڻيءَ کي انگريزي، هندي، چيني ۽ ٻين زبانن ۾ ترجمو ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف جڏهن ڪهاڻي “آبِ حيات” پڙهجي ٿي ته زندگي ۽ موت جو مقصد اڳيان اچي وڃي ٿو ۽ شهزادي مهراڻ جي ڪردار جي وسيلي مرڻ ۽ جيئڻ جي مقصد کي سمجهايو ويو آهي. جڏهن وري “محمد موچي جو حج” ڪهاڻي پڙهجي ٿي ته اسان کي حج ڪرڻ جو حقيقي فلسفو ۽ مقصد آڏو اچي وڃي ٿو. هن ڪتاب ۾ سموريون ڪهاڻيون پنهنجي پنهنجي اهميت رکن ٿيون. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 1960ع ۾ شايع ٿيو هو ۽ ان کانپوءِ سن 2011ع ۾ “آب حيات، ڪهاڻي-ڪليات” جي نالي سان روشني پبليڪيشن شايع ڪيو آهي. وري جڏهن غلام رباني آگرو جو ڪتاب “جهڙا گل گلاب جا” مطالعو ڪجي ٿو ته ڪتاب جي ٻنهي حصن ۾ امر ڪردارن جي چونڊ ڪئي وئي آهي.

“جهڙا گل گلاب جا” پهريون ۽ ٻيو حصو جن ۾ غلام رباني آگرو پاڪستان جي سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي ٽيويھ شخصيتن جا يادگيرا، تذڪره، سوانح عمريون ۽ خاڪا پيش ڪيا آهن. پهرين حصي جو مقدمو صفحي 11 کان 88 صفحي تائين ڦهليل آهي. مقدمو ڇا آهي؟ هڪ سنڌي ادب جي ميدان جو لازوال مقدمو آهي جنهن ۾ اهڙو ته رنگ ڀريو ويو آهي جو سموري مقدمي پڙهڻ کانسواءِ قاري رهي نه سگهندو. ڇاڪاڻ جو هن مقدمي ۾ رامائڻ تلسي، راوڻ جو سيتا کي اغوا ڪري وڃڻ، رام ۽ لڇمڻ جي سندس ڳولا ۾ نڪرڻ، کان ويندي غلام رباني آگرو پنهنجا مشاهدا ۽ تجربا بيان ڪري انهن ڪردارن جي ڪار گذارين مان مثال کنيا آهن. دانائن ۽ دشمنن، بادشاهن، شاعرن جي شاعري، درسي ڪتابن جون ڳالهيون، اوهينري جي افساني عيسيٰ ۽ شيطان مان مثال ڏنا ويا آهن. پهاڪا چوڻيون، سائنس، ادب ۽ روح جون ڳالهيون ذڪر هيٺ آنديون ويون آهن. هن مقدمي جي مواد ۾ اهڙي ته رس چس رکي وئي آهي جو هن مقدمي ۾ رڳو سنڌي بيتن مان مثال نه ڏنا ويا آهن، پر البرٽ آئنسٽائين جي ڪن ڳالهين جا مثال ڏنا ويا آهن. مها ڀاري لڙائي ۾ آمريڪين جاپانين مٿان جيڪي بم ڪيرايا تن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ابن خلدون، عيسائي مذهب ۽ ان جي پوئلڳن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. انسانن جي رنگ نسل، قوم، ذات، زبان، مذهب، ثقافت جي تفاوتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. پيغمبر حضرت محمد ﷺ جي اخلاق مبارڪ جا مثال ڏنا ويا آهن. انصاف بابت ٻڌايو ويو آهي ته انصاف معنيٰ حق ۽ ناحق جي وچ ۾ ليڪو ڪڍڻ. مصر جي راڻي قلو پطره پنهنجي ڀاءُ سان شادي ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ ان کي مارائي ڇڏيائين. سعادت حسن منٽو جي افساني جا مثال ڏنا ويا آهن. انهيءَ افساني جي جملن کي پڙهي اڄ جو اڪثر معاشرو اڳيان نظر اچي رهيو آهي. مطلب ته جارج برناڊ شاھ، علامه آءِ آءِ قاضي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ البرٽ آئنسٽائين جي وچ ۾ يعني صفحي 46 کانپوءِ تصوير ڏني وئي آهي. عمر خيام، ڪشنچند بيوس، ابن سينا جا قول، غلام فريد، ڀلاري ڀٽ ڌڻي جو ذڪر.

غلام رباني آگرو، هن مقدمي ۾ ثابت ڪيو آهي ته تاريخ ۾ حضور ﷺ وسلم واحد شخص هو، جنهن کي مذهبي توڙي دنياوي لحاظ کان ڪاميابي حاصل آهي. اهڙي طرح هن مقدمي ۾ اهو لکيو ويو آهي ته: “انگلستان” جي عظيم اديب، ٿامس ڪارلائيل، پنهنجي ڪتابHeroes and Hero-worship ۾ پيغمبر کي عقيدت جا گل پيش ڪيا آهن جنهن مان هڪ حوالو ڏنل آهي ته: “ڪنهن ٿي ڄاتو ته عربستان جي ريگستان ۾ واريءَ جو اهو داڻو، جڏهن جرڪندو، تڏهن غرطانه کان دهليءَ تائين، ملڪن پٺيان ملڪ، سندس روشنيءَ ۾ تجلا ڏيندا.” (جهڙا گل گلاب جا: مقدمو: ص: 54، 55).

اهڙي طرح هن مقدمي ۾ ليکڪ پنهنجي ڏاڏي جي يارهن حجن جو ذڪر ڪري مقدمي کي لاجواب ڪري پيش ڪيو آهي. تنهن کانپوءِ هن ڪتاب ۾ پهرين نمبر تي علامه آءِ آءِ قاضي جي يادگيرين کي ساريو ويو آهي. آخر ۾ پير حسام الدين راشدي کي ساريو ويو آهي. ٻئي حصي کي پهرين حصي سان صفحن ۾ ڳنڍيو ويو آهي.

غلام رباني آگرو جيڪو علمي ادبي خدمتن وارو ڪم ڪيو آهي، ان کي ڏسي سنڌ جي معمر شاعر، اديب ۽ ڏاهي انسان شيخ اياز اها علمي اڳڪٿي ڪئي آهي ته، “رباني جو نالو سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو، شيخ اياز جي اها اڳڪٿي سورهن آنا سچي ثابت ٿي رهي آهي، جو سندس ڪتابن “جهڙا گل گلاب جا” ٻئي حصا ۽ “سنڌُ جا بَرَ، بَحَرَ ۽ پهاڙَ” سنڌ جي علمي ادبي حلقن ۾ ايترو ته مشهور ۽ مقبول ٿيا جو اهي بڪ اسٽالن ۽ ادارن مان ختم ٿي ويا. سنڌي ادبي بورڊ کي مذڪوره ڪتابن کي وري ٻيهر شايع ڪرڻ جي ضرورت پيش آئي ۽ اهي وري ٻيو ڀيرو شايع ڪيا ويا آهن. مذڪوره ٽنهي ڪتابن جي مواد ۾ علمي ۽ ادبي معلومات ڏنل آهي جن ۾ شاعرن، اديبن، استادن ۽ بزرگن جو احوال دلچسپ نوع ۾ ڪيو ويو آهي، پر مفيد ۽ معلومات ڏئي ان تي علمي، ادبي بحث مباحثا ڪري تنقيد جا نقطه به آڏو آندا ويا آهن. “جهڙا گل گلاب جا” ڪتابن جي ٻنهي حصن ۾، ٽيويهن شخصيتن جي علمي ادبي ۽ سماجي ڪانامن کي آڏو آڻي انهن جا سمورا رخ روشن ڪيا ويا آهن. سندس هڪ ڪتاب “سنڌُ جا بَرَ، بَحَرَ ۽ پهاڙ” هن ڪتاب ۾، سنڌ جي ٻن بزرگن پير محمد راشد روضي ڌڻي جو سبق (تعليم) وٺڻ جو اول ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪو صفحي نمبر 1 کان 80 تائين ڦهليل آهي. جنهن ۾ پير محمد راشد روضي ڌڻي جي ولادت 1170 ھ ۽ وفات 1223 ھ کان ابتدا ڪئي وئي آهي. ان کانپوءِ سندس تعليم، علمي حيثيت کان ويندي بزرگي ۽ خليفن جي معلومات ۽ ٻيا ڪيترائي بحث تاريخ جي روشني ۾ بيان ڪيا ويا آهن. پير صاحب جيڪا تبليغ ڪندا هئا سا فارسي بجاءِ پنهنجي مادري زبان ۾ ڪرڻ فرمائيندا هئا. ان کان علاوه هن موضوع ۾، مريدن کي هدايت ڏيڻ ۽ رهنمائي ڪرڻ جا ڪي رهنما اصول ٻڌايا ويا آهن. ان کان علاوه سندس مضمونن جي حوالن ۽ اضافن بابت معلومات ڏنل آهي ۽ پير صاحب جي “ملفوظات شريف” جي سنڌي ترجمي بابت معلومات ڏني وئي آهي. هي سمورو ذڪر غلام رباني جي ذهني فڪري عمل کي ظاهر ڪري ٿو. اهڙي طرح هن ڪتاب ۾ هڪ ٻئي بزرگ غوث بهاؤالدين ملتاني بابت جيڪا معلومات ڏني وئي آهي سا هر لحاظ کان قيمتي ۽ مفيد آهي. هن ڪتاب جي صفحي نمبر 81 کان سندس زندگيءَ جي سفر ۽ حياتيءَ جو پس منظر بيان ڪري ٿو ته ٻئي طرف وري ڪيتريون تاريخي ڳالهيون جيڪي هن بزرگ ڏانهن منسوب ڪيون ويون آهن سي هن بزرگ جي حياتيءَ جي جدجهد کي اجاگر ڪن ٿيون. اسان انهن ڳالهين کي پڙهي غلام رباني آگرو جي هن عنوان مان استفادو حاصل ڪيون سين. هن ڪتاب ۾ هڪ ٽئين بزرگ، سيد عثمان مروندي قلندر لعل شهباز، جو ذڪر ملي ٿو، جيڪو هن ڪتاب جي صفحي 145 کان 386 صفحي تي پورو ٿئي ٿو. جنهن کانپوءِ هن ڪتاب جي آخر ۾ پس نوشت ڏهن صفحن ۾ ڏني وئي آهي. غلام رباني آگرو پنهنجي حياتي ۾ جيڪي علمي، ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن تن بابت سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جي لڳ ڀڳ پنجاھ کن عالمن، اديبن، شاعرن ۽ محققن جا سندس زندگي ۽ خدمتن بابت مضمون ۽ تاثرات ملن ٿا جيڪا هڪ اديب جي وڏي ڪاميابي آهي. اسان سنڌ وارن کي سندس ادبي خدمتن تي اِن ڪري به سرهائي آهي جو هن پاڪستان جي علمي ۽ ادبي ادارن کي پنهنجي قابليت ۽ انتظامي صلاحيتن سان هلايو. انهن سمورين ڳالهين ۽ معلومات کي پڙهي، مون کي تحقيق جي طالب علم جي حيثيت سان وڏي سرهائي محسوس ٿي رهي آهي جو مون سندس ادبي خدمتن تي تحقيق ڪري ايم فل جي سند حاصل ڪئي آهي، پر اڃان تائين تحقيق واري تِشنگي محسوس ٿي رهي آهي. اڃان وڌيڪ ڪوشش جاري رکندس ته جيڪي پهلو رهجي ويا آهن تن کي منظر عام تي آڻڻ جي ڪوشش جاري رکان. غلام رباني آگرو جي ادبي خدمتن تي هي پهريون ڀيرو تحقيق آهي. غلام رباني سنڌس ادب ۽ ٻولي جي حوالي سان اسان جي تحقيق موجب ٻارهن ڪتاب ۽ ٻيا ڪيترائي مضمون ۽ مقالا مختلف موضوعن تي قلمبند ڪيا آهن. اسان پنهنجي ايم فل جي مقالي ۾ انهن سمورن ڪتابن جو جائزو پيش ڪيو آهي. اهو تحقيقي مقالو جڏهن ڪتابي صورت ۾، پڙهندڙن تائين پهچندو ته مون کي اميد آهي ته ان کانپوءِ انهن ڪتابن، مقالن ۽ ٻين لکڻين جو تعداد وڌي به سگهي ٿو. ڇاڪاڻ جو تحقيق جو علم هڪ جڳھ تي بيهڻ وارو نه آهي. هي عمل سمنڊ جي عميق ۽ ان کان مٿي لهرن وانگر هوندو آهي ۽ تحقيق جي طريقيڪار ۽ عمل ۾ هميشه نوان نوان وڌارا پيا ٿيندا رهندا آهن. هر دور جي تحقيق اڳ واري تحقيق جي روشنيءَ ۾ اسرندي آهي. اسان جڏهن غلام رباني آگري جي مضمونن، مقالن، يادگيرين، ترجمن، تقريرن ۽ خاڪن جي وڌيڪ ڳولا ڪئي ته اسان کي هڪ ڪتاب “ٿيا قلبَ قرار” جو مطالعو ڪرڻو پيو. هن ڪتاب کي الطاف آگرو ۽ نصير مرزا ڏاڍي محنت ڪري مختلف رسالن، اخبارن مان ۽ ٻيو اڻ ڇپيل مواد هٿ ڪري. غلام رباني آگري جي علمي ادبي خدمتن کي آڏو آڻي ڪي نوان موضوع ان ۾ شامل ڪيا آهن جن جو تعداد اُوڻٽيھ آهي. هن ڪتاب جو انتساب سنڌي ٻولي جي نامياري عالم محمد ابراهيم جويي ڏانهن منسوب ڪيل آهي. هن ڪتاب کي سهيڙيندڙ ساٿين، هن ڪتاب کي اٺن ڀاڱن ۾ ورهايو آهي. هي سمورو ڪتاب 468 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ غلام رباني آگري جي علمي ادبي خدمتن کي متعارف ڪرايو ويو آهي. غلام رباني آگرو دين اسلام جي عظيم هستين تي قلم کنيو آهي تن ڳالهين کان علاوه قرآن شريف جا ترجما ۽ جتوئي صاحب واري انگريزي ترجمي کي مرڪز بڻائيندي مرحوم آگرو هن مقالي ۾ ٻين ترجمي نگارن بابت ڄاڻ ڏني آهي. انهيءَ کان علاوه هن ڪتاب ۾، سنڌ جي تاريخ جي پهرين ڪتاب فتح سنڌ ۽ چچ نامي متعلق هڪ تعارف تحقيقي صورت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. غلام رباني آگرو گهڻ پاسائو عالم هو ان وسيع موضوعن تي ڪم ڪيو آهي. هڪ مقالو عنوان: “سنڌ جو تاريخي منظر” تي ملي ٿو. ان کان علاوه سنڌ جي بمئي کان جدائي جو سربستو احوال ڏنو ويو آهي. غلام رباني جي ادبي خدمتن ۾، سنڌ جا سرڪاري ۽ نيم سرڪاري علمي ادبي ادارا به موضوع رهيا آهن، جنهن ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۽ ان جي اسڪيمن ۾ سنڌ جي تاريخ جي اسڪيم، سنڌي لوڪ ادب جي اسڪيم، جامع سنڌي لغات، سنڌ جي صوفي شاعرن جا ڪتاب ڇپائڻ، ترجمن جي اسڪيم، قرآن پاڪ جو فارسي ترجمو، عربي فارسي ڪتابن جي اشاعت، سنڌي زبان ۾ ٻارن جو ادب شايع ڪرڻ جي اسڪيم، عوامي ڪتابن واري اسڪيم، مهراڻ رسالو شايع ڪرڻ، بورڊ جي لائبريري، بورڊ جون آفيسون وغيره اچي وڃن ٿا. ٻئي طرف انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي جي ڪم ۽ ڪارڪردگي ۽ ان جي مقصد کي آڏو آندو ويو آهي. انهيءَ خيال کان ته سنڌ جي عوام کي آگاھي ڏجي ته پنهنجي علمي ۽ ادبي ادارن جي ڪم ۽ ڪارڪردگي تي نگاھ رکي ته ادارن ۾ ڪهڙو ڪم ٿي رهيو آهي. ادارن واري معلومات ۾، سنڌ پراونشل لائبريري ۽ ميوزم، شاھ عبداللطيف ڀٽائي مرڪز، اشاعتون، شمس العلماءُ دائود پوٽا سنڌ گورنمينٽ پبلڪ لائبري، مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۽ شاھ ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد، جي علمي ادارن بابت قوم کي معلومات ڏني وئي آهي ته اهي قوم جا پنهنجا ادارا آهن جيڪي ڪن خاص ماڻهن جي مقصد لاءِ ڪونه ٺاهيا ويا آهن. سنڌ جي سمورن ماڻهن جا ادارا آهن. غلام رباني آگرو جي ادارن بابت معلومات ڏيڻ مان اهوئي مثبت راھ وارو مقصد نڪري ٿو. سندس ادبي خدمتن جي حوالي سان هن ڪتاب جو هڪ موضوع “مهراڻ ادب جو سنڌ نامو” رکيل آهي جنهن ۾ ماهوار “نئين زندگي” ۽ “مهراڻ” ٻين رسالن ۽ انهن جي واڳ ڌڻين بابت معلومات ڏني وئي آهي. غلام آگرو لکي ٿو ته: “پاڪستان پبليڪيشن اردوءَ ۾ “ماه نو” فارسيءَ ۾، “هلال” عربيءَ ۾ “الوعي” ۽ انگريزيءَ ۾Pakistan Quarterly  رسالا ڪڍندي هئي، پر ڪوبه رسالو “نئين زندگيءَ” جيترو شايع ڪونه ٿيندو هو. اهو سڄو نتيجو سائين عبدالواحد سنڌيءَ جي محنت جو هو. (ڪتاب: ٿيا قلبَ قرار، ص: 174) غلام رباني آگرو انهيءَ ڳالھ جو به افسوس جو اظهار ڪيو آهي ته، “نئين زندگي” ۽ “مهراڻ” ٻئي سرڪاري رسالا آهن ايڏو وڏو عرصو هليا آهن، جيڪا هڪ حقيقت آهي، پر اهو حرف حساب ته سنڌ جي جاگيردار طبقي تي اچڻ گهرجي. ڪنهن زماني ۾، انهيءَ طبقي جي ڪن اشرافن، نوشهروفيروز ۽ ٽنڊي باگي ۾ اعليٰ پايي جا درسگاھ ٺهرايا. هن وقت انهن کي الائجي ڇاٿي ويو آهي، جو ڪڪڙن جي ويڙھ ۽ ڪتن جي بڇ کانسواءِ ٻيو چڱائي وارو عمل نٿا ڪن! غلام رباني آگرو جي خدمتن کي ڏسي پڙهندڙن جي دل ۽ دماغ ۾ سوال اڀري ٿو ته هن وقت سنڌ ۾ اهڙا ماڻهو پيدا ٿين. جن جي سوچ تعليم ۽ علم ادب، هنر ۽ سائنس ڏانهن هجي. سنڌ جو ڪوبه ٻچو بُک وگهي نه مرندو نه ئي ڪنهن لاحق بيماريءَ جي ور چڙهي قبر ڀيڙو ٿيندو. موت ته برحق ليڪن بيروزگاري، بک ۽ بدحالي وارو موت ايذائيندڙ آهي. غلام رباني آگرو جيڪو به سنڌ ۽ سنڌي ادب بابت لکيو آهي تنهن ۾ انسان ذات کي وڏي قدر جي نگاھ سان ڏسي ٿو. اُن جي خواهش آهي انسان ذات خوش ۽ خوشحال هجي ۽ ڪٿي به روئڻ سڏڪن جو ڏکائيندڙ آوار نه اچي. انسان کي ٻئي انسان سان ڪهڙو رويو اختيار ڪرڻ گهرجي سو عوام کي هڪ درس آهي ته ڀلائي ڪيئن ڪجي ۽ معاشرو ڪيئن سڌارجي ان کي صحيح دڳ تي آڻجي. هڪ ٻيو موضوع هن ڪتاب جي زينت آهي، سو آهي، شاھ ولي الله جا مخدوم معين ٺٽوي ڏانهن خَطَ، هن مضمون ۾ ٻنهيءَ عالمن جي بزرگي ۽ علمي ڏات جو ذڪر ڪيو ويو آهي. غلام رباني آگرو لکي ٿو ته: “هندستان ۾ ائين ڪونه ٿيو. اتي شاھ ولي الله جي سمورين تحريرن کي ڪمال ادب ۽ احترام سان ذري پرزي سانڍيو ويو. سندس خطن جو مکيه مجموعو حيدرآباد دکن جي نظام جي عثمانيه يونيورسٽيءَ ۾ محفوظ آهي. جنهن ۾ جملي ٽي سو پندرهن خط آهن. اهي مختلف عالمن ڏانهن لکيل آهن، جن ۾ مخدم معين ٺٽوي به شامل آهي.” (ڪتاب: ٿيا قلب قرار، 2013ع، ص:212) هن مضمون ۾، غلام رباني آگري، “مخدوم محمد معين ٺٽوي ڪَي نام” جي حوالي سان ڪي خطن جا نمونا ڏنا آهن. اهڙي علمي ڪم کي ڏسي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، غلام رباني آگرو ڏانهن هڪ خط لکيو، جيڪو تاريخ 2000-8-29 تي لکيو ويو. ان خط جو عڪس هن مضمون ۾ ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾، ٻيا موضوع پڻ آهن. “اقرار نامو”: سنڌي ترجمو “تمسڪ شرعي دستاويز” هن ڪتاب ۾، هڪ اهم موضوع آهي، ڪمرو نمبر 30- ميٺا رام هاسٽل، هن موضوع ۾، غلام رباني آگرو پنهنجي يادگيرين کي سهيڙيو آهي ۽ مضمون جي آخر ۾ هي شعر ڏنو ويو آهي.

“يه دنيا رين بسيرا هَي”

ان کانپوءِ هن ڪتاب ۾، ڦليلي ڪاليج جون يادگيريون کان ويندي، اهم موضوع شامل آهن. هن ڪتاب ۾ شامل اوڻٽيھ ئي موضوع، غلام رباني آگرو جي ادبي خدمتن جو بي مثال نمونو آهن. جنهن سان، غلام رباني آگرو جي ٽڙيل پکڙيل ادبي خدمتن کي هڪ جاءِ ڪري محفوظ ڪيو آهي. انهن اوڻٽيهن ئي موضوعن جي جائزي مان جا ڳالھ آڏو اچي ٿي، غلام رباني آگرو سنڌي ادب ۾ اعليٰ صلاحيتن وارو اديب هو، جنهن سنڌي ادب لاءِ بيشمار خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. سرڪاري ادارن کي هڪ قابل منتظم طور هلايائين. ادبي خدمتن جي حوالي سان اعليٰ صلاحيتن وارو اديب نظر اچي رهيو آهي.