خاص

فواد چوڌري کي پاڻ خبر ناهي هوندي ته ٻن ڪلاڪن کانپوءِ ڪهڙي پارٽي ۾ هوندو

پ پ اڳواڻ شازيه مري چيو آهي ته فواد چوڌري کي تجربو رڳو وفاداريون تبديل ڪرڻ جو آهي. فواد چوڌري جي بيان تي رد عمل ڏيندي شازيه مري چيو ته وفاقي وزير کي پاڻ خبر ناهي هوندي ته ٻن ڪلاڪن کانپوءِ ڪنهن جي پارٽي ۾ هوندو. هن چيو ته جن کي سنڌ جو عوام گهڙي گهڙي رد ڪندو آهي، اهي پي ٽي آءِ ۾ آهن، بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ ايندڙ چونڊون پ پ کٽيندي. واضح رهي ته سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته هي پ پ جو آخري دور آهي، سنڌ مان پ پ جو خاتمو ٿيندو ۽ ايندڙ حڪومت پي ٽي آءِ جي هوندي.