قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي جوتو هڻڻ واري ڌمڪي تي شاهد خاقان عباسي کي نوٽيس جاري
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي سينئر نائب صدر شاهد خاقان عباسي جي جوتي هڻڻ واري ڳالهه جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي هدايت تي شاهد خاقان عباسي کي خط لکيو ويو آهي، جنهن جي متن موجب شاهد خاقان عباسي 7 ڏينهن ۾ معذرت ڪري ۽ پنهنجي پوزيشن واضح ڪري. خط ۾ چيو ويو آهي ته شاهد خاقان عباسي جي طرز عمل سان اسيمبلي جي ڪارروائي آساني سان هلائڻ ۾ رڪاوٽ ٿي ۽ هن پنهنجي طرز عمل سان قومي اسيمبلي جي ڪارروائي ۾ خلل پيدا ڪيو. خط جي متن موجب شاهد خاقان عباسي اسپيڪر جي منصب جو مذاق اڏايو آهي، مقرره وقت ۾ جواب نه ڏيڻ تي تصور ٿيندو ته شاهد خاقان عباسي کي دفاع ۾ ڪجهه ناهي چوڻو.

