محترمه پروين منشي کان (سيپٽمبر 2016) ۾ ورتل انٽرويو

انٽرويو
محترمه پروين منشي کان (سيپٽمبر 2016) ۾ ورتل انٽرويو
زاهده ابڙو
همسري: يونيورسٽي آف صوفي ازم اينڊ ماڊرن سائنسز جي باري ۾ اسان جي پڙهندڙن کي ڪجهه ٻڌايو.
پروين منشي: هن قسم جي اداري تي پندرهن ويهن سالن کان دانشورن غور ۽ فڪر ڪيو پئي ته هن قسم جو ڪو ادارو قائم ڪيو وڃي. 2011 ۾ ڪجهه ماڻهو آصف زرداري وٽ ويا ان ۾ تعليمي ماهر ۽ دانشور شامل هئا ۽ ان جي سامهون اهو خيال رکيو ويو هن کي اهو خيال تمام پسند آيو ۽ چيائين ته ان تي عملي طور ڪم ڪيو وڃي ۽ مون کي PC-1 ٺاهي ڏني وڃي. 2011 ۾ غلام علي پاشا جيڪو ان وقت چيف سيڪريٽري هو ان کي آصف زرداري هدايت جاري ڪئي ته ان جي لاءِ عملي قدم کنيو وڃي ۽ PC-1 ٺاهي ان کي پارليامينٽ مان منظور ڪرايو وڃي. 2011 ۾ هن جو باقائده ائڪٽ ٺهيل آهي. هيءَ يونيورسٽي سنڌ حڪومت جي انڊر ۾ قائم ٿيندي ان جا فنڊ سنڌ صوبو ڏيندو، ان کانپوءِ ڪجهه ضرورتون آهن جيڪي اسان کي پوريون ڪرڻيون پونديون جنهن لاءِ وفاق اسان کي ايڪريڊئيٽ ڪندو، جنهن ۾ هو اسان کي ڪجهه اينڊيڪيٽرز ڏيندا ۽ انهن تي پورو لهڻ کانپوءِ وفاق اسان کي فنڊ ڏيڻ شروع ڪندو. HEC جي ڪوالٽي اينڊيڪيٽرز مان سڀ کان وڌيڪ اهم اهو آهي ته هي ادارو پنهنجي زمين تي ٺهيل هجي جنهن جي ايراضي گهٽ ۾ گهٽ 50 ايڪڙن تي هجڻ گهرجي، پر منهنجو ارادو اهو آهي ته اسان هن اداري کي گهٽ ۾ گهٽ 100 ايڪڙ زمين حاصل ڪري ٺاهي وٺنداسين ته جيئن اڳتي هلي ان ۾ ٻيا ڪيترائي پروجيڪٽ شروع ڪرڻ جي گنجائش موجود رهي.
همسري: صوفي ازم ۽ ماڊرن سائنس جي تصور کي توهان ڪيئن بيان ڪندوَ؟
پروين منشي: سنڌ هينئر ته هڪ صوبو آهي پر اصل ۾ هي انڊس ويلي آهي، جنهن جون سرحدون تمام گهڻيون پري پري تائين پکڙيل هيون ۽ هن خطي جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي. هتي مختلف جاين کان صوفي درويش آيا انهن ماڻهن ۾ قرباني، سهپ، محبت، نوڙت جهڙيون خوبيون پيدا ڪيون. اسان جو معاشرو اهو معاشرو آهي جنهن ۾ عورت ذات لاءِ ۽ ٻين مذهبن لاءِ تمام گهڻي عزت ۽ مان آهي، مان سمجهان ٿي ته اهو صوفين جي تعليم جو ئي نتيجو آهي. ٽيڪنالاجي جي اچڻ سبب گهڻيون ئي تبديليون آيون آهن، جنهنڪري اسان جا روايتي قدر مٽجندا پيا وڃن ۽ ان جو سڌو سنئون اثر اسان جي تعليمي ادارن، استادن ۽ شاگردن تي پئجي رهيو آهي. اڄ ڪلهه تعليم نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ ئي ورتي وڃي ٿي. ان کان علاوه شدت پسندي به اسان جي معاشري ۾ گهر ڪري وئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو دانشورن کي اهو احساس ٿيو ته اسان جي تعليمي نظام ۾ ڪا کوٽ رهجي وئي آهي ۽ هن يونيورسٽي جو قيام انهيءَ تصور جو نتيجو آهي. جتان ڪريڪيولم کڻجي ۽ صوفين جي ڏنل تعليم کي سائنسي انداز ۾ پڙهايو وڃي. انهن جي تعليمات تي ريسرچ ڪئي وڃي ۽ انهن صوفين جي تاريخ کي ڳولهي ان ۾ ربط پيدا ڪيو وڃي. هن وقت اسان جي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت مختلف تعليمي سسٽم هلي رهيا آهن ان ۾ مدرسن جي تعليم به شامل آهي، ان کان علاوه ماڻهن ۾ فرقه بندي وڌي رهي آهي ۽ مختلف فلاسافيز ڪم ڪري رهيون آهن. انهن سڀني تصورن کي ڪٿي نه ڪٿي هڪ جاءِ تي گڏ ٿيڻ گهرجي. اهو ئي بنيادي تصور هن يونيورسٽي جي قائم ڪرڻ جو سبب بڻيو آهي. هن وقت اها ضرورت آهي ته اسان صوفي تعليمات کي اسڪول جي سطح تي شروع ڪريون جنهن سان سماج ۾ تبديلي ايندي. هن تعليم سان اسان جي ذهنن ۾ وسعت ايندي ۽ سوچ ۾ عالمگيريت جنم وٺندي.
همسري: صوفي بزرگن راڳ کي ڪيتري اهميت ڏني آهي؟
پروين منشي: صوفين جي تعليم ۾ موسيقي جو تمام گهڻو ڪردار رهيو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي يڪتارو ايجاد ڪيو، مولانا رومي ۽ شمس تبريز جي زندگين ۾ به موسيقي تمام گهڻي اهم رهي، وري اجمير وڃبو ته اتي امير خسرو ملندو، ان وري اسان کي قوالي جو تحفو ڏنو، خوبصورت گيت ڏنا ۽ انهن جون راڳڻيون ڏنيون. انهن سڀني صوفين پنهنجي تعليمات سان گڏ سماج کي محبت جو درس به ڏنو ۽ موسيقيت به ڏني جنهن سان هڪ نئون ڪلچر اڀريو، لوڪ گيت ٺهيا، انهن صوفين جيڪا شاعري ڪئي آهي اها شاعري به عام ماڻهو جي ٻوليءَ ۾ ڪئي اٿن. عام ماڻهو جي ڳالهه ڪئي اٿن ان ڪري ان شيءَ کي هر عام ۽ خاص سمجهي به سگهي ٿو ۽ ان مان لطف اندوز به ٿي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اسان ميوزڪالاجي جو هڪ سينٽر ٺاهڻ جو به سوچيو آهي ته جيئن اسان صوفي راڳ ۽ موسيقي کي محفوظ ڪري سگهون، ان شيءَ تي وڌيڪ ريسرچ ڪري سگهون ۽ ايندڙن نسلن تائين هن ڪلچر کي منتقل ڪري سگهون. هي اسان جي سوشلائيزيشن جو هڪ وڏو ذريعو آهي. موسيقي جي زبان ۾ جيڪو پيغام ڏيندوَ اهو ماڻهن جي دلين تائين اثر ڪندو ۽ اڳتي پکڙجندو ويندو. اهو ئي سبب آهي جو موسيقي جي ڪابه سرحد نه هوندي آهي ۽ موسيقي سان تمام گهڻا مثبت نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. موسيقي کي سمجهڻ جي لاءِ ڪنهن به قسم جي ڊگري جي ضرورت ڪونهي. اڄڪلهه تي ان سان مختلف بيمارين جا علاج به ڳوليا پيا وڃن ڇو ته اها روح کي راحت ڏئي ٿي ۽ اها فطرت جو حصو آهي. قدرت جي هر شيءَ ۾ موسيقيت آهي رڳو ان کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.
همسري: ماڊرن سائنسز ۾ توهان ڪهڙا ڊسيپلين شروع ڪندوَ؟
پروين منشي: ابتدائي طور تي 9 فيڪلٽيز شروع ڪيون وينديون جنهن ۾ ڪريڪيولم لٽريسي، ايڊيوڪيشن، بيچرل سائنسز، ڪمپيوٽر سائنسز ٽيڪنالاجي شامل آهن. ٽيڪنالاجي لاءِ اسان جو ويزن (Vision) تمام گهڻو واضح آهي ته هن کي انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي تائين کڻي وينداسين. ان کان علاوه جنرل ٽيڪنيڪل ڪورسز به شروع ڪنداسين ته جيئن اسان جا شاگرد پنهنجي ملڪ کي هنرمند پورهيت (Skilled man power) طور تي پنهنجون خدمتون ڏيئي سگهن. ڇو ته اسان وٽ اسڪلڊ مين پاور نه هجڻ جي ڪري ماڻهن کي سٺيون نوڪريون نٿيون ملي سگهن يا وري ٻاهرين ملڪن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ به ڪواليفاءِ نٿا ڪري سگهن. ان کان علاوه اسان صوفي ازم جي آئيڊيا لاجي سان ڳنڍيل ويليو ايڊيوڪيشن ڪيريڪٽر ايڊيوڪيشن جا ڪورسز به ڪرائينداسين. اسان وٽ گريجوئيشن واري پاسي تمام گهڻي گنجائش آهي ته اسان صوفي ازم ۽ ڪيرڪٽرائيزيشن ويليو ايڊيوڪيشن تي ڪورسز ڪرائينداسين. اسان جو هرگز اهو مطلب ناهي ته اسان ڪي سڌا سنوان صوفي ٺاهيون. اسين پنهنجن ڏنل ڪورسز جي ذريعي انهن تعليمات کي ماڻهن جي زندگي سان سلهاڙينداسين. هن وقت HEC جي ڪريڪيولم ڊزائين تي به ڪافي تنقيد ٿي هئي ته انهن ٽيڪنالاجي ۽ ڪمپيوٽر تي ته وڏو زور ڏنو آهي پر سوشل سائنسز کي فراموش ڪري ڇڏيو اٿن. هاڻي هڪ دفعو ٻيهر HEC پنهنجا ڪورس موڊي فاءِ ڪري رهي آهي. جنهن لاءِ سوشل سائنس جي شاگردن کي سائنس جا ڪجهه چونڊ سبجيڪٽ پڙهايا ويندا ۽ سائنس جي شاگردن کي سوشل سائنسز جا ڪجهه سبجيڪٽ پڙهايا ويندا. ان سان شاگردن ۾ گڏيل صلاحيتون پيدا ٿينديون ان جي نتيجي ۾ وڌيڪ فائدو حاصل ٿي سگهندو.
همسري: توهان يونيورسٽيءَ ۾ ڪهڙي تعليمي نظام کي لاڳو ڪندوَ؟
پروين منشي: يونيورسٽي ۾ ساڳيو سسٽم هلندو پر HEC ان ۾ هڪ ٻي Interim ڊگري آندي آهي جنهن کي ايسوسئيٽ ڊگري چيو ٿو وڃي. اڃان تائين سنڌ جي ڪافي يونيورسٽين ۾ متعارف نه ڪرائي وئي آهي پر IBA سکر ۾ هن جي شروعات ٿي چڪي آهي ان ۾ شاگردن کي اهو فائدو آهي ته چوڏهن سالن جي تعليم کانپوءِ اهي پنهنجي تعليم کي ڇڏي ڪا نوڪري به ڪري سگهن ٿا ۽ وري نوڪري ڇڏي پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ چاهين ته بقايا ٻه سال پڙهي گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪري سگهن ٿا. هاڻي اسان وٽ ايسوسئيٽ ڊگري جو تصور اچي چڪو آهي، جيڪو ٻاهرين ملڪن ۾ ته ڪافي عرصي کان رائج آهي. اسين به چاهينداسين ته پنهنجي يونيورسٽي کي بين الاقوامي يونيورسٽين سان ڳنڍيون ان سان اسان جي بيچلرز لاءِ بين الاقوامي سطح تي تعليم لاءِ دروازا کلندا. مثال طور: چائنا، آسٽريليا ۽ ٻيا ڪيترا ملڪ شاگردن کي اسڪالرشپ ڏيندا آهن ۽ ڪافي يونيورسٽيون اهڙيون به آهن جيڪي ايسوسئيٽ ڊگري تي به اسڪالرشپ ڏين ٿيون. اسان اڳيان هلي ماسٽرز ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون به آڇينداسين.
همسري: هن وقت توهان ڪهڙن مسئلن کي منهن ڏيئي رهيا آهيو؟
پروين منشي: منهنجي لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج اهو آهي ته اسان جي ويهڻ لاءِ ڪا جاءِ نه آهي اسان هن وقت NUMAL يونيورسٽي جي ڪئمپس ۾ ويٺا آهيون پر منهنجي ڪوشش آهي ته اسان کي جلد کان جلد فنڊز ملن ته جيئن زمين حاصل ڪري ان تي بلڊنگ جي تعمير شروع ڪرائي وڃي ۽ ان کان علاوه منهنجي ڪوشش اها هوندي ته اسان پنهنجو ايڪسيلينس سينٽر جلد کان جلد شروع ڪريون جنهن ۾ صوفي ڪانسيپٽ ۽ ان سان جڙيل جيترو به مواد آهي ان کي ڪورسز جي صورت ۾ آندو وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ پبليڪيشن به شروع ڪريون اهو ڪم اسان کي پهرين فيز ۾ ڪرڻو آهي. ٻي فيز ۾ اسان شارٽ ڪورس شروع ڪري ڇڏينداسين، جنهن ۾ اسان کي فيڪلٽي ڊولپمينٽ جي به ضرورت هوندي، جنهن ۾ ارادو اهو آهي ته بيچلر کان پي ايڇ ڊي تائين ڪورسز کي ڊزائين ڪيو ويندو.
همسري: ڇا ڪنهن سرڪاري اسڪول يا ڪاليج جي شام جي وقت ۾ توهان پنهنجي آفيس کولي ڪم جو آغاز ڪري سگهو ٿا؟
پروين منشي: جي بلڪل صحيح ڳالهه ٿا چئو اسان وزير اعليٰ ۽ سنڌ حڪومت کي لکيو آهي ته اسان کي فنڊز ڏنا وڃن ته جيئن اسان پنهنجو عارضي سيٽ اپ جوڙي مستقبل لاءِ حڪمت عملي ٺاهي سگهون، ان لاءِ سنڌ سرڪار جي سهڪار جي سخت ضرورت آهي. هن وقت اسان وٽ مالي مشڪلاتون آهن جنهنڪري اسان ڪنهن ڪم جي باري ۾ سوچي نٿا سگهون. ان سلسلي ۾ مون ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرز سان به ڳالهايو آهي، انهن مون کي ٻڌايو آهي ته ڪجهه اهڙيون جايون خالي پيون آهن جنهن ۾ ڪاليجز صبح جي ٽائيم تي هلن ٿا پر شام جو اهي بلڊنگز خالي هونديون آهن. انهن مان جيڪڏهن اسان کي ڪا بلڊنگ ڏني وڃي ته ڪم شروع ڪري سگهجي ٿو.
همسري: ڇا توهان يونيورسٽي لاءِ ڪنهن ڪوٽا سسٽم جو آغاز ڪندوَ؟
پروين منشي: جڏهن اسان جي يونيورسٽي ڪم شروع ڪندي ته اسان جا پنهنجا فورمز ايندا ان ۾ سينڊيڪيٽس، اڪيڊمي ڪائونسل ۽ سينيٽ شامل آهن. جيئن ته هن جي اختيار ۾ سڄي سنڌ اچي ٿي وڃي اسان هن جا ڪئمپس پوري سنڌ ۾ کولي سگهون ٿا. هن يونيورسٽي کي اوپن ميرٽ تي رکيو ويو ته پوءِ اهو سڄي سنڌ جي ٻارن لاءِ هڪ موقعو بڻجي ويندو. پر جيئن ته ڇوڪرين کي تمام گهٽ موقعا ٿا ملن ان لاءِ انهن جي لاءِ وڌ کان وڌ ڪوٽا مختص ڪري سگهجي ٿي.
همسري: هن وقت جي تعليمي نظام کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
پروين منشي: اها حقيقت آهي ته اسان جي تعليم ۾ تمام گهڻا خال آهن ۽ اسان جي Usaid وارن سان ڳالهيون هلي رهيون آهن. اسڪولن کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ واري فيصلي اسان جي تعليمي نظام کي ڏاڍو وڏو ڌڪ هنيو. جنهن ڪري هر صوبي ۾ تعليم جو نظام ابتڙ ٿي ويو وري پرائيويٽ سيڪٽر آيو ته ان جون وري پنهنجون ترجيحات آهن ۽ هاڻي اها ڳالهه هلي رهي آهي ته اسان پراڻي تعليم جي طريقي کي ورجايون ۽ جيڪو اسان جو صوفي ڪلچر آهي وري ان تي توجهه ڏيون. ڇو ته دهشتگردي جي آڙ ۾ اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته طالبان اسان جي صوفي ڪلچر تي سڌو سنئون حملو ڪري رهيا آهن. درگاهن، امام بارگاهن ۽ مسجدن تي حملا ٿي رهيا آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هڪڙو نئون نيريٽو ڏنو وڃي جنهن ۾ ضرورت پئي ته پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جيڪي به درگاهون آهن صوفي بزرگ ٿي گذريا آهن انهن جي زندگين تي ۽ انهن جي شاعري تي ريسرچ ڪئي وڃي ۽ سائنسي انداز ۾ ان جي تعليمات کي پڙهايو وڃي. انهن جي تعليمات کي اسين ڪيئن بچايون ۽ پوءِ معاشري کي اهي سڀئي شيون ڪيئن پهچايون.
همسري: هن وقت ڀٽ شاهه ۾ سنڌ يونيورسٽي جو هڪڙو ڪئمپس صوفي ڪانسيپٽ تي هلي رهيو آهي ان جي حيثيت ڇا آهي؟
پروين منشي: ڊاڪٽر نظير پنهنجي وقت ۾ هڪ اسڪول جي ٻن ڪمرن ۾ اهو ڪئمپس شروع ڪرايو هو، هاڻي هن بينر تي ٻن يونيورسٽين جا نالا لکيل آهن. هڪڙو يونيورسٽي آف صوفي ازم اينڊ ماڊرن سائنسز ۽ ٻيو يونيورسٽي آف انٽرنيشنل صوفي ازم ڪئمپس سنڌ يونيورسٽي جي انڊر ۾ جنهن ۾ هن وقت چار پنج ڪورسز هلي رهيا آهن، ڪجهه گريجوئيشن ۽ ڪجهه ماسٽرز جا آهن. 2013 ۾ هتي هي ڪم شروع ٿيو، 2015 ۾ وي سي جي پوسٽ ايڊورٽائيز ٿي. 16 اپريل تي مون وي. سي جي حيثيت سان جوائن ڪيو ۽ جڏهن انهن کان هن ڪئمپس کي هينڊ اوور ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ٿي وڃي ته هو ان ڳالهه تي بضد آهن ته هي سنڌ يونيورسٽي جو ڪئمپس آهي. پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن اهو سنڌ يونيورسٽي جو ڪئمپس آهي ته ان تي يونيورسٽي آف صوفي ازم اينڊ ماڊرن سائنسز جو نالو ڇو لکيل آهي، اهو هڪ غير اخلاقي عمل آهي.
همسري: جڏهن يونيورسٽي آف صوفي ازم جو اسٽريڪچر ٺهي تيار ٿي ويندو ته پوءِ سنڌ يونيورسٽي جي ڪئمپس جو اسٽيٽس ڇا هوندو؟
پروين منشي: اهو ته جيڪي ماڻهو اتي ويٺا آهن انهن کي سوچڻ گهرجي ۽ يونيورسٽي جي اعليٰ عملدارن کي سوچڻ کپي، انهن کي سوچڻ کپي ته هو ان کي سياسي مقصد لاءِ استعمال نه ڪن. ماضي ۾ به ايئن رهيو آهي ته ٻيا جيڪي ادارا قائم ٿيا هئا جيئن مهراڻ ڪاليج ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج هئا پر هاڻي اهي مڪمل طور تي با اختيار يونيورسٽين جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. منهنجو ذاتي خيال آهي ته استادن ۽ تعليمي ادارن کي سياست کان پري رهڻ گهرجي نه ته ان جا اُگرا نتيجا اسان جو شاگرد ئي ڀوڳيندو. HEC جو 2025 تائين اهو ويزن آهي ته هر ضلعي ۾ پنهنجي هڪڙي يونيورسٽي هوندي ۽ اسان کي هن تي خوش ٿيڻ کپي ۽ پنهنجو سهڪار وڌائڻ کپي. هن وقت اها حيرت انگيز ڳالهه آهي ته اتر سنڌ جو شاگرد وڌيڪ مارڪون کڻي پاس ٿئي ٿو بنسبت حيدرآباد جي شاگرد جي، ڇو ته سکر ۾ IBA جي ڪميونٽي ڪاليج سسٽم ٺاهڻ ڪري اتي تعليم جي معيار ۾ تبديلي آئي آهي. جيڪڏهن تعليمي ميدان ۾ تبديلي آڻڻي آهي ته ضلعي سطح تي يونيورسٽيون قائم ٿيڻ گهرجن.
همسري: ڇا توهان هن وقت وائيس چانسلر جي حيثيت سان فنڪشنل آهيو ۽ پگهار به کڻي رهيا آهيو؟
پروين منشي: فنڪشنل اسان صرف ان سلسلي ۾ آهيون ته هن وقت ٻه پوسٽون آهن جن تي ٻه ڄڻا ڪم ڪري رهيا آهيون هڪ وي. سي ۽ ٻيو رٽائرڊ برگيڊيئر مسٽر مختيار پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جي طور تي متعين ٿيل آهي. اميد آهي ته هن سال اسان کي فنڊز ملي ويندا ۽ زمين به ليز ڪرائي وٺنداسين ۽ تعمير جو ڪم شروع ٿي ويندو ۽ ٻي ڳالهه تي هن وقت آئون پگهار نه کڻي رهي آهيان مون کي چيو ويو آهي ته فنڊز اچڻ کانپوءِ مون کي سڀ پگهارون گڏ ڏنيون وينديون.
همسري: هينئر ڀٽ شاهه جي تعليمي ادارن جي ڪارڪردگيءَ کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
پروين منشي: جيڪڏهن اسان تعليم تي ڪم ڪيون ته ٻيا ڪيترائي مسئلا جيڪي سياسي آهن اهي از خود حل ٿي ويندا. هن وقت ڀٽ شاهه ۾ هڪ گرلز ڪاليج ۽ هڪ بوائز ڪاليج هلي رهيا آهن ۽ اسڪولن جي تعليم جو ڪو خاص معيار ڪونهي. ان لاءِ مون کي نه صرف يونيورسٽي جي لاءِ پر اسڪولن ۽ ڪاليجن جي لاءِ به پلاننگ ڪرڻي پوندي ۽ انهن جي استادن سان مسلسل رابطي ۾ رهڻو پوندو ته جيئن اڳتي هلي اتان آيل شاگرد اسان جي يونيورسٽيءَ جي معيار جي مطابق ٿي سگهي ڇو ته اهي اسڪول ۽ ڪاليج اسان جي نرسري جو ڪم ڪري رهيا هوندا. اسان کي ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن پاليسي فار دي پرپز آف امپروومينٽ ڏيڻو پوندو ان لاءِ ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيسر ۽ ايڊيوڪيشن آفيسر سان گڏ ويهڻو پوندو ۽ ڊسٽرڪٽ ليول تي ايڊيوڪيشن جي پاليسي ڏيڻي پوندي.
همسري: ڇا هن يونيورسٽي ۾ ايشيا جي سڀني صوفين تي ريسرچ ڪئي ويندي ۽ ڇا توهان هتان جي درگاهن جي سجاده نشينن لاءِ ڪو پيغام ڏيڻ چاهيو ٿا؟
پروين منشي: بلڪل اسان جو اهو خيال آهي ته اسان هر صوفي بزرگ جي تعليم تي سائنسي انداز ۾ تحقيق ڪنداسين، انهن جي لاءِ الڳ بلاڪ ٺهرايا ويندا، ان لاءِ آئون سول سوسائٽي کي گذارش ڪنديس ته اهي اڳيان اچن. ڇو جو اهو ڪم ڪميونٽي جي مدد سان ئي مڪمل ٿي سگهي ٿو. ان کان علاوه اسان وٽ درگاهن جا سجاده نشين آهن انهن کي منهنجي گذارش آهي ته اهي پنهنجي بزرگن جي نالي هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ڪمرو اسان کي ٺهرائي ڏئي سگهن ٿا، جنهن تي انهن جي نالن جون تختيون لڳل هونديون يا وري پنهنجي مرضي سان اسان کي پورو بلاڪ ٺهرائي ڏيئي سگهن ٿا جنهن ۾ لائبريري، ريسرچ سينٽر ۽ هاسٽل شامل ٿي سگهن ٿا. ڪراچي جي ماڻهن ۾ چيرٽي ڏيڻ جو رجحان تمام گهڻو آهي ڪراچي جي ڪميونٽي مختلف ادارن کي چندو ڏيندي رهندي آهي، ان سان اهي ادارا هلي رهيا آهن. اسان جي ماڻهن کي به اڳيان اچڻ گهرجي ۽ تعليمي ميدان ۾ پنهنجي فراخ دلي جو اظهار ڪرڻ گهرجي. ادارن سان گڏجي چيرٽي جي سلسلي کي اڳتي وڌائي تعليم جي سلسي ۾ مددگار ثابت ٿين. منهنجو ارادو آهي ته انهن سڀني سجاده نشينن کان جيڪي سنڌ ۾ آهن يا پنجاب ۾ انهن سان وڃي ملنديس ۽ انهن کي درخواست ڪنديس ته هن پروجيڪٽ ۾ هو اسان جي مدد ڪن. مون کي يقين آهي ته جڏهن اسان کي پلاٽ ليز ٿي ويندو ۽ تعمير جو ڪم شروع ٿي ويندو ته اسان کي ڪميونٽي مان ڊونرز به ملندا ۽ آئون چاهينديس ته همسري جي پليٽ فارم تان هي پيغام انهن سڀني ماڻهن تائين پهچي جيڪي هن سلسلي ۾ پنهنجو حصو ونڊڻ چاهين ٿا.
همسري: پڙهندڙن لاءِ ڪو مختصر پيغام.
پروين منشي: پڙهندڙن لاءِ منهنجو اهو پيغام آهي ته اهي پنهنجي صوفي ڪلچر کي نه وسارين ڇو ته اهو نالو آهي محبت، پيار ۽ نفرتن کي ختم ڪرڻ جو. هن يونيورسٽي کي شروع ڪرڻ کانپوءِ اميد آهي ته اسان بين الاقوامي سطح تي انهن سڀني ماڻهن کي ملائي ڪم ڪنداسين جيڪي هن فلاسافي تي يقين رکن ٿا ۽ هي هڪ پيار ۽ امن جو چشمو بڻجي ويندو جتان وري کان پنهنجي پراڻي روايتن کي زنده ڪري سگهنداسين.





