مراد علي شاهه ڪالي داس ڊيم جو افتتاح ڪري ڇڏيو
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي حڪومت پاران ٺهرايل ڪالي داس ڊيم جو افتتاح ڪري ڇڏيو. سيد مراد علي شاهه ننگر پارڪر پهچي ٽيٽيهه ڪروڙ ٽيهه لک رپين جي لاڳت سان ٺهرايل ڪالي داس ڊيم جو افتتاح ڪيو، جنهن ۾ هڪ هزار ٻه سئو هڪ ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته ٽيهه ڊيم ٺهي چڪا آهن ۽ ٻيا ڊيم به تعمير ڪيا ويندا، جن سان چاليھه هزار ايڪڙ زمين آباد ٿيندي. هن چيو ته ٿر جي ڪوئلي تي سڀ کان پهريون حق ٿرين جو آهي، اُتي نوڪريون مقامي ماڻهن کي ملڻ کپن، ڊيم ٺهڻ سان نه رڳو زرعي شعبي ۾ انقلاب ايندو پر ماڻھن کي پيئڻ جو پاڻي به ملندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان سنڌ ۾ ڪڻڪ جي پيدوار جو هدف پورو ڪيو، وفاقي حڪومت جي نااهلي سبب اڄ اٽو مهانگو آهي، سڀاڻي اسان جي ڪابينا جو اجلاس آهي، ڪڻڪ جي اگهه ۾ آبادگارن جو خيال رکيو ويندو.

