بلاگخاص

نواب آف پٽوڊي

الطاف شيخ جو سفر نامون “بنارس کان برموڊا تائين” مان کنيل

نواب آف پٽوڊي

الطاف شيخ

ڀوپال جي تخت تي سندس ٻيو نمبر ڀيڻ ساجده سلطان بيگم ويٺي. سندن ٽين ڀيڻَ جو نالو رابعه سلطان آهي جنهن جي 2001ع ۾ وفات ٿي.

ساجده سلطان 1915ع ۾ ڄائي ۽ 80 سالن جي ڄمار ۾ 1995ع ۾ ڀوپال ۾ وفات ڪيائين. 1939ع ۾ جڏهن پاڻ 24 سالن جي هئي ته هن جي پٽوڊي رياست (هريانا رياست جو حصو) جي نواب افتخار علي خان سان شادي ٿي. نواب افتخار ڪرڪيٽ جو بهترين رانديگر ٿي گذريو آهي ۽ هن انگلينڊ ۽ انڊيا طرفان ڪرڪيٽ کيڏي. 1952 ۾ دهلي ۾ پولو راند کيڏندي کيس دل جو دورو پيو ۽ گذاري ويو. سندس پٽ پٽودي رياست، جو نائون نواب منصور علي خان پٽوڊي به پيءُ وانگر سٺو رانديگر ٿي گذريو آهي جيڪو 1962ع کان 1970ع تائين انڊين ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪئپٽن رهيو. پاڻ 1975 ۾ ڪرڪيٽ کان رٽائرڊ ٿيو. سندس ماءُ بيگم ساجده سلطان ڪري پاڻ ڀوپال جو پڻ نواب هو، پر گهڻو ڪري پيءُ جي نواب عهدي سان (نواب آف پٽوڊي) سڏيو ويو ٿي. سندس شادي انڊيا جي مشهور فلم ائڪٽريس شرميلا ٽئگور سان 1967ع ۾ ٿي. 1968ع ۾ جڏهن اسان جهاز جي نوڪري شروع ڪئي ته شرميلا ٽئگور، وحيده رحمان وغيره ٽاپ جون هيروئنون هونديون هيون. شرميلا ٽئگور جي انهن ڏينهن جي فلم ”ايوننگ ان پئرس“ ڏسڻ لاءِ اسان  لبنان جي بندرگاهه طرابلس (Tripoli) کان (جِتي اسان جو جهاز لنگر انداز هو) ٽئڪسي ڪري بيروت ويا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ فلمون ڏسڻ وڏي وندر هوندي هئي. ڪولمبو، سنگاپور، عدن، ممباسا، پينانگ جهڙن بندرگاهن ۾ پهچڻ سان پهرين اهو معلوم ڪبو هو ته شهر جي ڪهڙن سئنيما هالن ۾ انڊين فلمون هلي رهيون آهن. شرميلا ٽئگور جي هڪ ٻه ٻيون فلمون به ياد اچي رهيون آهن: 1964ع جي ڪشمير ڪي ڪَلي، 69 جي اراڌنا، 72 جي امر پريم، 73 جي آ گلي لگ جا ۽ 75 جي موسم. انهن ڏينهن تائين pool وارو ڪائي جو ٽيپ رڪارڊر مارڪيٽ ۾ اچي چڪو هو، پر اسان جي جهازن تي اڃان گرامو فون تي Rpm33 جا رڪارڊ وڏي شوقَ سان وڄايا ويندا هئا. ان کان علاوه فلمي اداڪارن سان ملڻ جو شوق هوندو هو. ستر واري ڏهي ۾ اسان جو جهاز ممباسا ۾ هو ته انهن ڏينهن ۾ پاڪستان کان فلم ائڪٽريس شميم آرا ۽ ٻيا ممباسا آيا هئا جن جي هڪ ڏينهن ڪلنڊني روڊ جي هڪ ٻلديو نالي سنڌي هندو دڪاندار دعوت ڪئي جنهن ۾ اسان جهاز وارن کي به گهرايو هو. هڪ دفعي نيويارڪ ۾ جهاز بيٺل هو ته ڪراچي کان فلم ائڪٽر ڪمال نيويارڪ جي شالامار دڪان ۾ ڪم ڪندڙ حيدرآباد سنڌ جي سليم شاهه جن وٽ اچي رهيو هو جيڪو اسان جو به دوست هو ۽ هن جي گهر اسان به ڪمال سان پهريون دفعو ملياسين. اهڙي طرح 1973ع ۾ اسان جي چناب نالي جهاز جي هانگ ڪانگ جي شپ يارڊ ۾ ڳري مرمت هلي رهي هئي ۽ اسان جهاز وارن کي هوٽل ۾ رهايو ويو  هو. جنهن هوٽل ۾ اسان رهيل هئاسين ان جي ڀر واري هوٽل (پيننشولا) ۾ اسان کي خبر پئي ته شرميلا ٽئگور ۽ ڪجهه ٻيا انڊيا جا ائڪٽر ڪنهن فلم جي شوٽنگ لاءِ ترسيل آهن. اسان جهاز جا ٻه دوست ساڻن ملڻ جي شوق ۽ ڪوشش ۾ اتي پهتاسين. ٻيو ڪو ائڪٽر يا ائڪٽريس ته نه هئي، پر انهن ڏينهن جو مزاحيه اداڪار ۽ فلم فيئر رسالي جو ڪالم نويس ”آءِ. ايس جوهر“ ضرور هو جنهن سان ملي مون کي خوشي ٿي. شرميلا جي ڪرڪيٽر مڙس نواب آف پٽوڊي جون خبرون ڪندي مون کي ياد آهي ته  مون آءِ ايس جوهر کان پڇيو هو ته اسان ٻڌو آهي ته اهو نواب آهي. ان تي جوهر صاحب پنهنجي روايتي انداز ۾ مرڪندي چيو هو ته:

“Yes! He is a ‘prince’ but without ‘I’ ”.

ان وقت اسان کي هن جو اهو چرچو سمجهه ۾ نه آيو ۽ سمجھيوسين ته هو شايد پرنس لفظ جي اسپيلنگ لاءِ چئي رهيو آهي ۽ ان ۾ ‘I’ اکر نه آهي پر پوءِ خبر پئي ته نواب پٽوڊي (منصور علي خان) جي هڪ اک نقلي آهي يعني پٿر جي آهي. 1961ع ۾ جڏهن هو 20 سالن جو هو ته انگلينڊ ۾ سندس ڪار جو حادثو ٿي پيو هو ۽ ونڊ اسڪرين جي ڀڳل شيشن سندس ساڄي اک کي ڦٽي ڇڏيو هو. ان بعد سڀني کي اهو گمان هو ته پٽوڊي هاڻ ڪرڪيٽ نه کيڏي سگهندو، پر جلد ئي هو نيٽ پرئڪٽس ۾ اچي ويو ۽ هن هڪ اک سان کيڏڻ شروع ڪري ڏنو ۽ ڇهن مهينن بعد هن دهلي ۾ انگلينڊ جي خلاف ٽيسٽ مئچ کيڏي.

نواب پٽوڊي (منصور علي خان) هڪ اک ختم ٿي وڃڻ جي باوجود 1961 کان 1975 تائين انڊيا طرفان 46 ٽيسٽ مئچون کيڏيون جن ۾ 2800 رنس ٺاهيائين…. جن ۾ ڇهه سينچريون به شامل آهن. انهن 46 ٽيسٽ مئچن مان 40 ۾ نواب پٽوڊي پنهنجي ٽيم جو ڪئپٽن رهيو. انهن مان 9 مئچن ۾ سندس فتح ٿي، 19 هارائين ۽ ٻيون Draw ٿيون. پٽوڊي جي کٽيل مئچن ۾ اها پڻ هئي جيڪا انڊيا 1968ع ۾ نيوزيلينڊ سان کيڏي. هيءَ دراصل انڊيا جي پهرين مئچ  هئي جيڪا هن ڪنهن ٻاهرين ملڪ سان کيڏي. منهنجي ڪرڪيٽ سان ڪا گهڻي دلچسپي ناهي، پر مونکي ياد آهي ته انهن ڏينهن ۾ اسان جو جهاز جنهن ملڪ ۾ ويو ٿي اتي جي انڊين ڪميونٽي هن ڪاميابي تي بيحد خوش هئي ۽ هرهڪ جي زبان تي منصور علي خان (پٽوڊي) جو نالو ائين هو جيئن ڪنهن زماني ۾ عمران خان جو ۽ هاڻ ٽنڊولڪر جو آهي.