نواز شريف خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرائيندڙ پاڻ به ڏوهاري رڪارڊ رکندڙ نڪتو
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرائيندڙ فريادي بدر رشيد هيرا پاڻ به ڏوهاري رڪارڊ رکندڙ نڪتو. پوليس موجب بدر رشيد هيرا تي قتل جي قدمن، غير قانوني هٿيار رکڻ ۽ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت جا ڪيس داخل آهن، مٿس قتل جي قدمن جو ڪيس شاهدره ٿاڻي، جڏهن ته غير قانوني هٿيار رکڻ جو ڪيس شرقپور ٿاڻي ۽ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ پوليس سان جهيڙي جو ڪيس پراڻي انارڪلي ٿاڻي ۾ داخل آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سميت ن ليگ جي اڳواڻن خلاف لاهور جي شاهدره ٿاڻي تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن تي اپوزيشن سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته بدر رشيد هيرا تحريڪ انصاف طرفان يو سي چيئرمين جي چونڊ به وڙهي چڪو آهي ۽ ڪجهه ڪيسن ۾ گرفتار پڻ ٿيو. بدر رشيد تحريڪ انصاف يوٿ ونگ راوي ٽائون جو صدر آهي ۽ ان جي پنجاب جي گورنر چوڌري سرور سان ملاقات جي تصوير پڻ سامهون آئي آهي.

