خاص

وزيراعظم ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر کان خبردار ڪري ڇڏيو

وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر جو خدشو ظاهر ڪندي عوام کي احتياط جي اپيل ڪئي آهي. پاڪستان ۾ دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪورونا وائرس جي حوالي سان صورتحال ضابطي ۾ آهي ۽ آگسٽ مهيني کان حالتون وڏي حد تائين معمول تي اچڻ شروع ٿي ويون هيون. سيپٽمبر ۾ وڏي عرصي کان بند تعليمي ادارا به مرحلي وار کوليا ويا، پر گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڪورونا ڪيسن جي انگ ۾ واڌ رڪارڊ ٿي رهي آهي. خاص طور سنڌ جي تخت گاهه ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ گهڻي حد تائين واڌ ڏٺي وئي آهي، اهوئي سبب آهي جو شهر جي 7 ضلعن جي مختلف علائقن ۾ مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون هنيو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان تي رب ڪريم جو خاص فضل رهيو ۽ اسان ڪووڊ 19 جي بدترين اثرن کان محفوظ رهياسين، پر خدشو آهي ته سياري ۾ وبا جي ٻي لَهر ڪَر کڻي سگهي ٿي. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اپيل ڪندي چيو آهي ته وبا ۾ تيزيءَ سان واڌ کان بچڻ لاءِ پنهنجو مُنهن چڱي طرح ڍڪي نڪرو، ماسڪ پائڻ سڀني آفيسن ۽ تعليمي ادارن ۾ يقيني بڻايو وڃي.