خاص

تحريڪ انصاف نئين ايم ڪيو ايم طور اُڀري آهي: سعيد غني

پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته ڪراچي کي لنڊن کانپوءِ هاڻ بني گالا مان هلائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، شهرين بلاول ڀٽو زرداري کي ووٽ ڏنو ته هو ڪراچي کي تبديل ڪري ڇڏيندو. پ پ طرفان عائشه منزل کان ايمپريس مارڪيٽ تائين “ڪراچي يڪجهتي” ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي جي اڳواڻي صوبائي صدر نثار کهڙي ۽ صوبائي وزير سعيد غني ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي نثار کهڙي چيو ته ڪراچي تي قبضي جي خواهش رکندڙ خواب ڏسڻ ڇڏي ڏين، نفرت جي سياست ڪندڙن 3 نسل تباهه ڪري ڇڏيا، پ پ ٽارگيٽ ڪلرن جي جماعت ناهي، پ پ بدلي جي سياست بدران ڪراچي ۾ امن جو ٻيڙو کنيو آهي، ڪراچي ۾ امن سنڌ حڪومت بحال ڪيو. سعيد غني تقرير ڪندي چيو ته اڄوڪي ريلي ۾ هر ٻولي ڳالهائيندڙ شريڪ آهي، جنهن سان ثابت ٿي ويو ته پ پ ڪراچي جي عوام کي ورهائڻ جي خلاف آهي، ريلي ڪنهن پارٽي نه پر نفرت جي سياست ۽ وزيراعظم جي بيان خلاف آهي، جنهن چيو هو ته اندرون سنڌ جا ماڻهو ڪراچي تي حڪمراني ڪري رهيا آهن. هن چيو ته تحريڪ انصاف هڪ نئين ايم ڪيو ايم طور اڀري آهي، پر عوام وڌيڪ نفرت، نسل پرستي ۽ فرقي بازي برداشت نه ڪندو، سندس چوڻ هو ته بلاول جي اڳواڻي ۾ ڪراچي کي حق ملندا.