ڪهاڻيون

نگرانيءَ ۾

ڪهاڻي

نگرانيءَ ۾

سعادت حسن منٽو

ترجمو: زاهده ابڙو 

“الف” پنهنجي دوست “ب” کي پنهنجو هم مذهب ظاهر ڪري کيس سندس جڳهه تي پهچائڻ لاءِ مليٽري جي هڪ دستي سان گڏ روانو ٿيو…

رستي ۾ “ب” جنهن جو مذهب مصلحت طور تبديل ڪيو ويو هو، مليٽري وارن کان پڇيو، “سائين! اوسي پاسي ڪا واردات ته ناهي ٿي.”

جواب مليس- “ڪا خاص نه…… فلاڻي پاڙي ۾ البته هڪ ڪتو ماريو ويو آهي-”

“ب” ڊڄندي پڇيو- “ڪا ٻي خبر؟” 

جواب مليو- “ڪا خاص ناهي….. نهر مان ٽن ڪتن جا لاش مليا آهن-” 

“الف”، “ب” جي تسلي لاءِ مليٽري وارن کي چيو- “مليٽري ڪجهه انتظام نٿي ڪري-”

جواب مليو- “ڇو نه…. سڀ ڪم ان جي نگرانيءَ ۾ ئي ٿيندا آهن-”

(منٽو ڪي سئو افساني)