هرڻ به ڪورونا وائرس کان نه بچي سگھيو
گذريل ٻن سالن کان سڄي دنيا ڪورونا وائرس جي وڪڙ ۾ آهي، وبا سبب ڪيترائي ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا آهن جڏهن ته وبا خلاف تيار ڪيل ويڪسين جو سلسلو پڻ جاري آهي ۽ هاڻ وري انسانن ۽ ٻين مختلف جانورن کانپوءِ آمريڪا جي زراعت کاتي اوهائيو ۾ هڪ هرڻ جي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. زراعت کاتي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته اڇي پُڇَ وارو جهنگلي هرڻ سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سان متاثر ٿيندڙ پهريون هرڻ آهي. بيان موجب ان کان اڳ مطالعي مان ظاهر ٿئي ٿو ته هرڻ وائرس مان متاثر ٿي سگھن ٿا جڏهن ته ڪجهه جهنگلي هرڻن ۾ وائرس جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اينٽي باڊيز به موجود آهن، پر اڃان تائين ڪنهن به هرڻ ۾ انفيڪشن جا ڪلينيڪل آثار نظر اچڻ جا ڪي به اطلاع نه آهن. واضح رهي ته سڄي دنيا ۾ جانورن ۾ ڪووڊ 19 جا ڪيس سامهون آيا آهن جن ۾ ڪتو، ٻليون، شينهن، برفاني چيتو، اٺ ۽ گوريلا وغيره شامل آهن.

