وزيراعظم جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس اڄ ٿيندو
وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو جنهن ۾ ملڪ جي سياسي، معاشي ۽ سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس جي حڪومت مخالف فيصلن جو جائزو ورتو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ نواز شريف جي سياسي سرگرمين ۽ اي پي سي ۾ وڊيو لنڪ خطاب جو قانوني جائزو ورتو ويندو ۽ ڪابينا آل پارٽيز ڪانفرنس جي حڪومت جي خلاف تحريڪ کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا سياسي رهنمائن جي نيب ڪيسن ۽ انهن جي پيش رفت تي به غور ڪندي. تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود ۽ خاص مددگار صحت ڊاڪٽر فيصل سلطان ڪورونا بابت بريفنگ ڏيندا. جڏهن ته ملڪ ۾ مهانگائي جي صورتحال، اٽي ۽ کنڊ جي قيمتن تي به بريفنگ ڏني ويندي. وفاقي ڪابينا جي اڄ ٿيندڙ اجلاس جو 14 نقاطي ايجنڊا به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اسلام آباد ۾ ماڊل جيل جي تعمير لاءِ ماسٽر پلان ۾ مجوزه تبديلي ايجنڊا ۾ شامل آهي. بجلي جي ترسيل متعلق ٽربيونل ۽ ميمبر جي مقرري به ڪابينا جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل آهي. ان کان علاوه وفاقي ڪابينا ماحولياتي تحفظ ايڪٽ تحت انوائرمينٽل ٽربيونل اسلام آباد جي چيئرمين جي مقرري ۽ پاڪستان آئلينڊز ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ايڪٽنگ چيئرمين جي مقرري جي قائدن ۽ قانونن جي منظوري به ڏني ويندي. ڪابينا قومي صحت واري وزارت جو دوائن جي ڇوٽ جو جائزو به وٺندي ۽ هڪ انجيڪشن سميت ٻين ڪجهه دوائن جي رٽيل پرائس مقرر ڪندي. وفاقي ڪابينا اوگرا ۾ ميمبر تيل جي مقرري جي به منظوري ڏيندي. اجلاس ۾ وزارت خارجه ۽ انٽرنيشنل سينٽر فار مائيگريشن پاليسي ڊولپمينٽ جي وچ ۾ معاهدي جي منظوري ڏني ويندي.

