ٻن رينجرز اهلڪارن جي قتل ڪيس مان به عذير بلوچ بري
ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻن رينجرز اهلڪارن جي قتل ڪيس ۾ شاهديون نه ملڻ تي لياري گينگ وار جي سربراهه عذير بلوچ، اود شير محمد عرف شيرو کي بري ڪري ڇڏيو. عذير بلوچ جي وڪيل چيو ته جوابدارن جي خلاف ڪي به پڪا ثبوت پيش نه ڪيا ويا آهن، جنهن ڪري کين بري ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن ٻن اهلڪارن اعجاز ۽ ناصر کي اغوا کانپوءِ کين قتل ڪيو هو، جوابدارن مقتولن جا چچريل لاش ميوه شاهه قبرستان ۾ اڇلائي ڇڏيا هئا. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي خلاف پاڪ ڪالوني ٿاڻي ۾ ٻٽي قتل جو ڪيس داخل ٿيل آهي، قتل جو ڪيس 2013 ۾ داخل ڪيو ويو هو. واضح رهي ته لياري گينگ وار جو سربراهه عذير بلوچ هن وقت تائين 18 ڪيسن کان بري ٿي چڪو آهي.

