خاص

پابندي مڙهيل مواد نه هٽائڻ تي روس ٽوئيٽر جي رفتار سست ڪري ڇڏي

روس پابندي مڙهيل مواد ويب سائيٽ تان نه هٽائڻ تي ٽوئيٽر تي جزوي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. روسي سرڪاري ڪميونيڪيشن ريگوليٽر جو چوڻ آهي ته پابندي مڙهيل مواد ويب سائيٽن تان نه هٽائڻ تي ٽوئيٽر جو استعمال محدود ڪرڻ لاءِ ان جي رفتار گهٽ ڪري رهيا آهيون. پابندي مڙهيل ۽ غير قانوني مواد جي موجودگي تائين ٽوئيٽر جي رفتار گهٽ رهندي. ٽوئيٽر تي پابندي مڙهيل مواد تي ٻڌل 3 هزار کان وڌيڪ پوسٽون موجود آهن. ٽوئيٽر پابندي مڙهيل مواد تي ٻڌل پوسٽون هٽائڻ ۾ ناڪام رهيو ته مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏينداسين. روسي صدارتي محل ڪريملن پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته روس سوشل ميڊيا تي پابندي نٿو چاهي، پر سوشل ميڊيا جون ڪمپنيون به روسي قانون تي عمل ڪن.