خاص

پاڪستان مسلم ليگ ن جا قانون ساز اسيمبليءَ جا ميمبر سينيٽ جي چونڊن کان پهرين استعيفيٰ ڏيئي ڇڏيندا

مسلم ليگ ن ايندڙ مارچ ۾ ٿيندڙ سينيٽ جي اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ کي حصو وٺڻ کان روڪڻ لاءِ پنهنجي تحريڪ جو آغاز شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ ن جا 84 ميمبر احتجاجي طور استعيفيٰ ڏيندا. پي ايم ايل اين جي سينئر اڳواڻ خواجه آصف چيو ته قانون ساز اسيمبلي جي ميمبرن خميس ڏينهن ماڊل ٽائون ۾ هڪ گڏجاڻي ڪئي جنهن کي اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪيو. جنهن ۾ هن چيو ته جڏهن پي ڊي ايم جي جدوجهد پنهنجي انتها تي پهچندي ته اسان جا 84 قانون ساز ميمبر قومي اسيمبلي مان هڪ ئي وقت استعيفيٰ ڏيندا ۽ پوءِ اسان ڏسنداسين ته سينيٽ جون چونڊون ڪيئن ٿيون ٿين. خواجه آصف ان ڳالهه جي پڪ ڏياري ته پارٽي جي ليڊر جي سڏ تي سڀئي قانون ساز اسيمبلي جا ميمبر اسيمبلي مان هڪ ئي وقت استعيفيٰ ڏيندا اهي سڀ پنهنجي پارٽي سان امتحان جي گهڙي ۾ گڏ بيٺل آهن. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته نڪو مسٽر آصف خواجه نه ئي وري ٻي ڪنهن پارٽي جي اڳواڻ ان ڳالهه بابت ڳالهايو ته قومي اسيمبلي مان جيڪي قانون ساز ميمبر استعيفيٰ ڏيندا ته ڇا ان ۾ پ پ ۽ جي يو آءِ ايف جا قانون ساز ميمبر به انهن سان گڏ شامل هوندا يا نه. ڇو ته اهي ٻئي پارٽيون پي ڊي ايم جو حصو آهن. جڏهن ته مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم جو صدر آهي.