پي آءِ اي مخصوص عمر جي ٻارن لاءِ فضائي سفر بلڪل مفت ڪري ڇڏيو
پاڪستان جي قومي ايئر لائين (پي آءِ اي) جتي ملڪ اندر پروازن جي ڪراين ۾ نمايان ڪمي ڪئي آهي، اتي هاڻ مسافرن کي هڪ ٻي سهولت به ڏني وئي آهي. پي آءِ اي اختيارين اعلان ڪيو آهي ته ملڪ اندر سمورين اڏامن تي ٻن سالن جي عمر وارا ٻار هاڻي مفت سفر ڪري سگهن ٿا. والدين بغير ڪنهن اضافي چارجز جي پنهنجن ٻن سالن جي ٻارن کي پاڻ سان گڏ فضائي سفر ڪرائي سگهن ٿا. هن کان اڳ لازمي هو ته ٻن سالن جي عمر وارن ٻارن لاءِ اضافي 10 سيڪڙو رقم ڏني وڃي، هاڻ اهو شرط ختم ڪيو ويو آهي. هاڻ والدين پنهنجي ٻار جو نالو پنهنجي ٽڪيٽ تي لکرائي هنن کي مفت ۾ پاڻ سان گڏ سفر ڪرائي سگهن ٿا. ياد رهي ته پي آءِ اي طرفان تازو ئي ڪجهه هفتن دوران ملڪ اندر فضائي سفر جي ڪراين ۾ حيران ڪندڙ ڪمي ڪئي وئي آهي. پي آءِ اي ڪراچي، اسلام آباد، لاهور ۽ فيصل آباد جي وچ ۾ سفر لاءِ يڪطرفو ڪرايو گهٽ ۾ گهٽ 7 هزار رپيا ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ٻنهي طرفن جو ڪرايو 13 هزار کان ڪجهه وڌيڪ رکيو ويو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪراچي جهاز حادثي ۽ جعلي پائليٽ جي اسڪينڊل کانپوءِ پي آءِ اي جي مسافرن جي تعداد ۾ گهٽتائي آئي آهي. هن بحران تي قابو ڪرڻ لاءِ مسافرن کي مختلف رعايتي پيڪيجز ڏنا پيا وڃن. جڏهن ته پي آءِ اي طرفان ڪراين ۾ ڪمي ڪرڻ کانپوءِ ٻين ڪجهه ايئر لائنز به ملڪ اندر اڏامن جي ڪراين ۾ ٺيڪ ٺاڪ ڪمي ڪئي آهي.

