پي. ڊي. ايم جو مستقبل
ملڪ ۾ سردي جي آمد آمد آهي، پر سياسي سرگرمي وڌي رهي آهي. نئون سياسي اتحاد جنهن جو نالو P.D.M رکيو ويو آهي، 11 پارٽين تي مشتمل آهي. وڏين پارٽين ۾ بظاهر ن ليگ ۽ پ پ پ آهي، پر تنظيمي طور طاقت رکڻ واري پارٽي ۾ J.U.I.F آهي جنهن وٽ ايترا منظم ڪارڪن آهن جو هو پوري ملڪ ۾ جتي چاهي پُراثر جلسو ڪري سگهي ٿي. ان کانپوءِ A.N.P جو به ڪافي اثر آهي خاص طور K.P.K ۾ اختر مينگل به حڪومت کي ڇڏي اپوزيشن ۾ شامل ٿيو آهي. بقايه ڇهه پارٽيون نالي ۾ ته سهي، پر اثر ۾ گهٽ آهن، محمود خان اچڪزئي ۽ عبدالمالڪ بلوچ پنهنجي سر بهتر مقرر آهن. P.D.M ٻه جلسا ڪري چڪي آهي جنهن ۾ ماڻهن جي موٽ به ٺيڪ رهي. ڪراچي سنڌ جي راڄڌاني آهي ۽ سنڌ حڪومت پ پ پ جي آهي ان ڪري ماڻهن کي اچڻ ۾ خاص تڪليف نه ٿي، پر گوجرانوالا جي جلسي ۾ ڪافي وڌيڪ رنڊڪن باوجود ايترن ماڻهن جو گڏجڻ بهرحال حڪومت لاءِ خطرن جي گهنٽي آهي خاص طور تي مريم نواز جو ايڪٽو ٿيڻ. هاڻي ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه رهيو آهي ته مريم نواز ئي ن ليگ جي مستقبل جي اڳواڻ آهي. چوڻ وارا چون ٿا ته شهباز شريف پاڻ کي پاڻ ئي جيل ۾ وجهرايو آهي ته جيئن ميدان مريم لاءِ صاف ٿئي جيڪڏهن هو ٻاهر هجي ها ته ن ليگ جي صدر جي حيثيت ۾ P.D.M جي جلسن ۾ شرڪت ڪري ها پوءِ مريم نواز کي مشهور ٿيڻ جو موقعو گهٽ ملي ها. مريم نواز پاڻ چئي ٿي ته هڪ سال شهباز شريف کي ڏنوسين ته تون پنهنجي طريقي سان ملاقاتن ذريعي ن ليگ جا مسئلا حل ڪرائي، پر هو ان ۾ ناڪام ٿيو ان ڪري هاڻي مزاحمت جي سياست شروع ڪئي جنهن کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين.
پياري پاڪستان جي تاريخ تي نظر وجهون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ڪابه تحريڪ سواءِ M.R.D جي، طاقتور ڌرين جي آشير واد کانسواءِ شروع نه ٿي آهي ۽ نه ئي جلسن جلوسن ڪنهن حڪومت جو خاتمو آندو آهي، پر اهي خاتمي آڻڻ وارن لاءِ جواز ضرور بڻيا آهن. 77ع جي تحريڪ ڏسجي تمام طاقتور هئي، پر ان جي پويان ڪير هئا؟ پوءِ جڏهن سياستدان ڪنهن حل تي پهتا ته ميري عزيز هم وطنو السلام عليڪم ٿي ويو 90 ڏينهن ۾ چونڊن ڪرائڻ جو واعدو اگر جهاز ڪريش نه ٿئي ها ته شايد 88 تائين وفا نه ٿئي ها. 85ع واريون چونڊون ته ڍونگ هيون. ستم ظريفي ڏسو ته محترمه جي حڪومت کي 18 مهينا هلڻ نه ڏنو ويو، اڄ اهو نواز شريف جنهن محترمه جي حڪومت وڃائڻ لاءِ طاقتور ڌرين جو سهارو ورتو، پاڻ طبي بنيادن تي جلا وطن آهي ۽ کيس غدار ڪوٺيو ٿو وڃي. 90ع ۾ I.J.I جي حڪومت ڪيئن آئي اهو به هاڻي راز نه آهي. سڀئي ذِي شعور انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن. ايستائين جو عمران خان به چئي ٿو ته اها جنرل اسد دراني جي مهرباني هئي.
محترمه شهيد وري 93ع ۾ نواز شريف جي خلاف طاقتور ڌرين سان اتحاد ڪيو ۽ حڪومت حاصل ڪئي پر اهو به جٽادار نه ٿيو صرف ٽن سالن کانپوءِ محترمه جي حڪومت کي پنهنجي ئي چونڊيل صدر فاروق لغاري مرحوم (جيڪو محترمه جي ڊرائيونگ ڪرڻ پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهندو هو) جي هٿان گهر ڀيڙو ڪيو ويو. پوءِ وري طاقتور ڌرين نواز شريف کي آندو سو به 97 کان 99 تائين. وري ميري عزيز هم وطنو السلام عليڪم: افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته مارشل لا جي ستايل پ پ پ مشرف جي مارشل لا لڳڻ تي مٺايون ورهايون ان اميد تي ته هاڻ وري اسان جو وارو آهي، پر ايئن نه ٿيو حڪومت جو مزو هڪ آمر جلدي ڪيئن ٿو ڇڏي سگهي. نواز شريف جيل جون سختيون نه سهي سگهيو ۽ ان وقت وڌيڪ پريشان ٿيو جڏهن کيس عمر قيد جي سزا ملي. نواز شريف جو والد مرحوم هڪ جهانديده شخص هو کيس خطرو هو ته مٿين حالتن ۽ سزائن جي ڪري هو ڪجهه ڪري نه سگهندو، کيس پاڪستان جي طاقتور وزيراعظم جو انجام چڱيءَ طرح ياد هو. ان ڪري سعودي عرب کي وچ ۾ آڻي نواز شريف کي آزاد ڪرائي ٻاهر وٺي ويو.
محترمه شهيد پڻ ٻاهر وئي، پر آصف زرداري جيل ۾ رهجي ويو جنهن کي ڪافي عرصو پوءِ N.R.O ذريعي آزاد ڪرايو ويو. ان ئي N.R.O جو ذڪر عمران خان ڪندو رهندو آهي ته جيڪڏهن مون کان مشرف مشورو وٺي ها ته N.R.O نه ڏي ها. ان وقت عمران خان Blue eye boy هو، پر اڃان ان تي اقتدار ڏيڻ وارن جو اعتبار نه پئي ٿيو، انهيءَ وچ ۾ لنڊن ۾ ميان صاحب ۽ محترمه شهيد وچ ۾ ميثاقِ جمهوريت ٿيو جنهن ۾ M.Q.M لاءِ واضح چيو ويو ته اها دهشتگرد تنظيم آهي ان کي اتحاد ۾ يا حڪومت ۾ شامل نه ڪيو ويندو. 2007ع ۾ محترمه شهيد N.R.O ٽوڙي پاڪستان اچي وئي، پر جلدي کيس شهيد ڪيو ويو، جنهن جي قاتلن کي اڃان تائين قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو ويو جيتوڻيڪ 2008 کان 2013 تائين پ پ جي حڪومت هئي ۽ 13 کان 18 تائين نواز شريف جي حڪومت هئي جنهن لاڙڪاڻي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو هو ته نواز شريف محترمه شهيد جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائيندو، پر حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ ان کان به ڳالهه وسري وئي. ڪمال ته 2013ع ۾ پ پ پ حڪومت ڪيو جنهن M.Q.M کي حڪومت ۾ شامل ڪيو.
تاريخ جو الميو اهو آهي ته ان مان ڪير به سبق حاصل نه ڪندو آهي ايئن ئي ايتري تڪليف کانپوءِ به نواز شريف سبق حاصل نه ڪيو ۽ پ پ پ جي حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ زرداري جي خلاف ڪورٽ ۾ پهچي ويو جيئن تيئن ڪري پ پ پنج سال پورا ڪيا جڏهن نواز شريف حڪومت ۾ آيو ته 2014ع ۾ عمران خان ڌرڻو شروع ڪيو ان وقت پارليامينٽ جو ڪردار ساراهه جوڳو رهيو سڀ پارٽيون نواز شريف سان ملي بيهي رهيون پوءِ به نواز شريف 5 سال پورا ڪري نه سگهيو اقامه تي کيس ڪڍيو ويو. 2018 جي اليڪشن ۾ واضح ٿي ويو ته عمران خان وزيراعظم ٿيندو پ پ کي سنڌ حڪومت ٺاهڻ تي راضي ڪيو ويو، نواز شريف کي هڪ دفعو وري جيل ۾ وڌو ويو. ان کان اڳ نواز شريف پنهنجي ئي حڪومت ۾ ووٽ کي عزت ڏيو ۽ مون کي ڇو ڪڍيو؟ جو بيانيو کڻي روڊن تي اچي چڪو هو، هاڻي به سندس اهو بيانيو آهي ۽ واضح طور اسٽيبلشمينٽ سان مهاڏو اٽڪايو ويٺو آهي. چوڻ وارا چون ٿا ته کيس لنڊن به انهيءَ شرط تي موڪليو ويو ته هو ايڪسٽينشن لاءِ ووٽ ڏياريندو ۽ ن ليگ ووٽ ڏنا.
مولانا صاحب عمران خان جي حڪومت اچڻ جي هڪ سال کانپوءِ اچانڪ مارچ شروع ڪيو ۽ اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو ته عمران خان استعيفيٰ وٺي پوءِ واپس ايندس، پر ايئن نه ٿيو. هاڻي جڏهن ميان صاحب لنڊن ۾ آهي کيس جيل ۾ وڃڻ جو ڪوبه خطرو نه آهي ته سندس گوجرانوالا جي دهوان دار تقرير سندس بيانيي کي تقويت ڏئي ٿي، پر بلاول صاحب چوي ٿو سليڪٽر کي انهن جي پيج تي اچڻو پوندو. مريم صاحبه پنهنجي والد جي بيانيي کي اڳتي وڌائي ٿي. مولانا صاحب به صاف طور چئي ٿو ته جمهوريت کي چوراهي تي ڪهڻ وارن کان حساب ضرور ورتو ويندو ۽ هن جو بيانيو آهي ته هيءَ پارليامينٽ ناجائز آهي نيون چونڊون ٿيڻ کپن. بلاول ڀٽو صاف ٿو چوي ته هن پارليامينٽ کي هلڻ ڏنو وڃي صرف حڪومت جي تبديلي ڪئي وڃي مطلب ته ٽنهي وڏين پارٽين جو مقصد جدا جدا آهي. P.D.M ۾ شامل سڀئي جماعتون حڪومت ۾ رهي چڪيون آهن ۽ وري حڪومت ۾ اچڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن پ پ پ ته سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي. انهن سڀني کي چڱيءَ طرح ڄاڻ آهي ته اسان جي ملڪ ۾ اسٽيبلشمينٽ جي پٺڀرائي کانسواءِ حڪومت حاصل ڪري نٿي سگهجي. انهن کي خبر آهي ته اسان وٽ ڪنٽرول جمهوريت آهي ۽ ڪڏهن به آزاد حڪومت نه رهي آهي. هاڻي سڀئي جماعتون چون پيون ته هو ان ڳالهه تي متفق آهي ته هاڻي ملڪ ۾ جمهوريت کي آزاد ڪيو وڃي ڳالهه ته سٺي آهي، پر خدا ڪري هو سچا ٿي بيهن.
اسان ڳالهه پئي ڪئي ته ڪنهن به تحريڪ جي شروعات جي پويان پڻ ڪنهن طاقتور گروپ جو هٿ هوندو آهي. هنن جلسن جي پويان پڻ ٿي سگهي ٿو. P.D.M کي عوام جو درد ڪيترو آهي اهو ته لڪل نه آهي مهانگائي جو ماريل عوام به پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ P.D.M جي حمايت ڪري ٿو، جنهن جو نقصان يقيني طور حڪومت کي پوندو. وري حڪومتي فيصلا به اهڙا آهن مثال طور: غداري جو ڪيس داخل ڪرڻ، ڪئپٽن صفدر کي گرفتار ڪرڻ، عمران خان وزيراعظم هوندي اهڙيون تقريرون ڪرڻ، انهن عملن جي ڪري P.D.M اڃان تائين ڪاميابي سان سفر ڪري رهي آهي. 26 نقطن جي مشتمل منشور جو عوام ڪهڙو ريسپانس ڏئي ٿو خبر نه آهي، پر مهانگائي جو درد عوام کي ريسپانس ڏيڻ تي ضرور مجبور ڪري ٿو.
هاڻي سوال هي آهن ته:
- P.D.M جو اتحاد ڪيترو وقت قائم رهندو؟
ڇو ته ماضي قريب ۾ پيپلز پارٽي صدارتي ووٽ مولانا صاحب جي منٿن ڪرڻ جي باوجود ان کي نه ڏنو ۽ سينيٽ جي چيئرميني جي لاءِ ن ليگ غير مشروط رضا رباني جي حمايت ڪئي پر پيپلز پارٽي اها به قبول نه ڪئي.!
- ڇا جلسن جلوسن سان حڪومت وڃي سگهي ٿي؟
اڃا تائين ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙو مثال نٿو ملي.!
ن ليگ وٽ ته ٻيو ڪوبه آپشن نه رهيو آهي ان ڪري هو روڊن تي اچي وئي آهي. مولانا به پهريون دفعو حڪومت کان پري آهي ان ڪري طاقتور ڌرين کان ناراض آهي، پ پ جيڪا سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي ڇا اها P.D.M جي پليٽ فارم تان آخري حد تائين ويندي؟ نظر ته مشڪل ٿو اچي.!
- ڇا طاقتور ڌريون عمران خان کي گهر موڪلينديون؟
اها تبديلي جلدي نظر نٿي اچي، پر سائين پياري پاڪستان جي سياست تي اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي، هتي ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. جيڪو به ٿئي، پر غريب عوام جي ڀلي ۾ ٿئي، ايندڙ مهيني گهڻيون ڳالهيون واضح ٿي وينديون ته P.D.M پنهنجي مقصدن ۾ ڪيترو ڪامياب ٿي سگهي ٿي اڃا ته شروعات آهي ڏسڻو آهي ٻين جلسن ۾ عوام جي شموليت ڪيتري ٿئي ٿي، بهرحال حڪومت کي ڊينٽ پئجي چڪو آهي.

