پيوٽن تي سوويت يونين جو اثر ۽ روس جو مستقبل شهريار رحمان کوسو اپريل 2022
روس جو يوڪرين تي حملو عالمي جنگ کانپوءِ سڀني کان وڏو واقعو آهي. اهو واقعو پنهنجي اندر ايتري ته شدت رکي ٿو جو هن جي شدت ۽ هن مان پيدا ٿيندڙ اثر پوري دنيا کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي سگهن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته روس غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ اهو عمل سڄي قوم جو نه آهي، بلڪه محض هڪ فرد جو فيصلو آهي. ولاديمير پيوٽن محض پنهنجي ذاتي نظريي تحت يوڪرين تي حملو ڪيو آهي، پر بدقسمتي سان روسي عوام ڪنهن هڪ فرد جي فيصلي جي قيمت ادا ڪندو ۽ ايئن ئي ٿيندو آيو آهي، ليڊرن جا غلط فيصلا سڄي قوم کي ڀوڳڻا پوندا آهن، اهوئي روسين سان ٿيو آهي. دنيا ۾ جتي به روسي رهن ٿا انهن کي هاڻي بيپناھ معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو. پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اهي ماڻهو روس جي ان عمل تي خوش ٿيا آهن جيڪي جذباتي سوچ رکن ٿا ۽ مادي دنيا سان انهن جو ڪو لاڳاپو ناهي، اهي روس جي هن جارحانه قدم کي روس جي بهادري ۽ شجاعت سمجهن ٿا ۽ سمجهن ٿا ته روس هاڻي مغربي ملڪن کي به فتح ڪندو. جڏهن ته حقيقت ايئن آهي ته روس يوڪرين تي حملو ڪري وڏي بزدلي جو مظاهرو ڪيو آهي، ان کي خبر آهي ته يوڪرين دفاع جي لحاظ کان هڪ ڪمزور ملڪ آهي. يوڪرين روس جي مقابلي ۾ جنگي ساز ۽ سامان جي لحاظ سان تمام ننڍو ملڪ آهي ۽ روس جو دفاع گهڻو مضبوط آهي، تنهن کانسواءِ روس جنگي اعتبار سان آمريڪا کانپوءِ دنيا جي ٻي وڏي عالمي طاقت آهي، تنهنڪري ڪنهن ڪمزور ملڪ تي ايئن چڙهائي ڪرڻ بزدلي ۾ شمار ٿيندو. جنگ عظيم ٻي کانپوءِ جيڪي قانون ٺاهيا ويا ۽ اقوام متحده جهڙو ادارو وجود ۾ آيو ان ۾ اها شيءِ طئي ڪئي وئي ته ڪوبه ملڪ ڪنهن ٻئي ملڪ تي جبر جي بنياد تي حملو نه ڪندو ۽ نه قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. جيڪر ڪٿي ڪو مسئلو هوندو ته ان کي ڳالهين ذريعي حل ڪيو ويندو، پر فوج استعمال نه ڪئي ويندي، پر روس عالمي قانون جي لتاڙ ڪندي يوڪرين خلاف مڪمل جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ روس جي فوج يوڪرين جي بين الاقوامي سرحد کي پار ڪندي يوڪرين ۾ داخل ٿي ۽ تباهي مچائڻ شروع ڪئي، ان جي قيمت روس کي ايتري ڏيڻي پوندي جو ماڻهو ڪيترن سالن تائين ياد رکندا. اڄ جي دنيا ۾ ملڪ هٿيارن تي نٿا هلن بلڪه معاشي معاملن تي هلن ٿا. مستقبل ۾ روس تي معاشي پابنديون ان کي ايترو ته ڪمزور ڪري ڇڏينديون جو هو دنيا ۾ ڪٿي به تجارت نه ڪري سگهندو ۽ ان جو اثر روس ۾ رهندڙ ڪروڙين انسانن تي ٿيندو. بهرحال! يوڪرين ۽ روس جي سرحد صدين کان آهي ۽ يوڪريني ۽ روسي ماڻهن جو رشتو ايئن آهي جيئن انڊيا پاڪستان جي ماڻهن جو هڪ ٻئي سان آهي. يوڪرين روس جي انقلاب کانپوءِ سوويت يونين جو به حصو رهيو آهي. يوڪرين 1922 کان وٺي 1991 تائين سوويت يونين جو حصو رهيو آهي. پوءِ 1991 ۾ ريفرنڊم ذريعي يوڪرين سوويت يونين کان ڌار ٿي ويو ۽ بعد ۾ هڪ آزاد رياست ٿي سامهون آيو ۽ دنيا هن کي آزاد رياست طور قبول ڪري ورتو. يوڪرين ۾ 75 سيڪڙو يوڪريني، 17 سيڪڙو روسي رهن ٿا. يوڪرين ۾ رهندڙن جي اڪثريت مغربي طرز جي شخصي آزادي جا حامي آهن ۽ جمهوريت کي اتي پسند ڪيو ويندو آهي ان لاءِ يوڪرين ۾ جمهوري قوتن کي عوام جي مڪمل حمايت حاصل آهي. ٻئي طرف روس جتي سوويت دور کان وٺي آمرنا طرز جي حڪومت رهي آهي، اڄ به پيوٽن جي حڪمراني ۾ روس جمهوريت کان گهڻو پري نظر ٿو اچي ۽ روس ۾ پيوٽن خلاف ماڻهن ۾ گهڻي بيزاري آهي ۽ ماڻهو ان خلاف احتجاج به ڪندا آهن، پر انهن کي رياستي مشينري استعمال ڪري چپ ڪرايو ويندو آهي، بلڪه هاڻي به روس ۾ يوڪرين جي حق ۾ گهڻا مظاهرا ٿيا، پر احتجاج ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويو. يوڪرين ۾ رهندڙ ماڻهو هن وقت روس سان قديم سرحد باوجود تهذيبي طور يورپ ڏانهن لاڙو رکن ٿا ۽ انهن جي خواهش آهي ته هو پنهنجو مستقبل مغربي ملڪن سان گڏ جوڙي رکن، پر روس کي اهو خوف آهي ته جيڪر يوڪرين مغربي بلاڪ ۾ هليو ويو ته پوءِ يوڪرين جي سر زمين روس جي خلاف استعمال ٿيندي ۽ مستقبل ۾ مغربي ملڪن جي سياست جو اثر مڪمل طور تي روس تي پوندو ۽ روس جو سياسي نظام مڪمل طور تي مغربي ملڪن جهڙو ٿي ويندو ۽ روس جي سياست تي آمريڪا جي مڪمل گرفت ٿي ويندي. هاڻي مسئلو اهو آهي ته يوڪرين ۽ اتي رهندڙ انسان ذهني طور تي روس جي خلاف ٿي ويا آهن ۽ اهي نٿا چاهين ته روس انهن جي سياست ۾ مداخلت ڪري ۽ اها ڳالھ پيوٽن لاءِ هضم ڪرڻ مشڪل آهي ته پنهنجي در تي آمريڪا جي اتحادي ملڪن کي ويهاري ان لاءِ جڏهن هو نظرياتي طور تي يوڪرين کي راضي نه ڪري سگهيو ته پوءِ هو ڏاڍ تي لهي آيو آهي. پيوٽن سوويت دور کان وٺي روس جي سياسي عمل ۾ شريڪ رهيو آهي، ان جي شخصيت به ان دور کان گهڻي متاثر آهي ۽ ان جي خواهش آهي ته روس جي پوزيشن سوويت روس جهڙي ٿي وڃي، ڇو جو اڄ به پيوٽن جي شخصيت ۾ سوويت يونين جي سپاهي جي جهلڪ نظر ايندي آهي. پيوٽن سوويت يونين جي انٽيلجنس ايجنسيKGB ۾ به ڪم ڪيو آهي. پيوٽن جي شخصيت ۾ اڄ به سوويت انقلاب جو اثر نظر ايندو آهي ۽ هو ذهني طور تي اڄ به سوويت ماڊل جو حامي آهي، انهيءَ سوچ ۽ شخصيت جي تحت هن يوڪرين تي چڙهائي جو فيصلو ڪيو. سوويت يونين جو حامي روسي ئي اهڙو فيصلو ڪري سگهي ٿو، جيڪو پيوٽن يوڪرين خلاف ڪيو آهي. بهرحال! روس کي يوڪرين جي سياست تي ڳڻتي شروع کان وٺي هئي، پر هاڻي واري صورتحال جو بنياد 2014 کان ئي پئجي چڪو هو ۽ 2014 ۾ ئي اندازو ڪيو وڃي پيو ته اهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي جيڪا هاڻي آهي، پر ان وقت وقتي طور تي ماٺ ٿي وئي هئي.
سوويت يونين جي دور ۾ ڪريميا جو علائقو يوڪرين جو حصو هو، پر جڏهن سوويت يونين ٽٽي ويو ۽ يوڪرين آزاد رياست طور سامهون آيو ته ڪريميا تي روس جي نظر هئي ۽ روس جي مرضي هئي ته ڪريميا روس جو حصو ٿئي، پر يوڪرين جو موقف هو ته ڪريميا منهنجو حصو هو ان لاءِ اڄ به ڪريميا تي منهنجو حق آهي، پر روس ڪريميا کان هٿ کڻڻ لاءِ تيار نه هو. يوڪرين جي آزادي ريفرنڊم جي نتيجي ۾ ڪئي وئي. ڇو ته ريفرنڊم ۾ يوڪرين جي آزادي جي حق ۾ وڌيڪ ووٽ آيا هئا، پر ڪريميا جي ريجن ۾ ڇو ته روسي ماڻهن جي آبادي گهڻي هئي ته اتي ٻين علائقن جي نسبت يوڪرين جي سوويت يونين کان آزادي جي حق ۾ گهٽ ووٽ پيا. ڪريميا جو علائقو روس لاءِ تمام گهڻي اهميت جو حامل آهي، جيڪر مستقبل ۾ يوڪرين آمريڪا بلاڪ ۾ هليو ويو ۽ ڪريميا سميت يوڪرين جي ٻين جاگرافي اهميت واري علائقن ۾نيٽو ۽ آمريڪا ڪنٽرول ٿي ويو ته روس لاءِ ڪجھ به نه بچندو ۽ هو پوءِ هو آمريڪا جو محتاج ٿي ويندو. ڇو ته روس جي گرم پاڻين لاءِ جنگ هاڻي جي ناهي بلڪه پراڻي آهي روس کي دنيا سان تجارت ڪرڻ لاءِ گرم پاڻين جي ضرورت آهي. بهرحال! ڪريميا تي قبضو روس سامونڊي رستن جي ڪري ڪيو آهي ۽ روس کي اها به خبر آهي ته جيڪر هو ايئن نه ڪندو ته ڪريميا تي نيٽو جو اثر وڌندو. ڇو ته يوڪرين مڪمل طور تي آمريڪي بلاڪ ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهي، بلڪه هو جلد بازي ڪري پيو ته هو يورپي يونين ۽ نيٽو ۾ شامل ٿي وڃي ۽ اها خواهش يوڪرين جي عوام جي به آهي، پر ڪريميا ۾ گهڻي آبادي روسين جي آهي ۽ روس جي حڪومت انهن جو خيال به ڪندي آهي، انهن کي اڄ به يوڪرين سميت ۽ روس جا پاسپورٽ به مليل آهن. ڪريميا جي گهڻي آبادي روسين جي آهي، ان لاءِ انهن جو لاڙو به روس ڏانهن وڌيڪ آهي. سوويت يونين جي ٽٽڻ وقت روس سميت تمام اتحادي ملڪ معاشي بدحالي ۽ مجموعي طور تي سڀ افراتفري جو شڪار هئا، ان وقت ته اتحادين جي الڳ ٿيڻ ۽ سوويت يونين جي ٽٽڻ کي وقتي طور تي تسليم ڪيو ويو هو، پر ڪي اهڙا ماڻهو به هئا جنهن ان عمل کي ڪڏهن به تسليم نه ڪيو ۽ ان عمل انهن جي نفسيات تي ڇاپ هڻي ڇڏي. انهن مان هڪ پيوٽن به هو روس ۾ رهندڙ تقريبن هر انهيءَ روسي جي دل ۾ آمريڪا خلاف نفرت آهي، جيڪي سوويت يونين جي نظام مان متاثر هئا ۽ ان جا حامي هئا. نظرين جو اختلاف هوندو آهي، پر دنيا جي تاريخ ڪميونزم ۽ ڪيپٽلزم جي وچ ۾ جيڪا ڇڪتاڻ آهي، ان دنيا کي هميشه لاءِ تبديل ڪري ڇڏيو، ٻنهي نظرين مشهوري جي بلندي ماڻي، پر بدقسمتي سان عام ماڻهو ڪميونزم مان اهو فائدو حاصل نه ڪري سگهيو، جيڪو ڪارل مارڪس يا هيگل جي لکڻين ۾ موجود آهي. بهرحال! ڪميونزم هڪ فلسفو آهي ان عام ماڻهو کي پاڻ طرف ڪيو هو ۽ ان ۾ واقعي ڪو شڪ ناهي ته ڪميونزم هڪ پرڪشش نظام لڳندو آهي جنهن جا ڪنهن به رياست ۾ مفيد اثر پئجي سگهن ٿا، پر روس جي انقلاب کانپوءِ اصل ڪميونزم ڪٿي گم ٿي ويو هو، جن ماڻهن اهو انقلاب آندو بعد ۾ اهي پنهنجي نظريي تان پوئتي ٿيندا ويا ۽ ڪي مايوس ٿي ديس ئي ڇڏي ويا. ڪميونزم جهڙي مثالي رياست جو جيڪو تصور آهي سوويت انقلاب کانپوءِ هڪ سيڪڙو به اهڙو نظام نظر نه آيو بلڪه ان خطي اهڙي تباهي ڏٺي جيڪا پهرين نه هئي، حالات پهريون کان بدتر ٿي ويا، عام ماڻهو جيڪي انقلاب ۾ شامل ٿيا انهن کي مايوسي کانسواءِ ڪجھ نه ملي سگهيو. مطلب ته ڪميونزم پنهنجي اصل صورت ۾ ڪڏهن به نافذ ٿيو ئي ناهي، سوويت يونين نام نهاد ڪميونزم کان ماڻهو بيزار هئا ۽ ڪيپٽلزم جي ڪمرشل صورت ماڻهن کي نفعو ڏنو. پيوٽن جي اها خواهش آهي ته مان روس جي انهن علائقن کي آمريڪا بلاڪ کان محفوظ رکان جيڪي ڪنهن دور ۾ سوويت يونين ۾ شامل هيون ۽ خاص طور تي اهي ملڪ جيڪي اڄ روس جي بارڊر تي پڻ آهن ۽ انهن مان يوڪرين هڪ اهم ملڪ آهي ۽ روس جي بارڊر تي واقع آهي، هن جي جاگرافي جي وڏي اهميت آهي، جيڪر يوڪرين مغربي ملڪن سان گڏ اتحاد ۾ جڙي آمريڪي بلاڪ ۾ وڃي ٿو ته روس ۾ موجود سوويت دور جي حڪمرانن جن جي پنهنجي هڪ الڳ سوچ ۽ نظريو آهي، انهن لاءِ خطري جي گهنٽي هوندي، پر يوڪرين جو عوام اهو نٿو چاهي ته اهي روس جي بلاڪ ۾ هجن بلڪه اهي روس جي پاليسين کان بيزار آهن. روس يوڪرين جي اهم سامونڊي رستن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، جيئن يوڪرين جي معشيت تي مڪمل روس جو ڪنٽرول رهي ان لاءِ هو يوڪرين جي سياسي ۽ عسڪري معاملن ۾ مداخلت ڪندو آيو آهي. يوڪرين جي سياستدانن کي اها شڪايت رهندي آهي ته روسKGB ذريعي يوڪرين جي سياست ۾ مداخلت ٿو ڪري ۽ ايئن کليل نموني ٿيو به آهي. يوڪرين جا اهي سياستدان جيڪي روسي نسل جا آهن، انهن تي روس هٿ رکندو آيو آهي. مثال طور: وڪٽر يانو ڪوچ جيڪو يوڪرين جو صدر ۽ وزيراعظم به رهيو آهي. هن شخص تي اهو الزام لڳندو رهيو هو ته هو روس نواز آهي ۽ روس جي پاليسي جي زير اثر رهي ڪم ڪندو آهي. گهڻن ماڻهن جو اهو خيال هو ته هوKGB جو ايجنٽ هو. وڪٽر روسي انٽيليجنس اداري جو ايجنٽ هو ان ۾ ڪيتري حقيقت آهي اها ته خبر ناهي، پر هن کي روس جي گهڻي مدد حاصل هئي ۽ هن پنهنجي حڪومت جي دور ۾ اهي ڪم ڪيا جيڪي روس جي حق ۾ هئا. هن جي ڪوشش هئي ته يوڪرين روس جي اثر کان ٻاهر نه وڃي هن هميشه اهڙي پاليسي رکي جيڪا روس جي حق ۾ هئي، هن جي قيادت ۾ 2004 کان 2005 تائين جو دور تمام گهڻو متنازع رهيو ۽ لکين ماڻهو هن جي خلاف روڊن تي نڪري آيا. ٿيو ڪجھ ايئن هو جو يوڪرين ۾ صدارتي اليڪشن ٿي هئي ۽ ان ۾ منظم طريقي سان ڌانڌلي ڪئي وئي ۽ وڪٽر يانوڪوچ کي اليڪشن ۾ زبردستي ڪامياب ڪرايو ويو، جنهن جي خلاف بعد ۾ سڄي يوڪرين ۾ ماڻهو ٻاهر نڪري آيا ۽ انقلاب آڻي ڇڏيائون جنهن کيorange revolution طور ياد ڪيو ويندو آهي. ان دوران جڏهن اليڪشن جو مرحلو اڃان جاري هو ته صدارتي اميدوار وڪٽر يوشينڪو جي طبيعت اچانڪ خراب ٿي وئي ۽ هو مرندي مرندي بچي ويو. بعد ۾ ميڊيڪل جي رپورٽن مطابق هن کي زهر ڏنو ويو هو ۽ يوڪرين ۾ اهو يقين ڪيو وڃي پيو ته هن جي قتل ڪرڻ جي ڪوشش پويان روس جو هٿ آهي. بهرحال! يوشينڪو بچي ويو ۽ مڪمل صحتياب ٿي ويو. بعد ۾ عوامي پريشر جي ڪري صدارتي اليڪشن کي يوڪرين جي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ٻيهر ڪرايو ويو، جنهن ۾ وڪٽر يوشينڪو اليڪشن کٽي ويو. ياد رکڻ کپي ته يوڪرين جي اليڪشن کي بدترين اليڪشن چيو ويندو آهي. ڇو جو هڪڙي منظم طريقي سان وڪٽر يانوڪوچ کي اليڪشن کٽرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. چيو ويو هو ته هن سڄي معاملي ۾ روس جي مداخلت هئي، اهڙيءَ طرح روس يوڪرين جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪندو آيو آهي. ان جو سبب اهو ئي آهي ته روس نٿو چاهي ته يوڪرين سگهارو ٿي پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري. ڇو ته روس کي علم آهي ته جيڪر يوڪرين کي ڇڏي ڏنو ويو ته هو آمريڪا بلاڪ ۾ هليو ويندو ۽ نيٽو جو ميمبر ٿي ويندو جيڪو روس کي ڪنهن صورت قبول ناهي. روس خلاف يوڪرين ۾ بيزاري پيدا ٿي چڪي آهي ۽ يوڪرين جا ماڻهو چاهين ٿا ته يوڪرين يورپ اتحاد ۾ شامل ٿي مغربي ملڪن سان گڏ ٿي هلي، پر روس نٿو چاهي ته ايئن ٿئي، ان لاءِ روس 2014 کان وٺي يوڪرين تي غير قانوني قبضو ڪندو پيو اچي. پهرين هن ڪريميا تي قبضو ڪيو ۽ ان کي روس جو حصو قرار ڏنو، پوءِ هن لوهانسڪ ۽ ڊونيسڪ جي يوڪريني علائقن تي قبضو ڪيو. لوهانسڪ ۽ ڊونيسڪ ۾ روسي ماڻهن جي آبادي وڌيڪ آهي ۽ روسي مداخلت سبب اتان جي ڪجھ ماڻهن کي يوڪرين کان آزادي لاءِ تيار ڪيو ويو آهي ۽ هڪ تحريڪ شروع ڪئي وئي هئي، جيڪا مسلسل هلي پئي ۽ انهن کي روس جي قليل مدد حاصل هئي. تازو روس انهن علائقن تي قبضو ڪري لوهانسڪ ۽ ڊونيسڪ جي آزادي جي تحريڪ کي تسليم ڪندي انهن کي آزاد رياست طور تسليم ڪري چڪو آهي، پر عالمي سطح ڪريميا کان وٺي لوهانسڪ ۽ ڊونيسڪ تي روسي قبضي کي غير قانوني قرار ڏنو ويو آهي ۽ اڄ به دنيا ڪريميا سميت تمام انهن علائقن کي يوڪرين جو حصو سمجهي ٿي، جتي روس قابض ٿي ويٺو آهي ۽ انهن کي پنهنجو حصو قرار ڏئي ٿو. هاڻي اها ڳالھ واضح ٿي چڪي آهي ته روس يوڪرين تي مڪمل ڪنٽرول چاهي ٿو ۽ پيوٽن سوويت ماڊل طور ان کي روس جو حصو ٿو ڪرڻ چاهي. هاڻي اهو ڏسڻ باقي آهي ته اهو معاملو ڪٿي وڃي دنگ ڪندو. يقينن ان سڄي ڊرامي جو پيوٽن ئي هدايتڪار آهي ۽ هو پنهنجي مخصوص فلسفي تي عمل ڪندي هي سڀ ڪجھ ڪري رهيو آهي، پر پيوٽن کي شايد اهو اندازو ناهي ته اهو سڀ ڪجھ ئي روس ۾ هڪ ٻيو انقلاب آڻي سگهي ٿو، جيڪو ڪيپٽلزم جي حق ۾ هوندو. ڇو ته روسي عوامي پيوٽن جي سياست ۽ پاليسين کان خوش ناهي، پيوٽن هاڻي روس تي طاقت جي زور تي قابض ويٺو آهي، ان کي عوامي حمايت حاصل ناهي. ڇو ته روسي ماڻهو آمريڪا ۽ مغربي ملڪن جهڙي جمهوريت چاهين ٿا. اهڙيءَ طرح يوڪريني عوام به سوويت ماڊل کان نڪرڻ ٿي چاهي. انڪري ته 2013 ۾ انقلاب آيو هو، جنهن ۾ يوڪريني عوام انهن لاءِ احتجاج ڪرڻ لاءِ نڪتا. ڇو جو صدر وڪٽر يانوڪوچ روس يورپي يونين بدران روس فيڊريشن ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو هو. هزارين ماڻهو يورپي يونين جي حق ۾ روڊن تي آيا، بعد ۾ عوام جو رد عمل ڏسي پارليمينٽ جي ميمبرن صدر خلاف ووٽ ڏنو ۽ صدر وڪٽر يانوڪوچ عوامي حمايت وڃائي چڪو هو. پوءِ به صدر جي ڪرسي تان لهڻ لاءِ تيار نه هو. پوءِ عوامي، عدالتي ۽ پنهنجي پارٽي جي پريشر تحت ۽ تمام گهڻي مزاحمت کانپوءِ نيٺ روس ڀڄي ويو ۽ اڄ ڏينهن تائين ان کي اتي پناھ مليل آهي ۽ هو يوڪرين کان جلاوطن ٿيل آهي. ان سڄي قصي مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ڪيئن روس يوڪرين جي سياسي معاملن تي مداخلت ڪندو آيو آهي. روس يوڪرين جنگ جو سبب اهوئي آهي جيڪو سرد جنگ دوران هو. روس ۽ ان جو هاڻوڪو حاڪم پيوٽن اڄ به سوويت يونين ٺاهڻ پيو گهري ۽ ان يوڪرين جي آزادي کي ڪڏهن تسليم ئي ناهي ڪيو، ان لاءِ هن يوڪرين تي سوويت يونين جي روس جو حق سمجهي ان تي کليل قبضو ڪيو آهي. بهرحال! روس کي اهو اندازو نه هو ته دنيا ان جي هن عمل تي ايئن رد عمل ڏيندي. دلچسپ ڳالھ اها آهي ته خود روس اندر به پيوٽن جي يوڪرين تي قبضي واري عمل تي احتجاج ٿي رهيا آهن ۽ اهو ممڪن آهي ته روس اندر وري ڪو انقلاب اچي جيڪو ان سڄي خطي کي پنهنجي لپيٽ ۾ ڪري وٺي. روس ۽ مغربي ملڪن جي سرد جنگ دنيا کي گهڻو تبديل ڪيو هو، عالمي سياست گهڻا ئي اهڙا فيصلا ڪيا هئا، جيڪي سرد جنگ کي ڏسندي ڪيا ويا هئا. ايتري تائين جو پاڪستان آمريڪا تعلقات به انهيءَ سرد جنگ تحت هلايا ويا هئا، پر هاڻي دور تبديل ٿي ويو آهي ۽ گهڻو ڪجھ حاصل ڪيو ويو آهي. ٻيو وري هاڻي هٿيارن سان نه بلڪه معاشي شڪل سان جنگ ڪئي ويندي آهي ۽ ايئن ئي آمريڪا سميت تمام دنيا روس خلاف معاشي جنگ جو اعلان ڪيو آهي ۽ ان جي مٿان اقتصادي پابنديون هنيون ويون آهن. يوڪرين تي قبضي جو فيصلو پيوٽن پنهنجي نظريي تحت ڪيو آهي، پر ان جي قيمت روس ۾ رهندڙ عام ماڻهو ادا ڪندو. روس شروع کان ئي سوويت يونين جي دور کان وٺي معاشي طور ڪمزور ملڪ رهيو آهي ۽ هاڻي به ان جي معشيت ٻين عالمي طاقتن کان تمام گهٽ آهي. تازو لڳل پابنديون روس کي مزيد ڪمزور ڪنديون ۽ اهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، جنهن جو روسي ماڻهن ڪڏهن سوچيو ئي نه هجي.
گهڻن ماڻهن کي اهو خدشو آهي ته ڪٿي روس يوڪرين جنگ عالمي جنگ ۾ به تبديل ٿي وڃي. ها! اهو ممڪن ته آهي، پر مشڪل به آهي. ڇو ته ان ڳالهه جو روس کي به ادراڪ آهي ته جيڪر ايئن ٿيو ته اها جنگ پوءِ ايٽمي هٿيارن تائين هلي ويندي جيڪا سڄي دنيا کي متاثر ڪندي، پر هن وقت تائين پيوٽن ضد تي آهي ۽ ان جي ڪوشش آهي ته دنيا ان جي قبضن کي جائز تسليم ڪري ۽ اهي علائقا جيڪي روس جي قبضي ۾ آهن، انهن بابت اهڙو فيصلو ڪيو وڃي، جيڪو روس جي حق ۾ هجي. منهنجي ذاتي خيال ۾ جلد سيز فائر ٿيندو. ڇو ته پيوٽن تي هاڻي پنهنجي ئي ماڻهن جو گهڻو پريشر آهي، يقينن ايندڙ هفتن ۾ يوڪرين روس جنگ ڪنهن نه ڪنهن منطقي انجام تي پڄندي. ايندڙ وقت ۾ روس تمام گهڻي مشڪل وقت ۾ داخل ٿيندو. جڏهن معاشي پابنديون اثر ڪرڻ شروع ڪنديون، روس مجبور ٿيندو، پر ان ۾ وقت لڳندو. آمريڪا سميت عالمي طاقتن کي ان جو به اندازو آهي ته جيڪر هن وقت پيوٽن جي ڪيل فيصلن کي تسليم ڪيو ويو ته اڳتي هو يورپ تي به حملو ڪري سگهي ٿو، ان لاءِ روس کي رياستي طور ايترو ته اڪيلو ڪيو وڃي جو هو مجبور ٿي وڃي ۽ ايئن ٿيندو ته روس ايندڙ وقت ۾ يقينن مجبور ٿيندو ۽ اهو ممڪن آهي ته روس اندر هڪ انقلاب اچي وڃي ۽ روسي ماڻهو يوڪريني ماڻهن سان گڏجي روسي فوج خلاف وڙهڻ شروع ڪن. ڇو ته روسي ماڻهن اندر پيوٽن خلاف منفي جذبات آهن ۽ سندس يوڪرين تي حملي جي فيصلي کيس وڌيڪ غير مقبول ڪري ڇڏيو آهي. روس تي پابندين جو دائرو وڌندو ويندو ايتري تائين جو ان جو اثر اسپورٽس ۽ ٽوئرزم تي به پوندو. پيوٽن ٻي جنگ عظيم کانپوءِ جي ٺاهيل نيو ورلڊ آرڊر کي چئلينج ڪيو آهي. ان سان عالمي سطح تي طاقت جو توازن خراب ٿيندو، بلڪه هاڻي به توازن خراب ٿي چڪو آهي، پر آمريڪا سميت دنيا جون ٻيون عالمي طاقتون جذباتي فيصلن بدران اهڙا فيصلا ڪن ٿيون، جيڪي اثرائتا ثابت ٿي سگهن. ڇو ته ان جو حل اهو ناهي ته نيٽو پنهنجي فوج يوڪرين جي فوج سان گڏي روس خلاف جنگ ۾ شريڪ ٿئي ان سان ٽين عالمي جنگ شروع ٿي سگهي ٿي ۽ اهو ممڪن آهي ته مغربي اتحاد جي فوج اچڻ سان ايٽمي هٿيار به استعمال ٿي سگهن ٿا، پر ان ڳالهه جو وڌيڪ امڪان آهي ته روس ايٽمي هٿيارن تائين نه ويندو. ڇو ته ايٽمي جنگ پوءِ محض روس يوڪرين تائين محدود نه رهي سگهندي.
روس هن وقت يوڪرين تي تقريبن قابض ٿي چڪو آهي ۽ عالمي طاقتون روس کي روڪڻ ۾ ناڪام ويون آهن. انهن طرفان روس تي اقتصادي پابنديون هنيون ويون آهن، پر ياد رکڻ کپي ته روس جي هن عمل تي چائنا کي افسوس گهٽ مزو وڌيڪ آيو آهي. هن خطي ۾ چائنا ۽ روس ٻئي اهڙا ملڪ آهن جيڪي مغربي اتحاد کي پاڻ لاءِ خطرو سمجهندا آهن. هن وقت به چائنا ۽ روس ۾ بهترين لاڳاپا پيدا ٿي چڪا آهن، بلڪه چيو وڃي ٿو ته چين روس جا تعلقات تاريخ جي بهترين دور مان گذري رهيا آهن، ماضي ۾ ڪڏهن به اهڙي انڊر اسٽينڊنگ ناهي ٿي جيڪا هن وقت روس ۽ چائنا جي وچ ۾ پيدا ٿي چڪي آهي. يقينن روس يوڪرين جي حملي ڪرڻ واري فيصلي کان چائنا کي آگاهي ڏني هوندي. ڇو ته اهو چائنا لاءِ به فائديمند آهي ته يوڪرين هن سڄي خطي ۾ آمريڪي بلاڪ ۽ يورپي اتحاد کان پري هجي، اهو به ممڪن آهي ته يوڪرين، روس جي جنگ بندي کانپوءِ روس، چائنا ۽ افغانستان بابت ڪو اهم فيصلو ڪري. روس يوڪرين تي مڪمل طرح ناجائزي ڪئي آهي ۽ جنگ عظيم کانپوءِ هي هن صدي جو سڀ کان وڏو واقعو آهي، آمريڪي اتحاد روس تي پابنديون ته هنيون آهن، پر اها به حقيقت آهي ته روس يوڪرين تي مڪمل قبضو ڪري چڪو آهي ۽ لکين انسان بي گهر ٿيا آهن، ماريا ويا آهن، ماڻهن جي ملڪيتن جو نقصان ٿيو آهي ۽ روس پنهنجي مقصد ۾ تقريبن ڪامياب ويو آهي. هاڻي روس جنگ بندي اوتري تائين نه ڪندو جيتري تائين هن کي چائنا پريشر نه وجهندو. يوڪرين روس جي مستقبل جو فيصلو چائنا ڪندو، پوءِ ٿي سگهي ٿو ته دنيا جون ٻيون عالمي طاقتون ان ٺاھ ۾ شامل ٿين، پر روس کي هن وقت چائنا ئي مجبور ڪري سگهي ٿو، پر في الحال چائنا چپ آهي، پر جڏهن به ٺاھ ٿيو ته چائنا روس گڏيل مفاد تحت ئي فيصلو ڪيو ويندو، پر آخر ۾ سوال اهو آهي يوڪرين جو ڇا ٿيندو؟ ڇا روس يوڪرين جي انهن علائقن تي پنهنجو قبضو ڇڏيندو جتي هو هاڻي قابض ٿي ويٺو آهي؟ نظر اهو اچي رهيو آهي ته وقتي طور تي مسئلي کي ٺاهڻ لاءِ ڪجھ سمجهوتا ڪيا ويندا ۽ ان سڄي معاملي ۾ چائنا جو اهم ڪردار ٿي سگهي ٿو. ڇا روس لاءِ محض چائنا ئي ڪافي آهي؟ نه ايئن ناهي روس کي مستقبل ۾ سنگين نتيجا ڏسڻا پوندا ۽ مستقبل ۾ روس ۾ اهڙا حالات پيدا ٿي پوندا جو روس جي تاريخ ئي تبديل ٿي ويندي. نيو ورلڊ آرڊر تحت جيڪي فيصلا ڪيا ويا آهن انهن جو اثر ٿيڻ ۾ وقت ته لڳندو، پر اهي سڀ لاءِ عبرت هوندا. يوڪرين جي حوالي سان ڇا ٿو فيصلو ڪيو وڃي اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو، پر هن واقعي کانپوءِ دنيا هڪ نئين محاذ جو شڪار ٿي چڪي آهي ۽ ان جو اثر پاڪستان سميت سڄي خطي تي پوندو. اهو به ممڪن آهي ته پاڪستان جي معشيت کي سهارو ڏئي ان کي ٻيهر پنهنجو جنگي اتحادي ڪيو وڃي. ڇو ته پاڪستان کي ڊالرن جي ضرورت آهي. بهرحال! پاڪستان آمريڪا جي تعلقات جي ڪهاڻي تمام وڏي آهي ۽ غلط فهمين کي ختم ڪري هڪ ٻي شروعات جي گنجائش موجود آهي. پاڪستان آمريڪا روس سرد جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو ۽ اڄ به اهڙو ڪجھ ٿيڻ ناممڪن ناهي. ٿي سگهي ٿو ته پاڪستان اندر ايندڙ حڪومت ڪجھ نوان فيصلا ڪري يا اهڙي حڪومت آندي وڃي جيڪا گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هجي. ڇو ته پاڪستان جون معاشي مجبوريون گهڻين شين ۽ نظرين تي حاوي آهن. يوڪرين بابت ڇا فيصلو ڪيو ويندو اها ته خبر ناهي، پر دنيا ۾ هلچل مچي وئي آهي ۽ هاڻي اهو مسئلو نون فيصلن کي جنم ڏيندو، جيڪي روس سميت هن خطي بابت ڪيا ويندا. ان فيصلي جي نتيجي ۾ جيڪي نتيجا سامهون ايندا اهي روس جي مستقبل کي تبديل ڪري ڇڏيندا.

