سنٻنڌ

ريخته ڪهاڻي
لالا جي کي ان ڳالھ جي کڙڪ پئجي وئي ته ڪراڙيءَ (لاليءَ) مٿي جا وار ڪٽرائي ڇڏيا آھن ۽ کانئس پڇيائين به نه.
پوئين مھيني سندن نُنهن پيڪي وئي ھئي ته سس کي به ساڻ دهليءَ وتيون وئي ھئي. ڇو جو ٽرين ۾ ھنج واري ٻار کي سنڀالڻ ۾ سھنجائي رھندي.
لالا جيءَ کان پاڻ مايا ديويءَ پڇيو ھو؛ ”نُنھن چوي پئي دھليءَ ھلڻ لاءِ وڃان؟“
”ھا! ھا! ضرور وڃ! ٽرين جي گڙديءَ ۾ ويچاري نُنھن ڪيئن سنڀاليندي ٻارڙي کي؟“
سندن نُنھن ”مُنيءَ“ جو پيءُ، رٽائرڊ ڪرنل آھي. مُنيءَ جا ٻه ڀائر پڻ فوج ۾ وڏن عھدن تي آھن. ڪرنل صاحب جو پارٽين ۾ اچڻ وڃڻ، اڄ به ساڳئي نموني ھلندو پيو اچي. ظاھر آهي سندس زال به، سندس اسٽائل ۾ رھندي آھي. ماڊرن آهي، اسٽائلش آهي. ان وار ڪٽرائي ڇڏيا آھن. ھن واري ته مايا ديويءَ جا به ڪٽرائي ڇڏيائين.
ٻن ھفتن پڄاڻان، ممبئيءَ موٽي ته لالا جي ڏسي دنگ رھجي ويو؛ ”ھي وارن جو ڇا ڪيو تو؟“
”سيڻن ڪٽرائي ڇڏيا. پاڻ وانگر ٺھرايائين.“ اھو چئي مايا کلي ضرور، ليڪن ھڪڙو پاڇو جيڪو سندس مڙس جي اک آڏو گذريو، تنھن کان ڊڄي وئي. پنھنجي مڙس جون اکيون سڃاڻندي ھئي. اٺيتاليھن سالن جو رياض ھو. ڦِڪائيءَ سان چوڻ لڳي؛ ”وري رکندس، وڌي ويندا.“
لالا جي ماٺ ميٺ ۾ اندر ھليو ويو ۽ اوطاق ۾ وڃي ويھي رھيو.
رات جي مانيءَ تي به سندس موڊ مونجھو مونجھو رھيو. منوج پڇيو. مُنيءَ به بس ڪنڌ ڌوڻيو؛ ”ڪجھ ناھي.“
مايا ديويءَ جڏھن پڇيس… ”طبيعت ته ٺيڪ آهي نه؟“ ته جواب ڪجھ ٻيو ڏنائينس؛ ”تنھنجا وار ته ڏاڍا سٺا ھئا، سھڻا ھئا، ڪٽرائي ڇو ڇڏيئي؟“ ڪوبه جواب نه مليس ته چيائين؛ ”۽ تو… مون کان پڇيو نه.“
منوج ٽھڪ ڏيندو ڪمري ۾ گھڙيو؛ ”ابي کي اڃان تائين امڙ جي وارن جي ڳڻتي لڳي پئي آهي. ستر ٻاھتر جو ٿي ويو ليڪن مزاج مان عشق نه ويو اٿس.“
مُني، وڏي ڇوڪريءَ کي ڦڻي ڏيئي رھي ھئي. ٽھڪ ڏئي پڇيائينس؛ ”ابوءَ جي ڇا لو مئريج ٿي ھئي؟“
”نه! امڙ جو پرڻو ته منھنجي آڏو ٿيو. سندس ماءُ پيءُ ڪرايو ھو.“
”مطلب؟…“
”ٻنھي گھرئون ڀڄي، ڪورٽ ۾ شادي ڪئي ھئي. چئن پنجن سالن کان پوءِ مان ڄائس. منھنجي ڄمڻ کانپوءِ ٻنھي جي ماءُ پيءُ معاف ڪيو ۽ ٺاھ ٿي ويو… امان مون کي وٺي پيرينٽس (پيڪن) سان ملڻ ھلي ته انھن ابي کي گھرئون ڪڍي ڇڏيو، اھو چئي ته ٻچا! وڃ! ھاڻ ڄڃ وٺي آ، تڏھن ڇوڪري ڏينداسين. تڏھن ٻيھر شادي ٿي ھئي، انھن جي. مون کي ياد ته ناھي ليڪن… خبر آھي تصوير به آهي.
لالا ھيمراج کي، ماني کائڻ کانپوءِ پنڌ جي پراڻي ھير پيل ھئي. جھٽ سوا ٽُلڪڻ لاءِ، ٻاھر ھليو ويندو ھو. موڙ تئون ھڪڙو پان ٺھرائيندو، پنھنجي طرح جو. عمر سان گڏ سوپاري ضرور گھٽجي وئي ھئي، ليڪن ان ڏھاڙي ھو پان واري جي ھٽ تان اڳڀرو ئي موٽي آيو. ايترڙي ڳالھ خبر ناھي ڇو، ڀنئور وانگر سندس سوچ ۾ اٽڪي پئي ھئي… سنٻنڌ ته آھي. ان کي حق کڻي چئو، وارثي چئو.. ڪو مناسب لفظ مليس ڪونه. ايئن لڳي رھيو ھو، سندس ڪا وڏي قيمتي شيءِ چوري ٿي وئي ھجي.
جڏھن منوج ڄائو ھو ته پھريون دفعو سندس وارثيءَ کي چھڪ آيو. دل پشوري ڪندي زال کي چيو ھئائين؛ ”ٺيڪ آ، ٺيڪ آ، پاڻ ئي ڪپڙا ڪڍي پائيندس. تون پنھنجي پٽ کي ويٺي ڏس. ايندي ئي ھنڌ ڌار ڪرائي ڇڏيو آهي، ان چپٽڙيءَ جيتري ڇوري!“
”چپٽڙيءَ جيترو نه چوينس! اٺن پائونڊن جو پٽ ڏنو ٿيمانءِ!“
”ليڪن اھو ته ٻڌائي ته پايان ڇا؟ ھلٽن صاحب وٽ وڃڻو اٿم!“
”نيڪ ٽائي ته ھرگز نه پائجانءِ! تنھنجي ڳچيءَ ۾ ڄٽڪي ٿي لڳي. اسڪارف پائي وڃجانءِ!“
وري پنڪي ڄائي ته ٿورو چھڪُ اڃا سجيھ آيو، سندس وارثيءَ کي. ماني، نوڪرياڻيءَ جي ھٿ جي ملڻ لڳي. ليڪن دال کي تڙڪو مايا پاڻ ڏيندي ھئي. ڪير ٻيو ڏئي ته کيس ٿڏي تي خبر پئجي ويندي ھئي. مايا ديويءَ کي ان ڳالھ تي ڏاڍو فخر ھو. ھڪ دفعي دال مان، ڊگھو وار نڪتو. لالا جيءَ نوڪرياڻيءَ کي ئي ڪڍي ڇڏيو. مايا کي چيائين؛ ”تنھنجو وار ھجي ھا ته مان ٻٽونءَ ۾ سانڍي رکان ھا. ليڪن مان ان نوڪرياڻيءَ جو وار سھي نٿو سگھان. کيس چئو؛ ڪم ڪرڻو اٿس ته مٿو ڪوڙائي اچي.“
”اڙي! ھي ڇا! سھاڳڻ آهي ويچاري! اھا مٿو ڇو ڪوڙائي؟ رنڙ آهي ڇا؟“
”ته پوءِ ڪو نوڪر رک!“
تڏھن کان نوڪر ئي گھر ۾ رھيو… ھاڻي سانجهڻ ۽ رڌ پچاءُ نُنھن اچي سنڀاليو ته ھڪ ڏينھن کيس به چئي ڏنائين؛ ’ماني ٻوڙ ڪرڻ وقت، وار کليل نه رکجانءِ ڌيءَ! اکئين ٿا پون!‘“
مُنيءَ ڇڪي ڳُتَ ڪئي. ليڪن، ڳالھ مايا جي نظر کان بچي نه سگھي. ھوءَ سمجھي وئي ھئي ته اڄ تائين کانئس نوڪرياڻيءَ واري ڳالھ ھن وساري ناھي. ٻه چار ڏھاڙا ته ڳالھ کل مذاق ۾ ٽرندي رھي. امڙ دل ئي دل ۾ پَڏي پئي ته لالا جي ھن ڪراڙپ ۾ به پنھنجو عشق پيو ڏيکاري. رٺو ٿو رھي، ليڪن ٿورا ڏينھن اڃان گذريا ته سڀني ڏٺو ته ابو ته امڙ سان ڳالھائڻ ئي ڇڏي ويو آھي. مايا پڻ اٻاڻڪي رھڻ لڳي. ڪراڙپ جو رسامو، کين جوانيءَ کان وڌيڪ سر کڻندڙ لڳو. کاڌي جي ميز تي سڀئي ملن، پر لالا جي چپ چاپ ۾ ماني کائي اٿي ۽ پنڌ لاءِ نڪري وڃي. پنڌ به ٿورو ٿيڻ لڳو. مايا پڇيس ته ورندي ڏنائينس؛ ”ھاڻي جلدي ٿڪجي ٿو پوان!“
ھڪڙي ٻُسائپ رھڻ لڳي گھر ۾. ساڻ ھڪ دٻيل دٻيل ڇڪتاڻ پڻ شروع ٿي وئي. کاڌي جي ميز تي ويٺي منوج چيس؛ ”بابا! اوھان عينڪ جو فريم مٽايو. اڄڪلھ نوان نوان ڊزائين پيا ملن…“
”ھيءَ ڊزائين تنھنجي ماءُ جي پاس ڪيل آ، يار!“
”امان جي؟“ مُنيءَ حيرت مان پڇيو.
”ھا! ان کي گول فريم سٺو نه لڳندو ھو. مان چورسو ورتو. وري کيس ڪاري فريم تي اعتراض ٿيو ته مون برائون وٺي ڇڏيو.“
ھڪ ڏينھن مانيءَ تي ويٺي ويٺي ڇرڪي مايا ڏانھن ڏٺائين؛ ”اڄ تڙڪو تو ڏنو آ؟“
مايا جو چھرو، ڳاڙھو ٿي ويو. نُنھن پڇيو.. ”اوھان کي ڪيئن خبر پئي؟“
”اڙي ڌيءَ! تو واري سس جي ڏنل تڙڪي ۾ مون کي سدائين سندس ھٿ جي سرھاڻ اچي ويندي آهي.“
ليڪن سندس خاموشي، چڪ ھنيو بيٺي رھي. جڏھن دٻيل دٻيل پڇا ڳاڇا جو اثر نه ٿيو ته مُنيءَ ھڪ ڏينھن چٽائيءَ سان معافي ورتس؛ ”مون کان غلطي ٿي وئي بابا! مان پنھنجي ماءُ کي روڪي نه سگھيس ۽ امان به مڃي ته وئي.“ ھوءَ ٻنھي کي امان سڏيندي ھئي. پنھنجي ماءُ کي به، سس کي به.
منوج پرچائيندي چيس؛ ”ڪا ڳالھ ناھي، بابا! وار آھن، وري وڌي ويندا.“
ھڪ دٻيل مرڪ سان بابو جيءَ چيس؛ ”ڳالھيون ڏاڍيون معمولي آھن. نه ٿيڻ سان، ڪا دنيا ھيڏانھن جي ھوڏانھن نٿي ٿئي. ليڪن زنده رھڻ وارو رَسُ بڻيل رھندو آهي، بس. اسان ڪراڙا ٿي ويا آھيون، ھڪٻئي کان ڌاريا ته نه ٿي ويا آھيون…“
سڀان تي بابو جيءَ چيو؛ ”مان ٿورڙن ڏھاڙن لاءِ، پنڪيءَ وٽ رھي ٿو اچان… ٿوري طبيعت- مٽ ٿي ويندي.“
پنڪي، جبل پور ۾ پرڻيل ھئي. ٿورڙي بحث پڄاڻان، سڀئي مڃي به ويا. منوج ته مذاق به ڪيس؛ ”ٺيڪ آ. تيستائين امان جا وار ٿورا اڃان ڊگھا ٿي ويندا.“
امڙ سمجھايس… ”ڌيءَ وٽ گھڻا ڏينھن نه ترسجانءِ… جلدي موٽجانءِ!“
ٻئي ڏينھن لالا جي، ٽرين ۾ روانو ٿي ويو.
ٻه ڏينھن، چار ڏينھن، ڇھ ڏينھن، ھفتو گذري ويو. ليڪن لالا جي جبل پور نه پھتو. مڙني کي ڳڻتي وٺي وئي. دوستن يارن ۽ مٽن مائٽن وٽ ڳولا شروع ٿي وئي. خدا نه ڪري ڪو حادثو نه ٿيو ھجي، واٽ تي. ڪجھ ٿئي به ھا ته لالا جي خبر ته ڪري ھا. ڪو مناسب سبب، سندس گم ٿي وڃڻ جو سمجھ ۾ نه آيو. ڏاڍو مايوس ٿيڻ پڄاڻان، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو ۽ اخبارن ۾ تصوير ڇپائي وئي… مگر ڪو پتو کُرو نه مليو. پريشاني، ان حد تي وڃي پڳي ته ممڪن يا ناممڪن، ھر طرح جا خيالَ ذھن مان گذرڻ لڳا.
اڍائي مھينا گذري ويا ۽ ھڪ ڏينھن اوچتو ھڪڙو خط مليو. بدري ناٿ جي ڪنھن آشرم مان. لالا ھيمراج سخت بيمار آ. سندس حالت ڏاڍي نازڪ ھئي ۽ آشرم جي ڪنھن پنڊت، سندس ڊائريءَ تان پتو ھٿ ڪري خط لکي ڇڏيو ھو.
سمورا ماڻھو ستت بدري ناٿ وڃي پھتا… بس، ٿورڙي دير ٿي چڪي ھئي. ساڳيءَ صبح جو، ان جا پساھ پورا ٿيا ھئا.
ڏاڙھي وڌيل ھئس. وار وڌي، جٽائون ٿي ويا ھئس. تڏيءَ تي پيو ھو، بلڪل سنياسي لڳي رھيو ھو.
مايا ديويءَ چوڙيون ڀڃي ڦٽي ڪيون ۽ سندس ڪن جي ويجھو وڃي پڇيائين؛ ”ھاڻ ٻڌائي… وار ڪٽرايان؟ ھاڻ ته ٺوڙھ ڪرائڻي پوندي. رنڙ آھيان نه!“
۽ ھن گھمري لالا جيءَ کان پڇي، ڪراڙيءَ مٿو ڪوڙائي ڇڏيو.
***

