خاص

پيپلز پارٽي کي پنهنجي غلطي مڃڻي پوندي: مولانا فضل الرحمان

پاڪستان ۾ اپوزيشن جي سياسي اتحاد پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پيپلز پارٽي کي پنهنجي غلطي کي مڃڻو پوندو. مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي صدر شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان جي وچ ۾ اڄ اسلام آباد ۾ ملاقات ٿي. ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن ۾ پي ڊي ايم بابت معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. رپورٽون آهن ته شهباز شريف پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي کي پي ڊي ايم ۾ واپسي جي باري ۾ پنهنجي تجويز ڏني. جڏهن ته مولانا فضل الرحمان پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي بابت پي ڊي ايم جي فيصلن کان آگاهه ڪيو. مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ڊي ايم ٻنهي پارٽين کي رابطي جي لاءِ وقت ڏنو هو. ٻنهي پارٽين پي ڊي ايم سان اڃان تائين رابطو ناهي ڪيو. هن چيو ته پيپلز پارٽي کي پنهنجي غلطي کي مڃڻو پوندو. ٻئي طرف پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو آهي ته پيپلز پارٽي پي ڊي ايم ۾ واپس نه وڃڻ واري موقف تي قائم آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو پي ڊي ايم بابت موقف هڪ اصولي موقف آهي. پيپلز پارٽي پي ڊي ايم ۾ واپس وڃڻ جو اڃان تائين ڪوبه فيصلو نه ڪيو آهي. پي ڊي ايم جو بنياد رکندڙ پارٽي سان ڄاڻي واڻي جيڪو ڪجهه ڪيو ويو اهو سڀني جي سامهون آهي. پيپلز پارٽي هڪ جمهوري پارٽي آهي ڪنهن جي ذاتي ايجنڊا جي لاءِ غير جمهوري ۽ غير پارلياماني قدمن جي حمايت نٿا ڪري سگهون.