ڀارتي سب ميرين کي پاڪ بحريا پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو
آءِ ايس پي آر مطابق پاڪ بحريا ڀارتي سب ميرين جي پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش کي هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. پاڪ فوج مطابق پاڪ بحريا پنهنجي پيشه وراڻين صلاحيتن ۽ لڳاتار نگراني جي ڪري وقت سِر ڀارتي سب ميرين جي خبر لڌي. لڳاتار ٽيون ڀيرو بحريا جي لانگ رينج پيٽرول ايئر ڪرافٽ ڀارتي سب ميرين کي موقعي تي ٽارگيٽ ڪري روڪيو. ان کان اڳ ڀارتي سب ميرين 16 آڪٽوبر تي پاڪستان جي سامونڊي حدن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي خدشن جي ڪري پاڪ بحريا لڳاتار پاڪستاني سامونڊي حدن جي نگراني ڪري رهي آهي. تازو واقعو ڀارت جي ناپاڪ ارادن جو کليل ثبوت آهي.

