ڊائري جا ورق خواجھ غلام علي کوساڻي | # جنوري 2022
23 فيبروري 1996 سڀ مون کي چوندا آهن ته تون ڪو ڪاروبار ڇو نٿو ڪرين سڄو ڏينهن گهر ۾ ڪتاب اخبارون رسالا پڙهي ۽ اديبن شاعرن ۽ سياسي ماڻهن سان ڪچهري ڪري، بيڪار وقت پيو وڃائين، ميان ڪو ڌنڌو ڪر، ڪجهه ٺاهي وٺ نه ته ڏکيو ٿيندين. حالانڪه گذر سفر تنگ آهي، گهر به پنهنجو ڪونهي ڪافي ڀيرا ڪنهن ڌنڌي لاءِ سوچيم به پر سچ ته ڌنڌي، ڪاروبار يا واپار ڪرڻ کان مون کي ڄڻ نفرت ٿي پئي آهي. ڪاروباري ماڻهو ته آئون شروع کان ئي ڪونه هئس، فوٽو گرافي جو دڪان به اصل ۾ فن ۽ شوق جو سبب هو، اهو ئي سبب آهي جو فنڪارن، اديبن، دانشورن ۽ سياسي لڏن سان تعلق ۾ ڀلا ڪو ڪمائي سگهندو. هرگز نه. بس گذر سفر ڪيوسين. اباڻي زمين مان ٻه چار هزار ملن، هڪ اڌ وڊيو پروگرام ٿئي ڏکيو سکيو وقت وڃي گذريو. مون کي زال سٺي ملي آهي حال تي هلڻ واري. ان جي عمل ۽ محنت سان گهر هليو ۽ پڻ ٻن نياڻين جون شاديون به ڪرائي ڇڏيون. هاڻ ته آئون مورڳو بي فڪر ٿي ويس. سادگي ۽ عزت سان زندگي گذارڻ لاءِ وڏي ڪنهن جاکوڙ جي ضرورت ناهي ۽ مون فيصلو ڪيو ته هاڻ باقي زندگي صرف علم ادب ۽ فن جي قريب رهي گذاربي. پويان ڌيان ڏيڻ نٿو چاهيان. پٽن جي قسمت پنهنجي آهي، انهن کي پڙهائي جاري رکڻ گهرجي.
***
4 مارچ 1996
زندگي بي مقصد، بيڪار، مايوس پئي گذري. ايئن پيو لڳي ته هيستائين ڪجهه به ڪونه ڪيو آهي. ڪنهن به فيلڊ ۾ ڪوبه مقام نه ماڻيو آهي. نه قومي عوامي سياسي محاذ تي، نه علمي ادبي ميدان ۾ ۽ نه ئي فوٽو گرافي واري پروفيشن ۾ ڪو ٻوٽو ٻاريو آهي. بس انهن ٽنهي محاذن تي ٿورو ٿورو وچڙندو رهيو آهيان ۽ ڪنهن ۾ به ڪو ڪارنامو يا ڪو مقام نه ماڻي سگهيو آهيان. شايد انهن ٽنهي مان ڪنهن هڪ ۾ مڪمل دلچسپي وٺان ها ته ڪنهن مقام تي هجان ها. سچ ته اهو آهي جو شروع ۾ قومي جذبا جوان هئا. ون يونٽ خلاف جدوجهد. سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، محترم رسول بخش پليجو، ڄام ساقي وغيره جهڙن عظيم ليڊرن جي قيادت ۾ نيلام بند ڪريو تحريڪ، ووٽن جون لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇاپڻ، سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي تحريڪ، روح رهاڻ جا بنست هال وارا جشن. اياز، امداد، رشيد ڀٽي، رسول بخش پليجو، حميد سنڌي، طارق اشرف، غلام نبي مغل، نياز همايوني، محترم جويو صاحب، مولانا گرامي مرحوم، پرڀو ناشاد، امر جليل ۽ ٻيا ڪيترا عالم، اديب، دانشور، شاعر ۽ قومي رهنمائن سان گڏ رهياسين. جلسا جلوس، ڪانفرنسون، اجلاس ۽ ادبي سنگتون اٽينڊ ڪندا هئاسين. محترم رسول بخش پليجو ۽ شهيد فاضل وارن سان هارين نارين مزدورن ۾، ٻهراڙين ۾، جهرن جهنگن، جبلن ۽ ريگستانن ۾ وڃڻ ٿيو، جتي فوٽو گرافي به ڪندو هئس، پر پوءِ نيٺ محسوس ٿيو ته اسان جي اندر جي آرزو، علم ۽ ادب، تاريخ ۽ تحقيق، مطالعو ۽ مشاهدو آهي. روح جا رستا صوفين ڏانهن سرس ٿيندا ويا. اڄ صرف لکڻ پڙهڻ ۾ گذري رهيو آهي.
***
8 مارچ 1996
اسان جي مظلوم سنڌي عوام جي سڀني مسئلن جو واحد فوري حل، سچي حقيقي تعليم ۽ علم ئي آهي جيڪو هر ظلم خلاف وڙهي ٿو ۽ پڻ سچ ۽ حق جي واٽ ڏسي ٿو. اسان جمهوريت مان فيضياب صرف ان ڪري نه ٿي سگهيا آهيون جو اسان جي عوام جي وڏي اڪثريت بي علم آهي. ماڻهن کي خبر ئي نه آهي ته هن جا ڪهڙا حق ۽ فرض آهن. ضرورت ان جي آهي ته تعليمي نظام ۾ نيون انقلابي تبديليون آڻجن. پرائمري کان هاير ايجوڪيشن تائين جديد ڪورس ٺاهيا وڃن، استاد باقائدا تربيت يافته هجن ۽ سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اسڪول قائم ڪجن ۽ پرائمري تعليم بلڪل مفت ڏني وڃي. بلڪه زوري تعليم جو نظام قائم ڪجي.
***
15 اپريل 1996
اسان جي آسپاس ڪيڏو نه درد ۽ ڏک آهي، هر طرف شهرن توڙي ڳوٺن ۾، جيڏانهن ڏس ظلم، ستم، بک، بيماري، بيروزگاري ۽ بي علمي ڏسڻ ۾ ٿي اچي. ٿوري گهڻي فرق سان ظلم، درد، لاچاري ۽ بيوسي هر هنڌ آهي. ظلم، ڏاڍ، دوکو، فريب، بي ايماني، بدمعاشي، ڪرپشن. هڪ حساس ماڻهو، هر جاءِ تي هر وقت اهو ظلم، ستم، ڏک ۽ درد ڏسي ڪيئن ٿو خوش رهي سگهي. ڪيئن ٿو مطمئن ۽ بي فڪر رهي سگهي. سچ ته اهو آهي جو هڪ پل به چين سڪون ڪونهي، بس ندامت جو اهو احساس ته هن سڄي ظلم ۽ نا انصافي خلاف آئون ڪجهه به ڪونه پيو ڪريان. اهو احساس به پيو کائي، ماڻهو آخر وڃي ڪيڏانهن؟ هيءَ عظيم الشان ڪائنات، حسين ترين دنيا، رنگا رنگ بي مثال زندگي، اشرف المخلوقات انسان، ڪائنات جي سڀ کان حسين و جميل شيءِ انسان جنهن کي الله تعاليٰ خود پنهنجن هٿن سان ڏاڍي پيار سان تخليق ڪيو آهي. پيار، نيڪي، سچائي ۽ سونهن حق ۽ انصاف، امن ۽ سڪون اهي سڀ آخر ڪٿي آهن. ڏسڻ ۾ ڇو نٿا اچن. هتي ته هر طرف ظلم ۽ ستم آهي، ڏک، بک ۽ بدحالي آهي.
***
19 اپريل 1996
شهيد فاضل راهو جي ورسي تي هميشه وانگيان هوءَ به هئي ۽ اهي ئي ڪاريون ڪجليون اکيون مون ۾ کتل رهيون. فوٽو ڪڍندي جتي به آئون ٿي ويس هن جون نگاهون منهنجو پيڇو ڪنديون رهيون. هن ٻين ڇوڪرين سان گڏ اسٽيج تي فاضل جو گيت ڳايو جيڪو ڏاڍو سٺو ڳايو، مون فوٽو به ڪڍيا، اها رات واري ادبي محفل هئي. آخر کان ٿورو اڳ مان هن جي پاسي کان لنگهيس ته هوءَ اٿي منهنجي ويجهو آئي. چيائين اهي فوٽو مون کي ضرور ڏجو ۽ ٻيو ته توهان جو فون نمبر مون کان گم ٿي ويو آهي اهو مون کي ڏيو ۽ هاڻ اسان گهر بدلايو آهي نئون فون لڳڻ وارو آهي لڳندو ته نمبر توهان کي ڏيندس. رات واري گفتگو کانپوءِ وري ڏينهن جو جلسه عام ۾ به اول پري کان اکيون اکين سان ملنديون رهيون. آخر ۾ وري هوءَ منهنجي ويجهو آئي ته مون هن کان سندس نئين گهر جو پتو پڇيو ۽ چيو ته مان فوٽو کڻي ايندس ۽ ڳالهيون به ڪنداسين. هن چيو ها ضرور اچجو ۽ پوءِ پتو ڏنو. بس اها ڳالهه ٻولهه ٿي، پر اڪثر ۽ خاص طور تي رات جو خيالن ۾ هوءَ ايندي آهي ۽ خيالن ۾ ڳالهائيندا آهيون. الائي ڇو مون کي پڪ آهي ته هن سان به اها ئي ڪار هوندي. اهو طئي آهي ته اسان ٻنهي جي دلين ۾ جيڪو آهي اهو زبان تي آڻڻ ۾ ڊڄون پيا. هڪٻئي سان اقرار محبت نه پيا ڪري سگهون، ظلم آهي ته ان جا سبب به آهن. سماج، معاشرو ۽ زماني جي رسمن رواجن اسان جي زبانن کي تالا هنيا آهن. بدقسمتي سان اسان عمر جي ان حصي ۾ آهيون جتي اسان ڪابه هلڪڙائي، ٻاراڻي ۽ جذباتي حرڪت ڪري نٿا سگهون. اهو ئي ڪارڻ اسان کي ٻن دلين جي ميلاپ کان روڪي پيو.
***

