ادب

کوار ٻوليءَ جا پھاڪا ۽ چوڻيون محمد نقيب الله رازي انجنيئر عبدالوھاب سھتو

(حصو پهريون)

کوار ٻوليءَ جا پھاڪا ۽ چوڻيون

محمد نقيب الله رازي

انجنيئر عبدالوھاب سھتو

لسانيات جي اصولن ۽ گھڙاوت جي طريقن مطابق، کوار ادب جو اُسلوب، وڏي اھميت جو حامل آھي. ٻيو ته ’علم بيان ۽ معاني‘  ۽  ’بلاغت‘  ۾  ان جي بيان جو انداز پڻ متاثر ڪندڙ آھي. انھيءَ لحاظ کان کوار ادب جون سرحدون، پنھنجي ڳالھائيندڙن جي ڀيٽ ۾، ڪافي ڪشاديون آھن. اصطلاحن ۽ ورجيسن جو انداز، پنھنجي ادب کان ٿورو مختلف ۽ صاف سٿرو پڻ اٿس. تشبيھن ۽ استعارن ۾،  ٿورو ٿورو ڪري، نواڻ ايندي ٿي وڃيس ۽ پنھنجي مجموعي حيثيت جي اعتبار کان کوار ادب، ھڪڙي صاف سٿري ۽ مھذب زبان جو ادب سڏرائڻ جي مستحق آھي. خاص طور تي تشبيھن ۽ پھاڪن/چوڻين جي صفائي سٿرائي، ھن زبان جي آڳاٽي سرمايي کي مٿي کڄي اچڻ جو ثبوت پيش ڪن ٿيون ۽ کوار ٻوليءَ کي ھڪ مستند ٻوليءَ ۽ ادب جي ذمري ۾ آڻي بيھارڻ جو ڪردار ادا ڪن ٿيون.

کوار زبان ۾ پھاڪن کي ”متال“ چيو ويندو آھي. ھن زبان منجھه، جھوني تھذيب ۽ تمدن جو يادگار ھئڻ جي بناءَ تي، پھاڪن ۽ چوڻين جي ججھائي آھي، جيڪي سندس آڳاٽو علمي سرمايو آھن. بنيادي طور تي کوار جيتوڻيڪ ڪا تعليم يافته ٻولي ناھي رھي، تنھن ھوندي به ان جي گھڙاوت ۽ اسلوب مان ان جي آڳاٽن ڳالھائيندڙن جي ذھانت، ڏاھپ ۽ تھذيب جو ڀليءَ  ڀِتِ احساس ٿئي ٿو.

کوار پھاڪن ۽ چوڻين جي انھيءَ اھميت کي نظر ۾ رکندي، ’انجمن ترقي کوار چترال‘ھيل تائين ٽي مستقل ڪتابڙا  انھيءَ موضوع تي ڇپايا آھن. جن منجھان ھڪڙو ڪتابڙو ”کھوار متال“. رحمت الدين ۽ دائود جي گڏيل ڪاوش آھي، ”کھوار کہاوتين“ بابا ايوب ’ايوب‘ ۽ شير افضل ’شاذي‘ جن ترتيب ڏنو آھي. جڏھن ته ”کھوار ضرب الامثال“ شير افضل ’شاذي‘ لکيو آھي. انھن ڪتابن کان علاوه مضمونن ۽ مقالن جي صورت ۾ بابا ايوب ’ايوب‘ ۽ مولا نگاه ’نگاه‘، کوار پھاڪن ۽ چوڻين تي چڱو خاصو ڪم ڪيو آھي. ٻيو ته ڊاڪٽر عنايت الله ’فيضي ‘ پڻ ”چترال: ايک تعارف“ جي ادب واري حصي ۾ انھيءَ موضوع تي جامع بحث ڪيو آھي. تنھن ھوندي به اھو سڀ ملائي ڪري، کوار پھاڪن ۽ چوڻين جي خرار مان ٽويو به ناھي.

(نوٽ: ان کان علاوه افسر علي خان جو لکيل ڪتاب ”کھوار متالان گرزين“ نالي سان تازو مقامي ۽ علائقي زبانن کي ترويج ڏيڻ واري اداري ’دي فورم فار لئنگئيج انيشيئيٽو‘ طرفان پڻ شايع ٿيو آھي. جنھن ۾ کوار/چترالي ٻوليءَ جا ۳۵۷ پھاڪا ۽ چوڻيون، اردو ترجمي سان ڏنا ويا آھن- مترجم)

کوار پھاڪن ۽ چوڻين کي رواج ۾ آڻڻ جي حوالي سان، کوار ٻوليءَ کي چڱي استعداد حاصل آھي. ڏينھون ڏينھن پيش ايندڙ واقعن جي تناظر ۾ کوار/چترالي پھاڪن ۽ چوڻين ۾ واڌارو ٿيندو ٿو رھي. انھيءَ جو ڪارڻ ھيءُ آھي ته چترال ھڪ محدود جاگرافيائي خطو آھي. ان جي اندر جتي به ڪو واقعو رونما ٿئي ٿو ته اک ڇنڀ ۾ سڄي علائقي ۾ پکڙجي ٿو وڃي. وري ان جي ڪُکِ مان جنم وٺندڙ پھاڪو/چوڻي پڻ جھٽ پل ۾ شھرت حاصل ڪري ٿو وٺي. ان جو تازو ۽ ھاڻوڪو مثال ھيءُ آھي ته ماضي قريب ۾ ڪن ظريف طبيعت ماڻھن جا چيل جملا، حال ۾ پھاڪن ۽ چوڻين جي طور تي ورجايا وڃن ٿا. جن منجھئون؛ ”مہ کھاکہ کہ کیا‏غ بویاں؟”، “خان ریر کوئے نو۔”، “ہیرا دی کیہ ثواب شیرا؟” وغيره، حال جي ئي شھرت پائيندڙ پھاڪن/ چوڻين منجھان آھن.

چون ٿا ته ھڪڙو مشھور ظريف طبيعت جو شخص، ٻين وڏڙن سان ساڻ وڃي رھيو ھو. جولاءِ جو مھينو ھو ۽ اس جي تپش به ڏاڍي تکي ھئي. ليڪن ان ظريف ھمراھ جو مٿو اگھاڙو ھو. ڪنھن ھمدرديءَ خاطر چيس؛

”اے صائب! تہ کھاکہ کیا‏غ نیکی وا؟” يعني؛ ”سائين! اوھان جي مٿي تي ڪجھه ڪونھي؟“

”مہ کھاکہ کہ کیا‏غ بویاں وا اوا ہیمتان سوم بیمانا؟” ان جو لفظي ترجمو ھيءُ ٿو بيھي؛ ”جي منھنجي مٿي تي ڪجھه ھجي ھا! ته پوءِ ھنن سان گڏ وڃان ھا؟“

جيئن ته کوار زبان ۾ “کھاک” جو اطلاق ”مٿي تي“ پڻ ھوندو آھي ۽ ان سان جڙيل اصطلاح “کھاکہ کیا‏غ نوبیک۔” ٻي معنيٰ ۾ پڻ استعمال ٿيندو آھي. يعني ”عقل نه ھئڻ“ وغيره.

انھيءَ معنيٰ سان وري پھاڪي جي ھيءَ معنيٰ ٿي ٿئي ته؛ ”مون کي جي عقل ھجي ھا ته پوءِ مان ھنن ماڻھن سان گڏ گھمان ھا؟“ ان اصطلاح جي مھربانيءَ سان جيڪو ذو معنيٰ وارو جملو چيو ويو آھي، سو ويجھي زماني ۾ پھاڪي طور مشھور ٿيو آھي.

چون ٿا ته ھڪڙو سادڙو ۽ ٻالو ڀولو ھمراھ، پرڻي جون سڌون ڪندو ھو. سندس ڀاءُ جو نالو ”خان“ ھو. اھو وري پنھنجي ٻالي ڀولي ڀاءُ کان، پرڻائڻ جو ڏٽو ڏئي، سڄي گھر ٻار جو سمورو ڪم ڪار ڪرائيندو ھو. ھڪ دفعي ڪنھن ھمراھ ھن کي چونگ ڏيندي پڇيو ته؛ ”تنھنجو پرڻو ڪڏھن ٿو ٿئي؟“ تنھن تي ھن وراڻيو؛ “خان ریر، کوئے نو۔” انھيءَ جو لفظي ترجمو ھيءُ ٿو بيھي؛ ”خان چوي ٿو، پر ڪرائي نٿو.“مگر ان جو مفھوم ھيءُ ٿيو ته؛ ”خان واعدو ته ڪري ٿو پر واعدو وفا نٿو ڪري.“

ھيءُ جملو پوءِ ضرب المثل بڻجي، اڄ ھر اھڙي موقعي تي ورجايو ويندو آھي، جتي ڪنھن سان لاڳيتي واعدي خلافي ٿيندي رھندي آھي.

اھڙيءَ طرح ھڪڙو مولوي صاحب، پنھنجي دوستن سان پتي راند ڪري رھيو ھو. ھڪڙي معتقد، جنھن کي انھيءَ راند جي ڄاڻ نه ھئي، تنھن ڏسي ورتس. انھيءَ سمجھيو ته اھو به ڪو ثواب جو ڪم ھوندو، جنھن کان مان محروم آھيان. تنھن تي يڪدم پنھنجي مرشد کان پڇيائين؛

“استاذ جی! ہیرا دی کیہ ثواب شیرا؟”يعني؛ ”استاد صاحب! ان ۾ به ڪو وڏو ثواب آھي؟“

نتيجي طور، ھيءُ جملو به پھاڪو/ چوڻي بڻجي ويو ۽ ھر اھڙي موقعي تي چيو ويندو آھي، جتي ماڻھو اجاين سجاين ڪمن ۾ ڌُت لڳا پيا ھوندا آھن.

 (الف) اھي پھاڪا ۽ چوڻيون، جن جھڙيون ٻين زبانن ۾ پڻ چوڻيون موجود ھونديون آھن، منجھن فقط ٻوليءَ جو تفاوت ھوندو آھي. اھڙيون چند چوڻيون، نموني طور، ڏسو؛

1۔ نشک توقو، روم اسمانتو۔ (کھوار)

– انفِّ فی الما‏ءِ و اُست فی السماءِ۔ (عربی)

– نڪ پاڻيءَ ۾، نڪ آسمان تي. (ترجمو)

-أنْفٌ في السَّماءِ واسْتٌ فِي الماءِ۔(عربی)

– اھو ئي نڪ آسمان ۾، اھو ئي نڪ پاڻيءَ ۾.

– عزت ڪرائي به اھو ئي نڪ، عزت ٻوڙائي به اھو ئي نڪ.

2۔ ادا کیاغ ریمان، مہ غربہ کیاغ ریران؟ (کھوار)

– من چہ می سرایم و تنبورہ من می سراید۔ (فارسی)

– مان ڇا ٿو ڳايان، منھنجو تنبورو ڇا ٿو وڄي؟

– ان وقت چيو ويندو آھي، جڏھن ڪم ڪرڻ وارو ڪم ھڪڙو ڪري پر ٿي الائي ڇا مان ڇا وڃي.

3۔ ہش ہش بزرگانان ادا جام ہوش کوم۔ (کھوار)

– من خوب می شناسم پیران پارسا را۔ (فارسی)

– پھتل بزرگن کي خوب ڄاڻان ٿو. (ترجمو)

– ان وقت به چيو ويندو آھي، جڏھن مڪار ماڻھن سان واسطو پوندو آھي.

4۔ ای پھانین چاڑ کوریں نو بوئے۔ (کھوار)

– ھڪ ھٿ سان تاڙي نه وڄندي آھي. (ترجمو)

5۔ گور دوغ مشیچو خالو کیا ہوش کوئے؟ (کھوار)

– گدھا کیا جانے زعفران کی بہار۔ (اردو)

– گڏھ ڇا ڄاڻي، زعفران جو قدر؟ (ترجمو)

– گڏھ کي ڪھڙو قدر گلقند جو.

– ڪتو ڇا ڄاڻي، ڪڻڪ جي مانيءَ مان.

6۔ مفتی شرابو کانو پیر؟ (کھوار)

– مفت جو شراب، قاضيءَ کي به حلال. (ترجمو)

– رضا سان چڙھيل ٻوٽي، مُلي لاءِ حلال. (سنڌي)

7۔ پھونیکو نو بیتی ٹیکھو بہنہ۔ (کھوار)

– نچڻ اچيس نه، چي؛ ”اڱڻ سوڙھو آھي.“

– ناچو نچ نه ڄاڻي، آکي؛”ڀون سوڙهي!“، گدڙ ڊاک نه پڄي، آکي؛ ”ٿو ڪؤڙي!“

– ناچ نه ڄاڻي، چي؛ ”اڱڻ اونڌو آ!“

8۔ ہرکا خوروتان غونہ جشور۔ (کھوار)

– المرءُ يقيسُ علینفسِهِ۔ (عربی)

– ھرڪو پنھنجي طبيعت سارو قياس آرائي ڪندو آھي. (ترجمو)

9۔ ہرکا  تان یارد مشکیر۔ (کھوار)

– الجنس يميل الی الجنس. (عربي)

– جنس، جنس کي ڳولي. (ترجمو)

– سن ڳولي، سن کي.

– جيسي، جيسيءَ کي ڳولي.

– چنڊو، چنڊي کي سوَ ڪوھ تي ڳولي لھي. (ساھتي)

10۔ اورارو چے بریک برابر۔ (کھوار)

– النوم اخت الموت۔ (عربی)

– ننڊ، موت برابر. (ترجمو)

– ننڊ، موت جي ڀيڻ آھي. (عربي)

11۔ برار برار و تُوربور۔ (کھوار)

– الاقارب کالعقارب. (عربي)

– ويجھڙا؛ وڇونئڙا. (ترجمو)

– ويجھا، جھڙا وڇون.

– ويجھي، ڪوجھي.

12۔ لُوار لُو نيسير. (کھوار)

– الکلام يَجُرُّ الکلام. (عربي)

– سخن سخن را می کشد. (فارسي)

– گفتي سان گفتو نڪرندو. (ترجمو)

– ماڻھو تڏھن کُلي، جڏھن ڪجھه ڳالھائي.

….(هلندڙ)….