ادبخاصڪهاڻيون

ڪهاڻي : ڀڳل ڍڪڻي امداد ڪانهيو

اها هڪ بهترين صبح جي شروعات هئي. معمول مطابق ڏاڙهي تي ريزر گُهمائي، ننڍيون مُڇون اڃان ننڍيون ڪري، وهنجي سُوٽ بوٽ پائي گهران نڪتو هئس ته هر منظر مُعطر ۽ هشاش بشاش نظر پئي آيو.

رات جو دير سان سُمهڻ ۽ آڌيءَ تائين جاڳڻ ڪري، صبح وارو جلدي اُٿڻ، منهنجي لاءِ روز ڄڻ قيامت وارو اٿڻ هو!

ڇهه ئي ڏينهن صبح جو گهڻي تڪڙ ڪندي به اٺ، ساڍا اٺ ٿي ويندا هئا ۽ تيار ٿي نڪرندي ته نو ۽ ساڍا نو به ٿي پوندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ڏهه کي به وڃي پڄندو هئس ۽ پوءِ حالت اها هوندي هئي جو کُڙي پئي لڳندي هئي.

ڇهن ڏينهن جي ڪاوڙ آچر تي ڪڍڻي ٿي پئي ۽ آچر واري ستين ڏينهن ٻارهين وڳي تائين سُتو رهڻ ڪاوڙ جو انت هو، پر ان ڏينهن مان سوا نوين وڳي تيار ٿي نڪري آيو هئس، دير ٿي پوڻ جو ساڳيو امڪان لاحق هو تڏهن به منهنجو مزاج ان صبح ڌيرج ۾ هو ۽ کُڙي وس ۾ هئم.

بئنڪ جي قرض واري قسط جا ٻاويهه هزار رپيا ۽ انهن سان گڏ باقي بچيل پورا سئو رپيا منهنجي کيسي ۾ جيئن جو تيئن موجود هئا، مون سوچيو، ”دير ٿئي ته ڀل ٿئي! تريل ماني ۽ پٺاڻ واري چانهه اڄ ضرور پي، پوءِ نوڪري تي وڃبو!“

پٺاڻ جي هوٽل ڏي ويندي فون ڏٺم، واٽس ايپ تي ڪجهه نوان اسٽيٽس چڙهيل هئا، ”واندڪائي ۾ ڏسي وٺبا.“، اهو سوچي فون بند ڪري ورتم.

جنهن مٺائي جي وڏي دُڪان تي منهنجو دوست پُنهل ڏهاڙي مزدور آهي ان کان ٻن دڪانن جي وڇوٽي تي پٺاڻ جي هوٽل آهي، هوٽل ۾ اندر اچي مون ٿڌو ساهه کنيو. ٻاهر دڪي تي ٻين مزدورن سان گڏ روز صبح سوير منهنجو ٻيو سنگتي لطيف به مزدوري جي آس ۾ اچي ويهندو آهي، پوءِ ڪڏهن مزدوري لڳندي اٿس ته ڪڏهن نه به لڳندي اٿس!

۽ پوءِ ٻارهين تائين اتي ويهي واپس سنياسي جي دڪان تي موٽي ويندو آهي.

ڇنڊيل ڪرسي تي ويهندي مون پٺاڻ جي اڻ ڇنڊيل بيري کي پنجويهه رپين واري تريل ماني ۽ پنجاهه رپين واري چانهه آڻڻ جو چئي اڌ گلاس پاڻي جو پي ورتو. انتظار ڪندي مون سوچيو، ”لطيف، پُنهل ۽ مون جهڙن جا ڀاڳ الائي ڪنهن گروي رکي ڇڏيا آهن!، جيسين چانهه اچي ايستائين ڇو نه ڪجهه اسٽيٽس ڏسي وٺجن!.“

پر پهريون اسٽيٽس ڏسندي منهنجا تاڪ لڳي ويا.

لکيل هو، ”مان پنهنجي انهن سڀني مائٽن تي لک لعنت ٿو ڪريان، جيڪي مائٽي جي نانءُ تي بد نما داغ آهن!“

اسٽيٽس رات ٻين وڳي جو چڙهيل هو، وقت ۽ عبارت ٻئي منهنجي لاءِ ڇرڪائيندڙ هئا.

مون سوچيو، ”اسان وارو سنگتي سنياسي ڪٿي سچ ۾ ته جنتي نه ٿي پيو آهي!؟ هي پيشنگويون ڪرڻ وارو پامسٽ ماڻهو روز سوير سُمهي، پر رات هن جو ايڏو جاڳڻ، ٻين وڳي اهڙا اسٽيٽس رکڻ؟ ۽ ان جي عبارت به ايڏي سخت!؟.“

اڳيون اسٽيٽس مون کان ڏٺو نه ٿيو ۽ سنياسي تي سوچڻ لڳس، ياد آيو رات هُن مون کي به فونون ڪيون هيون، پر ان مهل مون شادان سان پئي ڳالهايو، وچ ۾ سنياسي جو ايئن ڪُڏي پوڻ مون کي نه وڻيو هو!

مون رات سنياسي جي ڪال نه کنئي هئي ۽ دير تائين شادان سان ڪجهه هوائي توائي خبرون ڪندو سُمهي رهيو هئس.

”سنياسي ته آهي جهنمي! صبح جو کڻي ساڻس ڳالهائي وٺبو!“، اهو سوچي رات سنياسي کي مون نظر انداز ڪري ورتو هو.

تريل ماني ۽ چانهه اچڻ کان اڳ مون ٻيو اسٽيٽس پڙهيو، ”مان سنياسي پُٽ سيلاني اڄ علل اعلان احساس کان خالي ۽ نالي ماتر رهندڙ پنهنجي هر ان نالي جي مائٽ کان لاتعلقي جو اظهار ٿو ڪريان جيڪو مائٽ ۽ عزيز هجڻ جي اصل لائق ئي نه آهي!“

وقت ٻه لڳي ڇٽيهه منٽ.

”مان رت جي هر ان رشتي تي هزار ڀيرا لعنت ٿو موڪليان جيڪو پنهنجي پاڻ کي معتبر سمجهندي، ٻئي هر ڪنهن کي گهٽ ۽ غير عقلمند ڄاڻي ٿو ۽ ڪنهن انسان کي اهميت نٿو ڏئي! جنهن وٽ عزيز جي سڃاڻپ ناهي اهو ڪنهن به عزت جي اهل نه آهي، پئسي، دولت ۽ وڏائي جو پوڄاري ڪنهن ماڻهو جو نه لالچ جو مائٽ هوندو آهي!“

وقت ٽي لڳي اوڻيهه منٽ.

”مان هر ان جنتي رشتيدار کان بيزار آهيان جيڪو پنهنجي قول ۾ واعظ رکي ٿو ۽ فعل ۾ ناجائز به جائز رکي ٿو. مسيحائي، بزرگي ۽ شرافت جي لباس ۾ پنهنجو چهرو ڍڪي هلندڙ اهي مومن جيڪي ٻين سڀني کي جهنمي سمجهن ٿا اهڙن نيتن ظالم، خوشامد پرستن، بزدل ۽ ڪانئرن، جيڪي بظاهر دينداري جو ڏيکاءُ ڪن ٿا انهن کان توبهن ڀلي آهي!“

وقت ٽي لڳي چوونجاهه منٽ.

”هر ان رشتيدار کي ٿُڪ هڻجي جنهن ۾ ٽڪي جي به انسانيت نه هُجي! ڪو حياءُ، اخلاق ۽ شناس نه هُجي، رشتن جو قدر، منزلت ۽ سُڃاڻ نه هجي! مان ته اهڙي ڪنهن مائٽ کي مائٽ ئي نٿو مڃان جيڪو موقعي پرست، احسان فراموش، حاسد ۽ پنهنجي اجائي خرفت ۾ سدائين ورتل رهي!“

وقت چار لڳي ڇٽيهه منٽ.

چانهه ماني اچي وئي هئي، مون گرهه ڀڃندي سنياسي جا سمورا اسٽيٽس پڙهي ورتا ۽ نيرن ڪندي سوچيندو رهيس، ”پڪ ڪنهن ويجهي جنتي اڄ همراهه جو ايمان ڀڳو آهي.“، سوچيم، ”اڄ نوڪري تي نه وڃجي، هي دل گُهُري نيرن ڪري، لطيف آيو هجي ته ان کي ساڻ ڪري وڃي سنياسي کان احوال وٺجن، هڪ ڏينهن دوستن سان به گڏ گذارجي ۽ سنياسي کان وڃي پُڇجي خير ته اٿئي جو اڄ صفا آپي مان نڪري پيو آهين!“

سوچيندي ئي مون سنياسي کان پڇيو، ”سيٺ دڪان تي آهين يا اڃان گهر!؟.“

”جتي به هجان تنهنجو ڪم؟؟.“، هن سِگهو جواب ڏنو ته مرڪي پيس.

”اڙي يار ايئن خفا نه ٿبو آهي!“، چيم، ”بيشڪ تو رات فونون پئي ڪيون، پر ڇا ڪريان رات شادان پئي ڳالهايو ته شادان جهڙي جنتي کي ڪيئن پئي ڇڏي سگهيس!“

”پوءِ هينئر به وڃي مر انهيءَ شادان سان.“

مون منٿ ڪئي، پر سنياسي ڪوبه جواب نه ڏنو، همراهه اصل تپي پيو هو، کيس مستقل شڪايت هئي ته مان اهو نالائق آهيان جيڪو ڪڏهن به وقت تي موٽ نه ڏئي سگهندو آهي. سنياسي وڌيڪ ٺُپ نه ڳالهايو ۽ مان اهو ڄاڻي نه سگهيس ته رات ڪنهن ڏيکارو ڏنو اٿس جو اسٽيٽس تي ويٺو نياپن ۾ سڀني کي گاريون ڏئي!

وري پوءِ به پڇيم، پر سنياسي ڪو مُنهن ئي نه ڏنو ۽ رهيل چانهه پيئندي بيري کي سڏي مون پئسا ڏنا، سئو رپين مان پنجهتر رپيا پٺاڻ کان ڪٽرائي، باقي پئسا هُن کان وٺندي مون سوچيو، ”رهيل پنجويهه رپين مان وڌيڪ ٻي ڪهڙي عياشي ڪري سگهجي ٿي، جيڪا گهڻو نه سهي ٿوري ته معتبر هجي!“

دل ته چاهيو پئي، ”اهي پنجويهه رپيا ڪنهن معجزاتي رد عمل جو، ڪو اوچتو اثر وٺي، پنجويهه ڪروڙ نه سهي ڪي پنجويهه لک ئي جيڪر ٿي پون ته مون درويش جا وارا ئي نيارا ٿي وڃن!“

”پر جهنمين جي سوچن ۾ خواب ايندا آهن ڪي معجزا نه!!“

حسرت وچان اهڙن معجزن کي ياد ڪرڻ لڳس، اهڙا ڪئي معجزا منهنجي سئوٽ مولوي ڪمال جنتي مون کي گهڻا خوف ڏئي ٻڌايا هئا جيڪي سڀ مون کي برزبان ياد ٿي ويا هئا. مولوي ڪمال جنتي اهو به چيو هو، ”نيتون صاف ڪرڻ سان مون وٽ به معجزا اچي سگهن ٿا.“

منهنجي نيت صاف هئي الائي نه!!

پر احساس محروميون ته ڇتيون هيون مون وٽ!

اهي کُٽل اڌوريون ۽ اڻ مڪمل حالتون، مون کي منهنجون حرامپايون لڳيون ٿي. حرامپائين هوندي معجزا نه ٿيندا آهن، معرڪا ٿيندا آهن.

ڄاڻي رهيو هئس حالتن سان اهي معرڪا لازم ملزوم آهن باقي ٻيو سڀ ته بيڪار آهي!

چانهه جو آخري ڍُڪ ڀريندي مون کي اُٻڙڪو آيو، ڀانئيم اُلٽي ٿي اچي ۽ هانءُ ڪچو ٿيڻ لڳو.

مون کي لڳو تريل ماني ۽ پٺاڻ جي ڪيميڪل مليل کير واري گهاٽي چانهه بيڪار آهي ۽ منهنجي تصور جي دنيا ته بلڪل ئي بيڪار آهي.

”ها سڀ ڪجهه بيڪار آهي!“

هوٽل مان ٻاهر اچي فُوٽ پاٿ تي ويٺل مزدورن جي هجوم ۾ لطيف کي ڳولڻ لڳس، پر لطيف ڪٿي به ڪونه لڀيو ۽ مان شادان سان ڳالهائڻ لڳي ويس، شادان چيو منهنجي ڪڍ اچ. سنياسي ۽ لطيف کي ڇڏي شادان جي پويان هلي پيس ڄڻ جنتن جي ڳولا ۾ هجان.

ان ڏينهن مان پنهنجي نوڪري تي نه ويس، بئنڪ ۾ قرض جي قسط جمع ڪرائڻ به نه ويس، لطيف به نه مليو، پُنهون جي پُڇا به نه ڪيم ۽ نه ئي وري گهر موٽيس.

سارو ڏينهن شادان جي پويان هلندو رهيس، پر شام تائين شادان نه ملي!

هر پل انتظار ۾ گذري ويو، شادان بس اِجهو ملان ٿي چوندي رهي، آسرن ۽ انتظارن ۾ وقت لنگهندو گذري ويو!

مان ٿڪي پيس، سج لهي پيو، ڏينهن کُٽي پيو!

بيزار ٿي پنڌ هلندي مون بچيل پنجويهه رپيا ساريا ۽ پوءِ رستي ۾ آيل مانڊڻي تان هڪ سگريٽ وٺي ورتم. ايترن پئسن مان سگريٽ ئي ملي سگهيو ٿي، ڪي شراب ۽ جام نه! شراب ۽ جام جو تجسس من ۾ ته پراڻو هو، گهڻو ذڪر ٻُڌو هئم الوٽ ٿيڻ سان ماڻهو اٽوٽ ٿي پوي ٿو! پر منهنجي دل ۾ گند ٿيڻ جو کُٽڪو به رهيو پئي! تڏهن به شرابن طهورن کان واقف ٿيڻ ته مون چاهيو ئي پئي! پر ٿورن پئسن سان هتي شرابن طهورن جا خواب اُڻي سگهجن ٿا، ڪا جنتي سند ته هرگز نٿي وٺي سگهجي!

غلام ۽ غلمان ۾ ٿوري ئي وٿي هوندي آهي!

جنتي سند لاءِ ڏيکاءُ جا نمونا ضروري آهن ۽ مون جهڙا اڀاڳا ڀلجي ڏيکاءُ ڪن ته به سگهو ئي جهلجيو پون! پر ماڻهو ته ڪمال ڪاريگر آهن. مُنهن ئي مُنهن تي ڪيئن نه سڀ ڪُوڙ سچ ڪريو وڃن!

سگريٽ دُکائي رستي جي ڀر کان هلندو، ڪش هڻندو، دونهون اڏاريندو واپس گهر پئي آيس، ان مهل مينڌرو فون ڪرڻ لڳو، هڪ وار دل ڪيو ڪال نه کڻان. لِڪي مزي سان سگريٽ ڇڪيندو وڃان!

اسان جهڙن ماڻهن کي خيالن ۾ به خوف ورائي ويندا آهن، ”ڪال رسيو ڪريان ڪٿي سگريٽ پيئندي ننڍو ڀاءُ ڏسي نه وٺي!“، پل لاءِ اهڙو احساس ٿيو، پر سِگهو پاڻ تي کِل آئي، هڪ ٻي ڦُوڪ هڻندي مون ڪال کڻڻ جو سوچي ورتو، پر منهنجي هيلو ڪرڻ کان اڳ ڪال ئي ڪٽجي وئي.

”ڪٽيل ڪال به ڪڏهن ڪڏهن ڪٽيل نصيب جهڙي لڳندي آهي!“، مون خيالن کي آٿت ڏئي وساريو ۽ ڏينهن وارا سڀ منظر پوئتي ڇڏيندو گهر هليو آيس، ٻيڪڙيل در کولي اندر پهتس ۽ سامهون ورانڊي ۾ ويٺل ابي کي آهه و زاري ڪندو ڏسي وسامي ويس!،“ يا الله خير…

گهر پُڄي سُمهي آرام ڪرڻ مون کان وسري ويو، سنياسي سان ملي اسٽيٽس جو پڇڻ ياد نه رهيو، شادان جو سمورو ڏينهن رُلائڻ ڀُلجي پيس، زندگي ۾ جتي افراتفري هئي، اتي هڪدم ذهن ۾ به افراتفري ڪاهي آئي.

بابي جي پيڙاءُ برداشت ۾ نه هئي، مينڌري کي گهر رهڻ جو چئي بابا کي اسپتال وٺي آيس، اسپتال جي بئنچ تي ويهي بابا سُور کان ڪِنجهي رهيو هو ۽ مان ڪائونٽر تي بيهي هشاش بشاش، چِلڪڻي لڳندڙ اڌڙوٽ نرس کي واجهائي رهيو هئس ۽ هوءَ بي نياز ٿي فون تي ڳالهائيندي ٽهڪ ڏئي رهي هئي!

بابا ساڳي طرح تڙپي رهيو هو مان انتظار ۾ سڙي رهيو هئس! منهنجي دل چاهيو نرس کان فون ڦُري وٺان ۽ فرش تي اڇلي لتون هڻي ڀڃي ڇڏيان، پر پنهنجي جبلت اوڳاڇي نه سگهيس، ڪروڌ کي مون ڪڙو ڏئي ورتو، بس انتظار ڪندو رهيس ۽ هُو بي ڌيان فون تي ڳالهائيندي رهي.

منهنجو ڦٿڪو وڌي وري ضبط ۾ پئجي ٻُڏي ويو، پر نرس مون ڏي ذري برابر به ڌيان نه ڏنو. بيوس ۽ لاچار ٿي پيس ته ڪڙهندو رهيس، نيٺ ڳالهائي جڏهن ٿڪي، تڏهن فون رکندي هُن هڪ اٿاڇري نهار سان مون کي ڏٺو ۽ پوءِ ڪائونٽر تي پيل ڪاغذن کي اٿلائي جاچڻ لڳي.

”سسٽر…“

”ها چئو…!؟.“

”منهنجو والد ٺيڪ ناهي!“

”ڇا ٿيو اٿس؟.“

”فرش تان ترڪي ڪريو آهي!“، چيم، ”ڪو هڏ نه ڀڳو هجي جام سُور اٿس!“

”مريض ڪٿي آهي؟.“

”هُو سامهون بئنچ تي ويٺو آهي“، نرس ڪاغذن مان اکيون ڪڍندي سامهون بئنچ تي ويهي سُور ۾ ڪڙهندڙ بابا کي نهاريو ته چيم، ”پيرسن آهي نه ڄاڻ ڪٿي ڌڪ لڳو اٿس ڪو ڊاڪٽر هجي ته….“

”ڊاڪٽر ته ڪو ڪونهي!“، نرس وري ساڳي سرد مُهري سان چيو، ”ڊيوٽي ٽائيم ختم آهي.“

”پر هي ته پرائيويٽ اسپتال آهي!“، چيم، ”هتي چويهه ڪلاڪ سروس آهي.“

”ها اهو ته آهي، پر ڊاڪٽرن جو وقت مقرر آهي.“، نرس چيو، ”رات جو ڊاڪٽر صرف ايمرجنسي ۾ گهرائي سگهجي ٿو.“

”پوءِ ايمرجنسي ۾ گهرايو ڪنهن ڊاڪٽر کي!“

”ٺيڪ آهي“، چئي نرس اُهي ڪاغذ ويڙهي اتي رکيا ۽ ڪائونٽر ڇڏي بابا ڏي هلي آئي، ”ڇا ٿيو چاچا؟.“، نرس جُهڪندي پڇيو، پر بابا ڪجهه ڳالهائي نه سگهيو، پل لاءِ ڪنڌ مٿي کڻي نرس کي ڏٺائين ۽ وري ساڳي طرح مروڙجي ويهي رهيو.

نرس بابا کي ڇڏي واپس ڪائونٽر تي آئي، نرس جي ڪڍ لڳو آيو هئس ته مون چيو، ”تڪليف جام آهي مهرباني ڪري سگهو ڪنهن ڊاڪٽر کي گهرايو!.“

نرس ڪائونٽر تي جهڪي هئي ته سڌو ٿيندي چيائين، ”ڊاڪٽر اچڻ کان پهرين ايڪسري ٿيندو.“

ايڪسري ڏي موڪليندي هوءَ وري پنهنجي ڪم ۾ لڳي وئي، ايڪسري وقت به بابا ساڳي سُور ۾ ڪڙهندو رهيو ۽ مان پيڙاءُ ۾ لُڇي رهيو هئس. ايڪسري ڪائونٽر تي آيو ته ساڳي نرس ساڳئي طرح ٺهي جُڙي ويٺي هُئي، مٿان اچي بيٺس، نرس لفافي مان ايڪسري ڪڍي غور سان جاچڻ لڳي.

پل لاءِ مون کي ايئن محسوس ٿيو، هن اسپتال جي سڀ ڪجهه هيءَ نرس ئي آهي… ڊاڪٽر به، سرجن به، مهتمم به… ۽ مالڪ به!

”آپريشن ٿيندو!“، نرس ايڪسري واپس لفافي ۾ رکندي چيو، ”گوڏي جي ڍڪڻي ٽُٽي وئي آهي، ان جو علاج صرف آپريشن آهي، آپريشن ڪرايو ته ڊاڪٽر گهرايان!؟.“

”پر…“

”پر ڇا؟، آپريشن کانسواءِ ٻيو ڪو حل ئي ڪونهي!“

”اوهان ڪو ڊاڪٽر ته گهرايو“، مون انتهائي هاريل لهجي ۾ چيو، ”جيئن مريض ڏسي ته وٺي!“

”ڊاڪٽر ايئن نه ايندو.“، نرس وڏي اطمينان سان چيو، ”باقي مريض مون ڏسي ورتو آهي.“

”پر اوهان ته ڪي ڊاڪٽر ناهيو!“، مون رڙ ڪئي، ”گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن ڊاڪٽر کي ته گهرايو جيڪو مريض ڏسي ٻڌائي معاملو ڇا ۽ ڪيتري قدر آهي!“

”مون ڏسي ورتو آهي ڍڪڻي ٽُٽل آهي!“، نرس ساڳي لاپرواهي مان چيو، ”ٻيو ڪو علاج ڪونهي آپريشن ئي ٿيندو، ساڳي ڍڪڻي جُڙي ته سٺ هزار، نئين لڳائي ته سوا لک خرچ لڳندو، آپريشن لاءِ راضي هجين ته گهرايان ڊاڪٽر؟.“

”پر… پهرين مريض کي ڊاڪٽر ڏسي ته سهي!.“

”مون جو ڏٺو آهي سو!؟“، نرس ڪاوڙجندي چيو، ”ڏهه سالن جو تجربو اٿم، هي ته ايڪسري رپورٽ آهي مان ته مريض جي مُنهن مان ئي سمجهي وڃان، ڪهڙي هڏي ڪٿان ڀڳل اٿس!“

”پر پوءِ به ڊاڪٽر ته ڊاڪٽر آهي نه!؟“

”اُف…!“، نرس بيزاري مان چيو، ”اوهان ته اجايو مغز پيا هڻو… مون اگهه ٻڌائي ڇڏيا آهن، آپريشن ڪرايو ته ٻڌايو ناهي ڪرائڻو ته پنهنجو مريض وٺي وڃو هتان.“

هُن ڇڙٻ ڏئي ساڳيا فائل اتي ڪائونٽر تي اڇليا ۽ پنهنجي ايپرن جي کيسن ۾ هٿ وجهندي ڀر واري ڪمري ۾ هلي وئي.

هن جي ويندي منهنجي پريشاني وڌي وئي، مون مُڙي بئنچ تي ويٺل بابي ڏي نهاريو، جيڪو سُور جي شدت کان هاڻ صفا چُور ٿيندو پئي ويو.

ڪاوڙ پيئندي مون پنهنجي پُڦي جي پُٽ عطائي ڊاڪٽر مومن علي کي فون ڪئي، منهنجا حواس جائيتا نه هئا، صلاح مصلحت ڪرڻ لاءِ مومن علي سان نرس جو اسرار ونڊيم، پر مومن علي چيو، ”آپريشن ضروري هوندو تڏهن چون پيا، تون پريشان نه ٿي آپريشن ڪرائي وٺ! ڊاڪٽر نه صرف مسيحا آهن، پر جنتي آهن.“ ايترو چئي مومن علي ڪال مان ڪٽجي ويو.

مون کي ڏاڍو تعجب لڳو. مومن علي اهڙي نموني ڳالهه ڪئي جهڙو مان هُن جو ڪجهه به نه هجان! مان هُن جي مامي جو پُٽ ۽ هُو منهنجي پُڦي جو پُٽ اصل ئي نه هُجي! مون ته سمجهيو ڳالهه ٻڌندي هُو مون کي اڪيلو ڏسي ان مهل ئي اسپتال هليو ايندو، پر هُن ته کوکلي آٿت ڏيئي فون ئي بند ڪري ڇڏيو! هُو به جنتي هو!

”ايڏو رهزن وقت!؟ اسان سڀ جهنمي جنتين جي وچ ۾ صفا اڪيلا ٿي پيا آهيون!“، منهنجا حوصلا سرد ٿي ڄمڻ لڳا.

نرس جي ڪمري مان نڪرندي مون چيو، ”اسان آپريشن لاءِ تيار آهيون، اوهان ڊاڪٽر کي گهرايو مان پئسن جو بندوبست ڪريان ٿو.“

نرس ڪي پل غور سان مون ڏي ڏٺو ۽ پوءِ فون ڪڍي نمبر ملائيندي چيائين، ”مريض جو رت ٽيسٽ ڪرائي وٺو، مريض جام ضعيف آهي! ٿي سگهي رت جي ضرورت پوي، ان جو بندوبست به اڳواٽ ڪرڻ ضروري آهي!“

نرس جا سوال شڪاري جهڙا هئا، مون کي لڳو، ”مان ڪو ڦاٿل شڪار آهيان.“

”ٺيڪ آ چئي“، مون بابا کي تسلي ڏيندي سوچيو، ”ماما ڪرڙ کي پاڻ وٽ گهرائي وٺان، نيڪ پرهيزگار به آهي ۽ هتان اسپتال کان سندس گهر به ته ويجهو آهي!“، فون کڻندي ماما ڪرڙ کي ڪال ڪيم، پر نمبر بند آيو، گهر جي نمبر تي فون ڪري سڀ احوال ڪيم، پر مامي جي پُٽ ڪا چڱي موٽ نه ڏني ته ويتر ڪڙهي پيس!

”خير آهي ڪا ڳالهه ڪونهي!“، سوچيندي مون پنهنجي سئوٽ مُلان ڪمال جنتي کي فون ڪئي، ”ڪمال بابا جو هينئر آپريشن آهي! تنهنجي سنگت ساٿ وڏي آهي جيڪر تون…“

”اڇا ٺيڪ آهي!“، ڪمال منهنجي پوري ڳالهه نه ٻڌي ۽ چيائين، ”درويش ڏهه منٽ صبر ڪر مان توسان ڳالهايان ٿو.“ ڪال ڪٽجي وئي مان اڪيلو وائڙن وانگر رهجي ويس. اسٽيٽس نوٽيفڪيشن جي کڙڪي منهنجو ڌيان ڇڪايو، ڏٺم ڪمال جو نئون اسٽيٽس لڳو هو، ”درويش اسپتال آهي، رت جي ضرورت اٿس ڪو دوست رت ڏئي ته درويش سان رابطو ڪري!“

ڪمال جو اهڙو اسٽيٽس پڙهي سخت ڪاوڙ آئي. ان مهل ئي مون ٻين سڀني ويجهن مائٽن کي ڇڏي پنهنجي ننڍي ڀاءُ مينڌري کي فون ڪئي، ”مينڌرا سگهو منهنجي دوست لطيف ۽ پُنهل ڏي وڃ ۽ کين چئو بابا اسپتال آهي، درويش اوهان کي گهرايو آهي، ٻنهي وٽ فون ڪونهي، مزدور آهن روبرو وڃي انهن کي وٺي سگهو اسپتال اچي پُڄ.“

ٻي فون مون پنهنجي دوست سنياسي کي ڪئي، هُن ڪال کڻندي ئي چيو، ”شادان اڄ مري وئي ڇا؟؟.“

”ها شادان اڄ مري وئي!“، چيم، ”ٻُڌ جلد اسپتال پُڄ، بابا کي ڌڪ لڳو آهي هينئر ئي آپريشن اٿس متان رت وغيره کپي!“

”هان… چئين ڇا ٿو!؟.“، سنياسي ڇرڪي پيو ۽ ڪجهه سوچيندي پڇيائين، ”ڪي ڏوڪڙ وغيره به اٿئي گڏ يا نه؟؟.“

ڪو جواب ڏيڻ کان پهرين هٻڪي پيس، پر هن يڪدم چيو، ”ٺيڪ آهي پريشان نه ٿجانءِ مان بس اجهو پهتس ۽ اسپتال ڪهڙي آهي؟.“

اسپتال جو ٻڌائيندي مون ٿڌو ساهه کڻي ورتو، دوستي به وڏو ڏڍ هوندي آهي! سوچيندي اکيون ڀرجي آيون.

مينڌرو جيسين پُنهل ۽ لطيف کي وٺي پُڄي يا سنياسي اچي مون تائين رسي، ايتري ۾ رت جون ڪجهه ٽيسٽون مون ڪرائي ورتيون! بابو ساڳئي سُور جي شدت ۾ اڃان ورتو پيو هو، رت جي رپورٽن اچڻ جو انتظار هو باقي ڊاڪٽر به اچي ويو هو، جنهن آپريشن جون تياريون ڪرايون پئي، ٻاهر آپريشن ٿيٽر جي در تي بيهي، ڊاڪٽر کي تڪڙو ايندو ويندو ڏسي مون کي ايئن لڳو، ”ڪاسائي ڄڻ قرباني کان اڳ ڇُري تکي ڪندو هجي!“ پر سڀني چيو ٿي ڊاڪٽر جنتي آهن.

امالڪ مون ڏٺو هيٺ چاڙهين کان سنياسي سهڪندو مٿي چڙهي رهيو هو، آخري ڏاڪو ٽپي هُن اچي ڀاڪر ۾ مون کي ڀريو، ٿڦڪي ڏيندي چيائين، ”درويش همت نه هار مان توسان گڏ آهيان! سڀ سهي ٿي ويندو.“، منهنجي مُٺ ۾ ڪجهه نوٽ ڀيڪوڙائيندي چيائين، ”هي پاڻ وٽ رک ۽ اچ بابا کي ڏسون.“

اسان اڳتي بئنچ ڏي وڌي آياسين، بابي جو چهرو تڪليف ۽ اذيت مروڙي ورتو هو، سندس اکين ۾ ڪي ڳوڙها هجن ها ته ضرور وهي پون ها، پر اُهي ڳوڙها اسان جي سنوار ۾ گهڻو اڳ هُن هاري ڇڏيا هئا ۽ هاڻ سندس اکيون خالي هيون.

سنياسي بابي اڳيان هيٺ پيرن تي اوڪڙو ويهندي پڇيو، ”ڇا ٿيو چاچا؟.“

بابو اذيت ۾ ورتل هو، ڪِنجهي سگهيو، پر ڳالهائي نه سگهيو. سنياسي بابي جي ڌڪ لڳل گوڏي تي هٿ رکي هوريان مٿس آڱريون ڦيرڻ لڳو، مان پريشاني ۾ بابي جو چهرو ڏسي سنياسي جي پنهنجائپ جاچڻ لڳس ۽ سنياسي هٿ ڦيرندي اوچتو سٽ ڏني ته هلڪي ٺڪاءُ سان بابي ٿڌو ساهه ڀري ورتو.

”رپورٽون اچي ويون آهن! مريض کي آپريشن ٿيٽر وٺي اچو.“ ان مهل نرس ويجهو اچي ڳالهايائين ۽ مان ڇرڪي پيس. مون سنياسي ۽ بابي مان اک ڪڍي ويندڙ نرس کي ڏٺو، سنياسي مٿي اٿندي چيو، ”چاچا ٽنگ کي ٿورو سڌو ڪري ڪجهه دير وري ايئن ورائيندو رهه!“

مون ويندڙ نرس کي ڇڏي واپس سنياسي ۽ بابي ڏي نهاريو ته حيرت ۾ پئجي ويس! بابي جي چهري تي اطمينان گاڏڙ خوشي جي مرڪ پکڙي پئي هئي ۽ هُن ڄنگهه سڌي ڪري واپس ورائي پئي ورتي!

”ڇا ٿيو اچانڪ!؟؟.“، ان مهل مون سنياسي کان پڇي ورتو.

”ڪجهه نه! بس ڌڪ کائيندي سٽ پئجي وئي هئي، سا نڪري وئي آهي“، سنياسي چيو، ”هلون گهر؟؟.“

”پر ڊاڪٽرن ته چيو گوڏي جي ڍڪڻي ڀڳي آهي!؟“

”اهي ڊاڪٽر ته اصل جنتي ڪاروبار وارا آهن!“، سنياسي چيو، ”هل ته هلون، شهر بند ٿي ويندو مالش لاءِ تيل به وٺڻو آهي!“

اسان ٽئي آپريشن ٿيٽر کان اڳتي وڌياسين ته نرس رڙ ڪري چيو، ”ڪيڏانهن پيا اڳتي وڃو؟ آپريشن ٿيٽر ته هيڏانهن آهي!“

”اسان ته وڃون ٿا گهر!“، بابي مرڪندي چيو، ”باقي اوهان پنهنجي انهيءَ ڀڀ جي ڍڪڻ جو آپريشن ضرور ڪرائي وٺو!“ اسان جي ٽهڪن ۾ ان مهل ماما ڪرڙ جي ڪال اچي وئي، ”پڻهين جي ڏي خبر! طبيعت ڪيئن اٿس؟.“

”سهي آهي هاڻ.“، مون چيو.

”ٺيڪ آهي الله چڱي ڪندو.“، مامي ڪرڙ چيو، ”مان هاڻ ئي گهر پهتو آهيان ته خبر پئي، ٿڪل نه هجان ها ته ضرور تو وٽ هينئر اچان ها، پر همراهه ٺيڪ آهي شڪر صبح سوير اچي ويندس!“

ويچارن ۾ پئجي ويس، ٻه ورهيه اڳ مامي ڪرڙ جي سُهري کي فالج ٿيو هو ته پورو هفتو اسپتال ۾ مون کان مامي پٽيوالي ڪرائي هئي! جهڙو سُهرو ئي منهنجو هو!!

مامي ڪرڙ ساهه کڻي چيو، ”ڪنهن شيءِ جي ضرورت هجئي ته ٻڌائي صبح کنيو اچان.“

”نه ماما بس دعا کپي!“، خيالن مان نڪرندي ايترو چئي مون ڪال ڪٽي ڇڏي ۽ چاڙهيون هيٺ لهندي سامهون پنهنجي ننڍي ڀاءُ مينڌري سان گڏ پنهنجا ٻئي دوست پُنهل ۽ لطيف ايندا ڏسي منهنجي دل چاهيو سنياسي جا صبح وارا سڀئي اسٽيٽس مان به پنهنجي واٽس ايپ تي هميشه لاءِ رکي ڇڏيان!

جيڪي مون کان ڇا… وري ڪنهن کان به ڪڏهن ڊهي نه سگهن.