خاص

گهرو وزارت ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ فوج جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

گهرو وزارت ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ فوج جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. گهرو وزير شيخ رشيد پنهنجو هڪ بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ هن جو چوڻ هو ته 23 اپريل تي اين سي سي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته ڪورونا وائرس جي بگڙجندڙ صورتحال ۽ عوام کي ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ فوج جون خدمتون ورتيون وينديون. اها فوج جنهن هميشه ٻوڏ، زلزلي ۽ مختلف آفتن ۾ پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي ۽ انهن سان گڏوگڏ بيٺل رهي. شيخ رشيد چيو ته گهرو وزارت ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرڻ لاءِ فوج جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي اجازت جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن تحت پنجاب، خيبر پختونخواهه، بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جون حڪومتون پنهنجي ضرورت موجب ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جي لاءِ پاڪ فوج کان مدد وٺي سگهنديون، پر نوٽيفڪيشن ۾ في الحال سنڌ شامل نه آهي. گهرو وزير جو چوڻ هو ته اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ روزاني جي بنياد تي 3 ساڍا 3 لک ڪورونا ڪيس سامهون اچي رهيا آهن. اتي ڪورونا وبا سبب قبرستان ۽ شمشان گهاٽ هڪ ٿي چڪا آهن. اهڙي صورتحال کان بچڻ لاءِ فوج جي مقرري جو فيصلو تمام وڏو ۽ اهم آهي ته جيئن پاڪستان ۾ عوام ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪري.