آءُ ته سُندرتا کي ڳوليون ڪتاب تي تبصرو علي نواز آريسر
آءُ ته سُندرتا کي ڳوليون ڪتاب تي تبصرو
علي نواز آريسر
جيڪا شاعري دل جي اونهاين ۾ لهي وڃي، اُها ئي حقيقي تخليق آهي. شاعري بحر وزن جي محتاج ناهي هوندي، شاعري ته آهي ئي حسين جذبن جي عڪاسيءَ جو نالو، شاعري نفيس احساسن جي ترجمان هوندي آهي، جنهن شاعريءَ ۾ مينهن ۾ نينهن نپجڻ جو جذبو ناهي، جنهن شاعريءَ ۾ بھار جي موسم ۾ ڪنهن ڪُنواري جوڀن جي انگورن جون انگڙايون نه آهن، جنهن شاعريءَ ۾ ڪويل جي ڪُوڪ جو مڌر گيت ناهي، جنهن شاعريءَ کي اکين جي زبان ناهي، جنهن شاعريءَ ۾ چڪور جي چاهت جي تمنا ناهي، جنهن شاعريءَ ۾ محبوب جي مُرڪ ۽ وڇوڙي جو سُڏڪو ناهي، جنهن شاعريءَ ۾ درد جي خوشبوءَ، ۽ ڪُنوارا احساس نه آهن، اُن کي شاعري ڪيئن ٿو چئي سگهجي؟ شاعري ته اُداس رات جو چوڏهينءَ جي چنڊ سان گڏجي جاڳڻ جو نالو آهي. شاعري ته انتظار جي ڪيفيت ۾ مجنون ٿيڻ جو نالو آهي، شاعري ته مُومل جي سَتي ٿي چِکيا چڙهڻ جو نالو آهي، شاعري ته سونهن جي تمنائي آهي، جيڪا اک سُونهن کي پَسي نه سگهي، اُنهيءَ دِل مان شاعريءَ جا سلا انگورجڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن آهي. اهڙي شاعري، جيڪا منهنجي احساسن جي عڪاسي ڪرڻ سان گڏ منهنجي رُوح جي گهراين ۾ لهي، منهنجي رُوح جي رڙ بڻجي چُڪي آهي ۽ اها شاعري آهي زاهده ابڙو جي.
منهنجي نظر مان سندس هي پهريون ڪتاب گذريو آهي، جنهن ۾ آزاد ۽ نثري نظم آهن. مون کي خبر ناهي ته اسان جي هن شاعره، ٽئگور واري هن صنف جي چونڊ ڇو ڪئي، ۽ چُونڊ ڪرڻ مهل کيس اهو پتو به هو الاءِ نه، ته هُو ان صنف سان نڀاءُ ڪري سگهندي! بهرحال هن نه رُڳو هن صنف سان نڀاءُ ڪري ڏيکاريو آهي، پر هُن، هن صنف ۾ اهڙا ته خيال سرجيا آهن، جيڪي شايد غزل يا بيت جي صنف ۾ سرجي سگهجن! جھڙيءَ ريت نزار قاباني ۽ امراءُ القيس جي شاعريءَ جا ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿي مڃتا ماڻي چُڪا آهن، اهڙيءَ ريت جيڪڏهن اسان جي هن شاعره کي ڪو سُٺو مترجم ملي ويو ته سندس هيءُ شاعريءَ به آسمان جي وُسعتن کي ڇُهڻ لڳندي.
هيءُ ڪتاب “آءُ ته سُندرتا ڳوليون” جڏهن مون هٿن ۾ کنيو هو ته ڪٿي به منهنجي ذهن ۾ اهو خيال نه هو ته هي ڪتاب به مون کي سوچڻ تي مجبور ڪندو. هر ماڻهو جو پڙهڻ جو انداز پنهنجو هوندو آهي، ڪجهه ماڻهو وچ وچ مان ڪجهه پيراگراف پڙهي، پنهنجي راءِ قائم ڪري وٺندا آهن، پر آئون ڪتاب کي مُنڍ کان ئي پڙهڻ شروع ڪندو آهيان، مهاڳ ۽ ليکڪ جو پنهنجي پاران پڙهڻ کانپوءِ ئي ڪتاب جي اصل موضوع طرف وڌندو آهيان، ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي، جو ڪتاب جو مُنڍ ئي مون کي ٿڪائي وجهندو آهي ۽ پوءِ اُهو ڪتاب هميشه جي لاءِ الماريءَ ۾ قيد ٿي ويندو آهي، پر هن ڪتاب جي مُنڍ يعني پنهنجي پاران جي ٻن پيراگرافس مون کي هيءُ سٽون لکڻ تي مجبور ڪري وڌو آهي ۽ آئون چاهيان ٿو ته اُهي ٻئي پيراگرافس هتي اوهان جي اڳيان ونڊ ڪريان ته جيئن توهان به ڪتاب پڙهڻ تي مجبور ٿيو:
”منهنجو قلم گهڻو ڪري سماجي مسئلن کي محسوس ڪري جُنبش ۾ آيو آهي، ۽ مون انساني مسئلن تي دل ۾ درد محسوس ڪندي لکيو آهي.“
”اچو ته سماج ۾ ڌڪاريل ۽ ناپسنديده چهرن ۽ شين ۾ سُونهن ڳوليون.“
هونئن به اهو فطري آهي ته جيڪو ماڻهو درد کي محسوس نه ٿو ڪري سگهي، اُهو جاندار تخليق نه ٿو ڪري سگهي ۽ اسان جي هن شاعره وٽ ته درد جو هڪ جزيرو آهي، ان جي باوجود هن جي دل ۾ حُسناڪي آهي ۽ سندس اکيون سُونهن جون متلاشي آهن. اسان جو ته ڪڏهن ان پاسي ڌيان به نه ويو هوندو ته سماج جي ڌڪاريل ماڻهن ۾ به حُسن هُجي ٿو، ان جو مثال ته اسان وٽ ڪنول جي گُل جو موجود آهي. سچ ته اِهو آهي ته هر اُها شئي حسين آهي، جيڪا تخليق ٿي آهي، هر اُهو لمحو حسين آهي، جنهن پل جي لاءِ به توهان جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو هُجي، ۽ هن وقت منهنجي لاءِ حسين هي ڪتاب ئي آهي، جنهن مون کي چار سٽون لکڻ تي مجبور ڪيو آهي، جنهن منهنجي زنگجي ويل ذهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر جاڳايو آهي. ڪنهن ڏاهي چواڻي ته، ”جيڪو قلم پڙهندڙ جي ذهن کي جهنجهوڙي جاڳائي نه ٿو سگهي، اُن قلم جي نب کي ڀڃي ڇڏڻ گهرجي.“ زاهده جو هي ڪتاب عشق جو ساگر آهي، محبت جو معراج آهي، سُونهن ۽ سُڳنڌ جو سُندر احساس آهي، احساسن جو آئينو ۽ اظهار جو ذريعو آهي. زاهده جي سڄي شاعري آزاد آهي، هن گهڻي کان گهڻا نظم لکيا آهن، هُوءَ شاعريءَ ۾ به پابنديءَ جي قائل ڪونهي، ان ڪري سندس هر خيال اڇوت آهي، اهڙو خيال جنهن تائين ڪير پهچي نه سگهيو هُجي، اهڙي سوچ جنهن تي ڪو بند ٻڌي نه سگهيو هُجي. اچو ته سندس هن نظم جي ڪجهه سِٽن مان اُنهي سوچ جي جهلڪ کي محسوس ڪريون:
اتهاس لکڻ ٿي چاهيان
ڪجهه خاص لکڻ ٿي چاهيان
دل جي آئيني تي سچ جي قلم سان
هر باب لکڻ ٿي چاهيان!
اتهاس جي ڳالهه اُهو ماڻهو ڪري سگهي ٿو، جيڪو تاريخ ۾ پنهنجي وڃايل پيرن جو ڳولائو هُجي ۽ اسان جي سنڌ جي ماڻهن جا پيرا ئي گُم لڳا پيا آهن ۽ اهڙي تاريخ لکڻ جي خواهش اُهو ذهن ڪري سگهي ٿو، جنهن وٽ پنهنجي قومي تشخص جي اهميت هجي. يا وري سندس هن نظم کي پڙهي ڏسجي:
بُک ۾ پاهه نينگريون
ڏسي روئي پئي هُئي ماءُ!
وري بُک کٽي وئي…!
هارائي وئي هُئي ماءُ…!
هن درد کي ڪهڙو نانءُ ڏجي؟ يا بينام ئي رهڻ ڏجي. بينام محبتون ته هر ڪنهن کي وڻنديون آهن، پر بينام درد……
–
گُهران ٿي باب تنهنجا سڀ پڙهڻ مان،
ڊڄان ٿي زندگي ٿوري نه ٿي پئي.
هي سٽون مون نه ڄاڻ ڪيترا ڀيرا پڙهيون آهن ۽ انهن سٽن جي گھرائي کي ماپڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي، پر ڪنهن جي چِيروين اکين جيان ان گھرائيءَ جو انت لھي ڪونه سگهيو آهيان، الائي ڇو هتي مون کي اُماروءَ جي هي سِٽ ياد اچي رهي آهي.
”آهستي ڳالهاءِ! مُنهنجو ساجن منهنجي من ۾ آهي، متان اُهو تو کي ٻُڌي نه وٺي!“
يا وري جڏهن سندس اندر ۾ ٻوليءَ جي محبت ڪر کڻي جاڳي ٿي ته ان کي هُوءَ هيئن ڊائريءَ تي اُتاري ٿي.
ڌرتيءَ جي جا ٻولي آهي
تنهن کي ڪڏهن مرڻو ناهي
لوڏا ايندس، لاما ايندس
پوءِ به جوڌا مرڻ نه ڏيندس.
ٻوليءَ سان لڳاءُ ته فطري آهي، هر ماڻهوءَ کي پنهنجي ماءُ جي ٻولي ئي دنيا جي سڀني ٻولين کان وڌيڪ پياري هوندي آهي، پر ڪي ماڻهو اهڙا به آهن، جيڪي پنهنجي ماءُ ٻوليءَ کي وساري ٻين ٻولين ۾ نه فقط ڳالهائڻ شروع ڪري ڏيندا آهن، پر اُهي پنهنجي حسين تخليق لاءِ به ڌاري ٻوليءَ جو سھارو وٺندا آهن. شيخ اياز کي ڪنهن ماڻهو چيو ته، ”جي تون ڪنهن وڏي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪرين ها ته توکي نوبل پرائز ملي ها.“ ته اياز هڪدم وراڻيو، ”ڇا! سنڌي ٻولي ننڍي آهي؟ مون کي اهڙو اوارڊ ئي نه گهرجي، جيڪو مون کي پنهنجي ٻوليءَ کان پري ڪري.“
رسول حمزه توف ميرا داغستان ۾ لکيو آهي ته:
”منهنجي خيال ۾ ٻوليون آسمان ۾ وکريل تارن جيان هونديون آهن ۽ مان اهو قطعن نه چاهيندس ته سمورا تارا ملي هڪ وڏي تاري جو رُوپ وٺن، ڇو ته ان لاءِ ته سج موجود آهي، پر سِج جي وجود کان پوءِ به اها ضرورت رهي ٿي ته تارا آسمان ۾ چمڪندا رهن ۽ هر ماڻهو وٽ پنهنجو تارو هُجي.“
ته بنيادي ڳالهه هوندي آهي، ٻوليءَ سان ڪمنٽمنٽ جي ۽ اُها وفا اسان جي زاهده وٽ آهي. زاهده پيار، سماج، عشق، وفا ۽ ڌرتيءَ کي گڏ گڏ کڻي هلي ٿي، سندس هن نظم ۾ حيرت وجهندڙ رومانوي اظھار آهي، جيڪو هن جي لازوال محبت جي عڪاسي ڪري ٿو:
–
هوءَ ڪيڏي نه چري هُئي!
هوءَ ڪيڏي نه چري هُئي!
دل جي بُت خاني ۾،
انسان رکي ويٺي هُئي.
لاٽ اونچي رهي،
هوءَ رَتَ جا ڏيئا ٻاريندي هُئي…
دَر دريون بند ڪري،
سدا گِيان ۾ گُم رهندي هُئي.
گهڙيون گهٽبيون رهيون،
سيرُن مان سمئي سُرندو رهيو…
اک جڏهن هن جي پٽي،
دنيا هن جي لُٽي…
خالي مندر هيو،
ڳڙکي ڪا پٽيل هُئي..
سالن کان هوءَ بي سُڌ هُئي،
ڇو ته هوءَ چري هُئي.
دل جي بُت خاني ۾،
انسان رکي ويٺي هُئي….
زاهده جي شاعريءَ ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي اڇوت سٽون، تشبيهون آهن، جيڪي ڇِرڪائي وجهن ٿيون. هن ڪتاب تي، ڪتاب جيترو ڳالهائي سگهجي ٿو، پر آئون چاهيان ٿو ته پڙهندڙ خود شاعريءَ جي اُنهيءَ احساس کان واقف ٿين، جنهن احساس جي لطف مان شاعره پاڻ گذري پار پئي آهي. سنڌي ادب کي ههڙي سُندر شاعري ڏيڻ لاءِ هُوءَ کيرون لهڻي.
alinawazarisar@yahoo.com