پاڪستانخاصنيو‍‍ز

پي ٽي اي موبائل فون صارفين لاءِ بهترين سهولت متعارف ڪرائي ڇڏي

پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) موبائل فون صارفين جي لاءِ سٺي سهولت متعارف ڪرائي ڇڏي آهي. پي ٽي اي پاران موبائل فون ڦر ٿيڻ يا چوري ٿيڻ جي صورت ۾ ان کي آن لائين بند ڪرائڻ ۽ ملڻ جي صورت ۾ کولرائڻ جو نظام متعارف ڪرايو ويو آهي. پي ٽي اي طرفان اهو ٻڌايو ويو آهي ته هفتي جا 7 ڏينهن ٽول فري نمبر 55055-0800 تي صبح 9 وڳي کان رات 9 وڳي تائين فون جون شڪايتون داخل ڪرائي سگهجن ٿيون. جنهن تي پي ٽي اي صارفين کي شڪايتي نمبر جاري ڪندو. سي پي اي سي جي رڪارڊ موجب ڪراچي ۾ روزاني 70 کان 75 موبائل فون ڦر ٿيندا آهن ۽ هلندڙ سال هينئر تائين لڳ ڀڳ 10 هزار موبائل فونن کان شهرين کي محروم ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سال 2020 ۾ ڪراچي جي شهرين کان 21 هزار 558 موبائل فون ڦر ڪيا ويا هئا. پي ٽي اي اختيارين موجب موبائل فون واپس ملڻ جي صورت ۾ صارف آن لائين پي ٽي اي جي ڪمپلينٽ مينيجمينٽ سسٽم جي ذريعي موبائل فون کولرائڻ جي درخواست موڪليندو ۽ صارف پهرين ڏينهن ڏنل ٽريڪنگ آءِ ڊي يا شڪايتي نمبر جو حوالو ڏيندو جنهن تي فون ان بلاڪ ڪيو ويندو. شڪايت داخل ڪرائيندڙ شهري 24 ڪلاڪن کانپوءِ پنهنجي شڪايت جي حوالي سان ايس ايم ايس ۽ آن لائين پي ٽي اي جي ويب سائٽ يا اسمارٽ فون ايپ جي ذريعي به اسٽيٽس معلوم ڪري سگهندو.