پاڪستانخاصنيو‍‍ز

آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جو وائيس چانسلر نثار احمد صديقي انتقال ڪري ويو.

نثار احمد صديقي وائيس چانسلر، انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي)، سکر انتقال ڪري ويو آهي.

آءِ بي اي جي ترجمان طلحهٰ شيخ موجب، ڊاڪٽر نثار احمد صديقي دل جي بيماري جي ڪري گذريل هفتي کان ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. ترجمان جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر نثار احمد جي نماز جنازه جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو ۽ سندس لاش سندس اباڻي علائقي پير جو ڳوٺ آندو ويندو.