آٽزم – ڊاڪٽر سلميٰ خليل

ماڻهن جي گهڻائي انهيءَ ڳالهه کان ناواقف آهي ته ڪيتريون ئي معذوريون اهڙيون هونديون آهن جيڪي نظر نه اينديون آهن. يعني انهن بيمارين جا فرد بلڪل عام ماڻهن وانگر نظر ايندا آهن. انهن کي اسين Invisible disabilities چوندا آهيون. ان جو مثال ايئن کڻي وٺجي جيئن شاپنگ مال ۾ ڪو ٻار اوچتو ئي اچي توهان کي ڀاڪر پائي ته اسان اهو نه سمجهي سگهنداسين ته اهو ٻار اهو شرارت طور ايئن ڪري رهيو آهي يا ڪنهن طبي ضرورت کيس ايئن ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي. ساڳيءَ ريت جيڪڏهن ڪنهن جاءِ تي ڪو ٻار يا فرد غير معمولي طور رڙيون ڪندو يا روئندو نظر اچي ته اسان ان کي بدتميز سمجهنداسين، پر اسان کي اها ڄاڻ نه هوندي آهي ته هو پنهنجي ڪنهن ضرورت يا ڪنهن ڳالهه کي اسان تائين پهچائڻ لاءِ اهڙو رويو اختيار ڪري رهيو هوندو آهي ۽ اهڙو رويو نه ته ان جي شرارت هوندي آهي نه ئي ان جي بدتميزي. مون ايتري وڏي تمهيد ان ڪري ٻڌي آهي ته جيئن توهان کي ٻڌائي سگهان ته هي علامتون هڪ اهڙي مرض جون آهن جيڪو تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي جنهن کي آٽزم چئجي ٿو.

آٽزم هڪ Neurodevelopmental disorder آهي. جيڪو سڄي دنيا ۾ هر نسل، رنگ ۽ قوم ۾ تيزيءَ سان پکڙجي رهيو آهي. آمريڪا جي تحقيقاتي اداري CDC مطابق آمريڪا ۾ هر 59 ٻارن مان هڪ ٻار آٽزم سان گڏ پيدا ٿئي ٿو. جڏهن ته ڏکڻ ڪوريا ۾ اهو تناسب 1:38 آهي. انهن انگن اکرن کي ڏسندي اسان اهو سوچي سگهون ٿا ته پاڪستان ۾ اهڙا ماڻهو وڏي انگ ۾ موجود هوندا جن جي باري ۾ اسان صحيح تشخيصي سهولتون نه هجڻ جي ڪري کين سڃاڻي نٿا سگهون ۽ سڃاڻي نه سگهياسين.

آٽزم جون علامتون ڄاڻڻ کان پهرين اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته آٽزم اچانڪ  نمودار ناهي ٿيندي، پر اها ٻار ۾ پيدائش جي وقت ئي موجود هوندي آهي، پر ان جون علامتون وقت گذرڻ سان گڏگڏ ظاهر ٿينديون وينديون آهن. آٽزم ڇو ٿيندو آهي؟ ان جا سبب اسان اڄ تائين نه ڄاڻي سگهيا آهيون.

آٽزم جي بنيادي علامتن ۾ هيٺيون علامتون شامل آهن:

i. سماجي رابطي ۾ گهٽتائي، گفتگو يا زبان جو نه استعمال ڪرڻ يا گهٽ استعمال ڪرڻ.

ii. سوچڻ سمجهڻ جي طريقي يا تخيل ۾ بگاڙ هجڻ.

iii. غير معمولي حساسيت هجڻ يعني آواز، ڇهڻ يا سردي گرمي، بک جي سبب مختلف رد عمل ڏيکارڻ.

آٽسٽڪ ماڻهن ۾ اڪثريت اهڙن ماڻهن جي هوندي آهي جيڪي يا ته ڳالهائي نه سگهندا آهن يا گهٽ ڳالهائي سگهندا آهن. جنهن جي ڪري گهڻو ڪري والدين پنهنجي ٻار کي ٻوڙو سمجهي ڪنهن ڪنن جي ڊاڪٽر کان ٽيسٽ ڪرائڻ جي لاءِ پهچي ويندا آهن. ڪنن جي ٻوڙاڻ جو ٽيسٽ ڪرائيندي اڪثر مائٽن کي اها خبر پوندي آهي ته ٻار مڪمل طور تي ٻڌي سگهن ٿا تڏهن ڊاڪٽر والدين کي ٻار ۾ گهڻو ڪري آٽزم جي باري ۾ تشخيص جو مشورو ڏيندا آهن.

ڳالهه ٻولهه جي صلاحيت گهٽ هجڻ جي ڪري اهڙا ٻار سماجي رابطي مثال طور: دوستي ڪرڻ ۾ ناڪام رهندا آهن ۽ رشتيداري نه نڀائي سگهندا آهن. صرف لفظي گفتگو ئي نه، پر اهڙن ماڻهن ۾ تاثرات کي سمجهڻ جي صلاحيت به ناهي هوندي. مثال طور: جيڪڏهن ڪو کلي رهيو آهي يا مسڪرائي رهيو آهي ته اهي ماڻهو ان کلڻ ۽ مسڪرائڻ جي سبب کي سمجهي نه سگهندا آهن ته اهو خوشيءَ جو اظهار آهي. پنهنجي ڳالهه ٻين تائين پهچائڻ لاءِ اهڙا ماڻهو گهڻو ڪري نا مناسب رويو جيئن رڙيون ڪرڻ، روئڻ يا پنهنجو مٿو ڀت سان يا فرش سان ٽڪرائڻ ذريعي ڪندا آهن. اهي رويا رابطو قائم ڪرڻ لاءِ به ٿي سگهن ٿا يعني اهي ٻين جي توجهه حاصل ڪرڻ لاءِ يا حساسيت جي غير متناسب هئڻ ڪري به ڪري سگهن ٿا. ڪيترائي ٻار هڪ ئي لفظ جو تڪرار مسلسل ڪندا آهن، جنهن کي Echolalia چئجي ٿو. ان جو مثبت پهلو اهو آهي ته توهان جو ٻار ڳالهائڻ جي صلاحيت رکي ٿو، گم سم ناهي. ساڳئي ريت اسان اهو به ڏسون ٿا ته اهڙن ماڻهن جا مختلف رد عمل مختلف حِسن ۾ مختلف ٿين ٿا. جيئن ڪجهه ٻار آواز کان غير معمولي طور حساسيت محسوس ڪن ٿا ۽ اهي معمولي گوڙ تي ڪن بند ڪري ڇڏيندا آهن ۽ جڏهن آواز وڌي ويندو آهي ته اتان ڀڄي نڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ساڳئي ريت ڪجهه ٻارن ۾ ڪنهن حِس کي وٺي ڪري تمام گهڻي حساسيت يعني Hyposensitivity ٿيندي آهي. جيئن انهن کي ڪنهن جاءِ تي ڌڪ لڳي پوي يا رت به وهندو هجي ته کين احساس ناهي ٿيندو.

ڪجهه ٻيون علامتون آهن جن ۾ جيڪڏهن توهان چار يا پنج علامتون ڪنهن ٻار ۾ ڏسو ته فوري طور والدين کي ڪلينيڪل سائيڪولاجسٽ يا ٻارن جي بيمارين جي ماهر سان رجوع ڪرڻ جو مشورو ڏيو. مثال طور:

(1) بار بار ٻار جو نالو ورتو وڃي، پر اهو مڙي نه ڏسي.

(2) ڳالهائيندي وقت نظر نه ملائڻ (No eye contact).

(3) الڳ ٿلڳ پنهنجي دنيا ۾ مگن رهي، هم عمر ٻارن سان نه کيڏي.

(4) رانديڪن سان عام طريقي سان نه کيڏي.

(5) نا مناسب رويو اختيار ڪرڻ مثال طور: گول گول گهمڻ، پنهنجو مٿو زمين تي يا ڀت سان ٽڪرائڻ.

(6) يڪسانيت تي اصرار ڪرڻ مثال طور: هڪ ئي قسم جو کاڌو کائڻ جي زد ڪرڻ يا هڪ ئي رنگ جا ڪپڙا پائڻ تي اصرار ڪري.

(7) ڪنهن به هڪ رانديڪي يا شيءِ سان غير معمولي لڳاءُ هجڻ، ان کي هر وقت پاڻ سان گڏ رکڻ مثال طور: ڪو پن، تار يا ڪو رانديڪو.

(8) خطري جو احساس نه هجڻ، جيئن باهه ۾ هٿ وجهي ڇڏي يا پنهنجو پاڻ کي ڪيرائي يا ٽپ ڏيئي ڇڏي.

(9) ماءُ جي هٿ لاهڻ تي يا ڪنهن ٻئي جي هٿ لڳائڻ سان روئي پوي.

(10) بغير ڪنهن سبب جي روئڻ يا لڳاتار کلندو رهڻ.

(11) سوشل پلي مثال طور: ڊاڪٽر ڊاڪٽر کيڏڻ يا ريموٽ کي فون بڻائي استعمال ڪرڻ يا گهر جي ڪنهن ڀاتي جي ڪنهن به ڪم جي نقل نه ڪري سگهڻ.

آٽزم جو اڄ ڏينهن تائين ڪوبه علاج دريافت ناهي ٿيو، ڪابه دوا اهڙي ناهي ايجاد ٿي جو چئي سگهجي ته هي صرف آٽزم کي ٺيڪ ڪري سگهي ٿي، پر جيڪڏهن آٽزم سان گڏ ڪنهن مريض کي ڪو ٻيو مسئلو آهي ته ان لاءِ دوا ڏيئي سگهجي ٿي. مثال طور مرگهي يا هاضمي جي نظام جون خرابيون، پر اهڙا طريقا ضرور موجود آهن جن سان اسين Intervention يا Management ڪري سگهون ٿا. اهڙن ٻارن جي شروع کان ئي تربيت ڪئي ويندي آهي جنهن سان انهن جي روين کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. انهن جي تعليمي صلاحيت کي وڌائي سگهجي ٿو. گڏوگڏ انهن جي ذهني رجحان کي سڃاڻي سگهجي ٿو ۽ ان حساب سان انهن کي فني تربيت يا Vocational Training ڪرائڻ به ضروري آهي.

آٽزم سڄي زندگي هلڻ وارو مسئلو آهي ۽ اهو جيترو جلد ئي تشخيص ٿيندو ته بهتر آهي ۽ ان کي بهتري طرف وٺي وڃي سگهجي ٿو ۽ اهڙا شخص آٽزم سان گڏ هڪ خود مختار زندگي گذاري سگهن ٿا.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments