اجتماعي ڏاڍائي حسين جروار
بيبي هڪ نهايت ئي ذهين، محنتي، خوش لباس، خوش شڪل ۽ سهڻي سڀاءَ واري ڇوڪري هئي جيڪا پنهنجي اسڪول ۾ هميشه پهريون نمبر ايندي هئي. هن جو سڀاءُ جيتوڻيڪ سڀني سان سٺو هوندو هو، پر ساڻس ملاقات نه ڪرڻ وارا کيس هوڏي، ضدي، پنهنجي مرضي وارو سمجهندا هئا جيسين وڃي بيبيءَ جي حلقي ۾ شامل ٿين. هوءَ سدائين پڙهائي ۾ جنبيل هوندي هئي ۽ سندس اوسي پاسي جي ٻين سرگرمين ۾ سندس ڌيان ڪونه هوندو هو. هيءَ هوندي هئي، سندس ننڍڙي پلنگ تي نصاب توڙي ادبي ڪتاب پکڙيا پيا هوندا هئا، ڪاپيون، پينون، جاميٽري باڪس سڀ هن جي ارد گرد ائين پکڙيل هوندا هئا ڄڻ هن جي دل جي دنيا هجن، هونئن به ايئن پڙهائي سان سندس لڳاءُ ايترو هوندو هو جو هن واندي ويهڻ بجاءِ ٻين ٻارن کي پڙهائيءَ ۾ مدد ڪندي ڪندي، ٽيوشن پڙهائڻ شروع ڪيائين. ايئن هن جي پڙهائي جي خرچن جو بار پيءُ تان گهٽجي ويو، ڄڻ خود داري هن کي ڪا خدا پاران اڳي ئي پلئي پيل هئي. جيئن هوءَ پڙهائيءَ ۾ ڀڙ هوندي هئي تيئن وري هوءَ اسڪول جي سرگرمين توڙي سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندي هئي. تقرير، ڳائڻ، شاعري ياد ڪرڻ، ڊوڙ جا مقابلا هجن، ڊراما هجن مطلب ته هن جي جواني جون ساريون اڀرندڙ توانايون ۽ ٻور پنهنجي مستقبل تي لڳنديون هيون. جيتوڻيڪ هوءَ رهي، پلي، نپني شهر جي شور ۾ هئي، پر هن جي اندر جي زمين ۽ آسمان کي سڪون صرف پنهنجي بابا جي اباڻي ڪکن جي ٽڪرين، ڍنڍن ۽ تاريخ جي هوڏي گهوڙن جي سنبن هيٺ مدفون محبت ۽ سندس پيءُ جي قبرن واري مائيءَ جي تاريخي قبرستان مان ملندو هو. جڏهن سج جي روشني جا ڪرڻا ڌرتي جي چپن کي چمندا هئا ته هو گهران پتڪڙا پير کڻي پنهنجي سئوٽن، ماساتن سان جن سان هن جو دوستي جو رشتو هو انهن عظيم ماڳن تي اچي لهندي هئي ۽ اتي ويهي پنهنجي دل جي رڌم کي ريجهائيندي هئي. سندس ماءُ جيتوڻيڪ بلڪل ڳوٺاڻي ۽ اڻ پڙهيل عورت هئي، پر هن ڌيءَ کي گهڻو اعتماد ڏنو هو. ايئن اڄ ننڍي، سڀاڻي وڏي بيبيءَ اچي ڪاليج جا وڻ وسايا ۽ پنهنجي تعليم کي جاري رکيو. ان دوران اتفاق سان سندس والدين ۾ اڻبڻت ٿي تنهن هن جي پڙهائي ۽ باقي سرگرمين تي منفي اثر وڌو. ان صورتحال ۾ ايتري شدت اچي وئي جو هاڻي بيبيءَ جو پنهنجي پڙهائي ۽ باقي سرگرمين مان دلچسپي ۽ شوق ايترو گهٽجي ويو جو ان جي امتحاني نتيجن تي خراب اثر پيو. نيٺ هن پنهنجي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي ڏني ۽ پنهنجي پيءُ جي مرضي سان شادي ڪري ڇڏي. مائي جو مڙس ڇا هو هڪڙو مرداڻي سماج جو ڪلاسيڪل نمونو هو جيڪو کانئس عمر ۾ پندرهن سال وڏو هو جڏهن ته هوءَ بنهه جوان، سندر ناري جنهن جا ڳاڙها ڳٽا ۽ جواني جو ٻور بس هاڻي ڇڙڻ لاءِ تيار ٿيو هو. هو جڏهن ٻاهر خريداري تي نڪرندا هئا ته هرڪو سمجهندو هو ته وڏو ڀاءُ ۽ ننڍي ڀيڻ پيا وڃن يا مورڳو پيءُ ڌيءَ پيا وڃن. بيبيءَ جون سهيليون جڏهن سندس گهر فون ڪنديون هيون ته هن کان پڇنديون هيون ته فون تنهنجي والد اٽيند ڪئي آهي ڇا ته هوءَ مرڪي چوندي هئي نه منهجو ور آهي. هن کي نه پنهنجي پندرهن سال ننڍيءَ عمر جو ڪامپليڪس هو نه وري پنهنجي صفا خوبصورت هجڻ ۽ سندس مڙس جي ڪڻڪائي رنگ ۽ وڏي عمر جو، جنهن هن سان شادي مهل به ڪيس ڪري پوءِ نڪاح ڪيو هو. بيبيءَ جي شادي تي سندس ڪي ڪلاس فيلو ۽ ويجها دوست پڻ ارها ٿيا هئا ڇو جو هنن جون اميدون هيون ته بيبي پڙهي ڪنهن سٺي مقام تي رسي سگهي ٿي. سنڌ کي اهڙن غير معمولي نوجوان نياڻين جي ضرورت آهي، پر ان وقت نه اهو بيبيءَ کي سمجهه ۾ آيو نه وري حالتن هن کي اهو سمجهڻ جي اجازت ڏني. هوءَ سدائين هن صورتحال تي هڪ ئي تبصرو ڪندي هئي ته تر جي گٿي، سو چوٽون کائي. اتفاق سان هن جي مڙس جي بد دماغي، بد مزاجي ۽ زبان درازي، هن تي شڪ ڪرڻ، هن جي مائيٽن، ڪلاس فيلو ڇوڪرين کي هن جي گهر اچڻ کان منع ڪرڻ، آخر ۾ هن تي تشدد ڪرڻ سبب بيبيءَ جي زندگي هڪ بند گلي ۾ اچي سوڙهي ٿي هئي. هن پنهنجي مڙس سان گڏ رهڻ ٿي چاهيو، پر هنن شرطن ۽ طريقي سان ته بلڪل به نه! نيٺ مجبور ٿي بيبيءَ هڪ پٽ ۽ هڪ ننڍڙي ڌيءَ جيڪا صرف ڇهن، ستن مهينن جي هئي کي ڇڏي پنهنجن مائٽن جي گهر وئي، پر اتي به سندس واپسي ڪا خوشگوار نه هئي ۽ نه ئي ٿي پئي سگهي، جيئن انهن ڪيسن ۾ ڇوڪرين سان ٿيندو آهي. تنهنڪري نيٺ هن ڪنهن نوڪري جي ڳولا شروع ڪئي جيئن پنهنجي زندگي جو گاڏو گهلي سگهي. هن جي مڙس ان دوران هڪ ٻي عورت سان ٽين شادي ڪئي. هن جي مڙس جي بيبيءَ سان شادي کان اڳ به شادي ٿيل هئي، ان کي طلاق ڏيئي هن بيبيءَ سان شادي ڪئي هئي، پر هن جي سخت مزاج سبب اها زال چند مهينن اندر کيس ڇڏي وئي هئي، هن وري بيبي جهڙي ننڍي نيٽي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي هئي. سندس مڙس ٽين شادي ڪرڻ بعد بيبيءَ کي طلاق ڏيئي ڇڏي ۽ مستقل طور ان گهر کان کيس لاتعلق ڪري روانو ڪري ڇڏيو.
هاڻي بيبيءَ وٽ نه ڊگري، نه نوڪري، نه گهر، سڀ ڪجهه نئون شروع ڪرڻو هو ۽ ڪوبه مددگار ۽ سچو دوست ۽ ساٿي به نه هو. ساڻس گڏ زندگي جي ان حصي ۾ صرف اڪيلائي، وحشتون، بيروزگاري، ننڍڙا ٻار، مائٽن جو بدليل رويو، سماج جي بگهڙن جون وحشتون، جنسي بکن جي لوڌ جا لامارا اڪيلي بيبيءَ جي وجود چوڌاري گهيرو ڪري رهيا هئا. ان ۾ هن جا پنهنجا رت جي رشتن وارا سئوٽ، ماسات، نام نهاد دوستي جي حلقي وارا، سماج ۾ اڻ برابري ختم ڪري نئين جهان اڏڻ وارا علمبردار، نوڪري بهاني آفيسن ۾ ڪم ڪرڻ وارا ساٿي شامل هئا، جي بيبي پنهنجي زندگي ۾ پاڻ سان ٿيل وارتائن تي پنهنجي زبان کولي ها ته جيڪر ڪيترن عزتدار، پڳدار مهندارن، جي پٽڪن جا ترا هيٺ ڪري پون. ڪيترن سماج سڌارن جي سماج سڌارڻ جي دعوائن جي قلئي کلي پوي ها.
بيبيءَ کي اڪيلي ئي پنهنجي منزل طرف روانو ٿيڻو هو، سندس ماءُ کيس دلاسا پئي ڏيندي هئي، پر هن اڻ پڙهيل عورت وٽ نه ايترا وسيلا هئا ۽ نه وري اهڙا رابطا هئا جو هوءَ بيبي لاءِ ڪنهن روزگار جو بندوبست ڪري سگهي.
بيبي نيٺ ننڍيون وڏيون نوڪريون ڪرڻ لڳي جنهن مان هن جي پورائي ته ڪو نه ٿيندي هئي، پر مڙئي ڪرائي تي هڪ گهر ورتو هئائين ۽ ان جو خرچ هلائڻ لڳي. ان دوران هو گهڻن تڪليفن مان گذري ۽ زماني جي تنگ نظر روين جيڪي هڪ طلاق يافته عورت سان ٿين ٿيا ڪا گهٽتائي ڪانه ڪئي. روز ڪو نه ڪو ماڻهو کيس دوستيون رکڻ لاءِ زور پيو ڀريندو هو، ڪڏهن ڪو شادي جو خواهشمند ٿي پيو ملندو هو، ڪو ڪنهن مدد جي بهاني جنسي لاڳاپا رکڻ، دوستيون نڀائڻ، خوش رکڻ جون تجويزون پيو ڏيندو هو. بيبي کي جيڪو به مرد ٽڪرايو ٿي، جنهن کي اها خبر هئي ته هوءَ طلاق يافته عورت آهي ته ان کيس ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ ڪا آفر ضرور ڪئي ٿي. هڪڙو سماج سڌارڪ جيڪو دنيا تبديل ڪرڻ نڪتو هو تنهن هن جي زندگي تباهه ڪرڻ جو ڄڻ ته ٺيڪو کنيو هو. هن جي روز جي ڊيوٽي ۾ اهو شامل هوندو هو ته هو روز رات جو شراب پي، نشي ۾ ڌت ٿي کيس مس ڪالون ۽ مئسيج پيو ڪندو هو. جنهن ۾ هو کيس دنيا جون سموريون آفرون پيو ڪندو هو ته مون سان دوستي رک. بيبي وٽ جيئن ته سندس نمبر محفوظ ٿيل نه هو تنهنڪري هوءَ ان تي ڌيان نه ڏيندي هئي. هڪ ڏينهن هن پنهنجي هڪ دوست کي چيو ته هن نمبر تان مس ڪالون ۽ عجيب مئسيج اچن ٿا ۽ جڏهن سندس دوست اهو نمبر ملايو ته اتفاق سان ان جي فون ۾ اهو نمبر محفوظ هو ۽ بيبي تي اهو انڪشاف ٿيو ته اهو نمبر ان سماج سڌارڪ جو هو جيڪو سڄو ڏينهن عورتن جي حقن ۽ انساني حقن جو علمبردار بڻجي، سنڌ ۽ سنڌي عوام جي تقدير بدلائڻ لاءِ نڪتل هو.
منع ڪرڻ باوجود به هو مس ڪالون پيو ڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن سندس گهر جي دروازي تي دوستن سان شراب ۾ ڌت ٿي اچي دروازو کڙڪائيندو هو. هڪ رات هن هڪڙي حرڪت ڪئي ۽ پنهنجي دوستن سان گڏجي اچي زور سان دروازو وڄايو، هاڻي هڪڙي اڪيلي مجبور عورت، جيڪا پنهنجي اڪيلائي، هڪ ننڍڙي پٽ ۽ کير پياڪ ڌيءَ سان گڏ ڏکي سکي ڪرائي جي گهر ۾ رهندي هئي سان هنن عادي جنسي مجرمن کي ڪيئن منهن ڏئي، جن جا رات جو خيال ۽ چهرا بلڪل مٽجي پنهنجي اصليت تي اچي ويندا هئا ۽ ڏينهن جو اهي روشن خيال، لبرل، دنيا تبديل ڪرڻ جي مشن تي لٿل نظر ايندا هئا. مظلومن سان ٿيل زيادتين تي سندن اکيون ڀرجي اينديون هيون، روشن ڏينهن ۾ اهي لبرل، ترقي پسند ۽ انهن غريبن تي گهور گهور پيا ٿيندا هئا. بيبيءَ پنهنجي مائٽن جي گهر فون ڪيو، پر سڀ ستل هئا، پنهنجي ڪجهه دوستن کي فون ڪيو، پر انهن به فون جو جواب نه ڏنو. ٿوري دير بيهڻ بعد جيئن چوڪيدرا سيٽيون وڄائيندو گهٽي ۾ نمودار ٿيو تنهن تي هي همراهه گاڏي کڻي روانا ٿيا، پر صبح مالڪ مڪان کيس گهر خالي ڪرڻ لاءِ چيو. بيبيءَ نيٺ کانئس ڪجهه ڏينهن جي مهلت گهري ته جيئن هوءَ نئون گهر ڳولهي سگهي. هن پنهنجن ڪجهه ويجهن دوستن سان ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو، پر سڀني کيس چپ ڪرائي ڇڏيو ته ماڻهو ڇا چوندا ڇاڪاڻ جو هو ته مرد آهن. ان چپ مرڳو همراهه جو من واڌائي ڇڏيو هو. جڏهن بيبي پنهنجي آفيس ويندي هئي ته هو گاڏي تي اچي سندس اڳيان پٺيان پيو ڦيرا پائيندو هو، سندس آفيس جي ماڻهن ۽ نجي ڪچهرين ۾ سندس ڪردار ڪشي پيو ڪندو هو. هن بيبيءَ کي چيو ته جيڪڏهن تون مون سان دوستي نه رکندينءَ ته آئون توکي ڪٿان جو نه ڇڏيندس. هڪ رات بيبي مس اڃان ستي هئي ته ان اڳواڻ رات جو دير سان شراب ۾ ڌت ٿي بيبيءَ کي ڪال ڪئي، بيبيءَ سندس آڌي رات جو ڪال ڪرڻ تي سخت ناراض ٿي ۽ هن کان اڌ رات جو ايئن ڪال ڪرڻ جو سبب پڇيو ته هو هڪ محفل ۾ پنهنجن رنگين مزاج دوستن سان گڏ ويٺل هو ۽ هن بيبي کي چيو ته مون تو جهڙي خوبصورت عورت دنيا ۾ نه ڏٺي آهي، آئون تنهنجي پوڄا ڪريان ٿو، تنهنجي حسن جي ماکي چکڻ چاهيان ٿو. تون ڪٿي اچي ڦاٿي آهين آئون توکي فيلٽ وٺي ڏيندس ان ۾ تون رهجان. آئون تنهنجون سڀ ضرورتون پوريون ڪندس تون رڳو مون سان دوستي رک. مطلب ته هن کي جيڪي آيو سو چوندو ويو. آخر ۾ هن نشي جي آخري حدن کي پار ڪندي چيو ته مون پنهنجي دوستن سان توسان دوستي جو شرط لڳايو آهي ۽ آئون هنن دوستن سان گڏجي تو سان گروپ سيڪس ڪرڻ چاهيان ٿو. اها ڳالهه ٻڌي بيبي جا لڱ ڪانڍارجي ويا. هن جي ڳالهائڻ مان وحشت پئي بکي، بيبيءَ اڳيان هن جو وحشي ۽ درنده صفت چهرو پئي گهميو، هن کي پنهنجي عزت ۽ آبرو پائمال ٿيندي محسوس ٿيا. هن جي تصور ۾ اهي روح ڏڪائيندڙ ۽ چڀندڙ منظر تري آيا. هوءَ فون بند ڪري ڏڪندڙ قدمن سان پنهنجي بستري تي موٽي آئي، پر هن جي ننڊ هوائن ۾ اڏامي چڪي هئي. هن پهريون دفعو زندگي ۾ پاڻ کي ايئن لاچار، بي وس ۽ اڪيلو محسوس ڪيو هو. ايڏي بي وسي ته هن کي تڏهن به محسوس نه ٿي هئي جڏهن کيس طلاق جا ڪاغذ مليا هئا. خبر ناهي ته ڪهڙي مهل سندس اک سان اک لڳي ته خواب ۾ کيس ائين محسوس ٿيو ته سندس در جي گھنٽي وڳي آهي ۽ اهو همراهه پنهنجي ڪجهه دوستن سان سندس در تي بيٺو آهي ۽ زور زور سان در وڄائي کيس در کولڻ لاءِ چوي پيو. هوءَ ڇرڪ ڀري اٿي ويٺي. هن کي هڪ لمحي لاءِ ايئن لڳو ته هو در ڀڃي اندر گھڙي آيا آهن ۽ بگھڙن جيان گروپ جي شڪل ۾ کيس کائڻ لاءِ وڌن پيا. هن جو دماغ مائوف ٿي چڪو هو. هن کي محسوس ٿيو ته سندس عزت جون ليڙون ليڙون ٿي چڪيون آهن. کيس هڪ کانپوءِ ٻيو بگھڙ پنهنجي مٿان لامارا ڏيندي محسوس ٿيو. انهن وحشين جي وڏن وڏن ٽهڪن ۾ بيبي جون دانهون دٻجي ويون هيون… جڏهن هوءَ پنهنجي حواسن ۾ آئي ته کيس پگهر پنهنجي جسم مان پاڻي وانگر وهندي محسوس ٿيو. هوءَ ڏڪندي ڏڪندي، هيسيل هرڻي جيان هلڪا پير کڻندي بورچي خاني ۾ پاڻي پيئڻ لاءِ وئي. جيئن ئي ان گلاس ڏانهن هٿ وڌايو ته سندس نظر ڇري تي پئي. هوءَ چند گھڙين لاءِ ڄڻ سڪتي ۾ اچي وئي. ٻئي ڏينهن هرڪو بيبيءَ جي موت تي سوڳوار هو. سندس لاش تي سندس ننڍڙا ٻار دانهون ڪري روئي رهيا هئا. تڏي تي آيل ماڻهن ۾ عجب چوٻول هو، پر هن سماجي اڳواڻ کان هن سماج هڪ لحظي لاءِ به ڪوبه سوال نه ڪيو ۽ نه ئي هن پاڻ ڪڏهن به بيبيءَ جي قبر تي اچي احساس ندامت ڪئي. هو اڄ به بيبيءَ جهڙين ڪيترين ئي عورتن سان پنهنجي محبت جي اظهار ڪرڻ ۾ اورچائي سان جنبيل آهي، کين دوستي جون آفرون ڪندو رهندو آهي ۽ پنهنجي زندگي ۾ عورتن جي انگ وڌائڻ ۾ رڌل آهي. هو اڄ به پنهنجن دوستن سان شرطون لڳائي ٿو ۽ بيوس ۽ لاچار عورتن سان گروپ سيڪس جا منصوبا جوڙي ٿو ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ سماج بدلائڻ واري ڪم ۾ به اوترو ئي ايمانداري سان اڳي وانگر جنبيل آهي.