ايڊيٽوريل

پگهاردار طبقي تي اضافي ٽيڪس ۽ اسلام آباد ۾ احتجاج

بجيٽ مالي سال 2024-25 ۾ پگهاردار طبقي تي جيڪو ٽيڪس مڙهيو ويو آهي ان جي خلاف ملازمن ۾ ڪاوڙ جي لهر آهي ۽ انهيءَ اضافي ٽيڪس جي خلاف انهن اسلام آباد ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.
پگهاردار طبقي تي اضافي ٽيڪسن جي نفاذ جو آغاز ٿي چڪو آهي. ملڪ جي صدر مملڪت آصف علي زرداري پاران دستخط کانپوءِ فنانس بل تي باقاعده عمل شروع ٿي ويو آهي. فنانس بل جي تحت پگهاردار طبقي تي اضافي ٽيڪس تي عملدرآمد جو ڄڻ آغاز ٿي ويو آهي. هڪ لک ماهوار پگهار تي انٽر ٽيڪس وڌائي 5 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. انهيءَ کي عام طرح ڏسجي ته پگهاردار طبقي کي جيڪڏهن 1250 رپيا ٽيڪس ڏيڻو پئي پيو ته اهي هاڻي 2500 رپيا ٽيڪس ادا ڪندا. هڪ ئي وقت ٽيڪس ۾ اها واڌ پگهاردار طبقي لاءِ سهپ جي قابل ڪونهي ۽ نه ئي اهي ان کي قبول ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو اهي ملڪ جي گادي واري شهر جي جناح اوينيو ۾ مظاهرا ڪري رهيا آهن ته جيئن اهي ٽيڪس جي انهيءَ نظام لاءِ پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪن. ملڪ ۾ پگهاردار طبقي کان علاوه ٻين طبقن کان ٽيڪس گڏ ڪري سگهجي ٿو. پگهاردار طبقي کان ٽيڪس ڪٽڻ سولو آهي معيشت جا جيڪي ٻيا ميدان آهن انهن ۾ اسان جهڙي ملڪ ۾ جتي انتظامي صلاحيت ڪمزور آهي ۽ گڏوگڏ قانوني مجبوريون به آهن انهيءَ ڪري هر بجيٽ ۾ ٽيڪس جي ڳالهه وڏي واڪ ڪئي ويندي آهي، ان جو نتيجو اوترو ڪونه نڪرندو آهي جيتري سرڪار جي دعويٰ هوندي آهي. انگن اکرن مطابق پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار يعني جي ڊي پي جو رڳو 10 سيڪڙو کان به گهٽ ٽيڪس جي مد ۾ جمع ٿي سگهندو آهي. پاڪستان جو مسئلو ٻٽي نوعيت جو آهي هڪ ته ڪيس جمع ڪرائڻ جي شرح ۽ صلاحت گهٽ آهي ۽ ٻيو ٽيڪس جن طبقن کان جمع ڪيو وڃي ٿو اهي انتهائي محدود آهن. مثال طور: فيڊرل بورڊ آف روينيو جا انگ اکر ٻڌائيندا آهن ته پگهاردار طبقي جيترو ٽيڪس ادا ڪيو اوترو امير واپارين يا ايڪسپورٽرز ادا ڪونه ڪيو آهي. اسان وٽ جيڪڏهن تعليم جو بهتر نظام هجي، انتظام شفاف هجي ۽ قانون تي عمل هجي ته ماڻهن کي ٽيڪس ڏيڻ تي قائل ڪري سگهجي ٿو. پاڪستان کي درپيش معاشي بحران جي بنيادي سببن ۾ هڪ حڪومتي وسيلن جو گهٽ هجڻ ۽ خرچن جو وڌيڪ هجڻ آهي. انهيءَ لاءِ معاشي ماهرين پنهنجي ملڪ جا وسيلا وڌائڻ ۽ انهن شعبن کي به ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جا مشورا ڏين ٿا، جتان اڄ تائين حڪومتون تمام گهٽ يا بلڪل ٽيڪس جمع نه ڪري سگهيون آهن. اهو مڃجي ٿو ته اسان جو مسئلو اهو آهي، پر انهيءَ لاءِ رڳو پگهاردار طبقو ئي پيسجي رهيو آهي جنهن تي “سپر ٽيڪس” جهڙا ظالمانه ٽيڪس مڙهيا پيا وڃن.
هڪڙي ڳالهه ڪندا هلون ته هن بجيٽ کانپوءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ واپاري به خوش آهن، صنعتڪار به خوش آهن، آبادگار به خوش آهن. لڳي ٿو ته انهن کي ڄڻ ٽيڪس ڏيڻ کان آجو قرار ڏنو ويو آهي، نه ته هر سال بجيٽ کانپوءِ واپاري ۽ صنعتڪار هڙتالن جون ڌمڪيون ڏيندا رهيا آهن ته فلاڻو ٽيڪس واپس ڪريو. ڇا صنعتڪار ۽ واپارين کي مالياتي بجيٽ 2024-25 ۾ ڇوٽ ڏني وئي آهي. نتيجي ۾ سڄو بار هڪ خاص طبقي تي منتقل ڪيو ويو آهي. انهيءَ مان لڳي ٿو ته ٽيڪس جو اهو بار پگهاردار طبقي تي وڌو ويو آهي، تڏهن ته اهي احتجاج ڪري رهيا آهن. انهن جي بنيادي ڳالهه اها آهي ته پگهاردار طبقو ئي واحد طبقو آهي جو باقاعده ٽيڪس ادا ڪندو رهي ٿو. هن مهانگائي جي دور ۾ جڏهن حقيقتن پگهار گهٽ آهن تڏهن صرف هڪ طبقي تي ٽيڪس جي اها واڌ مناسب نه آهي. وفاقي حڪومت کي پگهاردار طبقي جي جائز شڪايتن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ انهن تي اجايا مڙهيل ٽيڪس واپس وٺڻ گهرجن.