ادب

ادبي خط امر اقبال

(4)

مانائتي ڀيڻ سيما!

شال مڪمل صحت ۽ وڏي ڄمار ماڻيو!

سڀ کان پھريان معذرت خواھ آھيان، جو خط جو جواب لکڻ ۾ گهڻي دير ٿي وئي..

اوھان مون ڏانھن خط لکي، سچ پچ ته 30 سال پوئتي واري زندگيءَ ڏانھن موٽائي ڇڏيو آھي. جڏھن اسان جي اکين ۾ سوين جرڪندڙ سپنا هوندا ھئا ۽ اسين ڊگھا ڊگھا خط لکندا ھياسين.. اھو اسان جو ھاسٽل جي زندگيءَ وارو دور ھوندو ھو.

اوھين بيماريءَ سان جھيڙي رھيا آھيو. مون کي اوھان جي حوصلي ۽ بھادريءَ تي رشڪ ٿو اچي. اوھان جي گھر، اوھان، اوھان جي ور ۽ ٻچڙن سان ملي، ان وقت به مان، دل ئي دل ۾ اوھان جي صحتيابيءَ لاءِ دعائون گھري رھيو ھئس…

زندگي تلخ آ، ھجي ته ھجي

روح ۾ سئو ملاحتون رھنديون- (اياز)

مان ڪڏھن به ڪنھن دوست کي پنھنجي ڪتاب تي لکڻ لاءِ ناھيان چوندو، ڪو پاڻ لکندو آھي ته اکين تي رکندو آھيان، پر اوھان لاءِ دل گھريو ته اوھان کي ڪتاب تي ٻه اکر لکڻ لاءِ چوان.. اوھان لکندئو ته مون کي خوشي ٿيندي.. منھنجي لاءِ اھا ڳالھ به خوشيءَ جو سبب بڻي ھئي ته اوھان جي شخصيت ۽ ڪم متعلق ڇپيل ڪتاب “ڏات جي ديوي” جو ھڪ فلئپ مون به لکيو ھو.

اوھان قربان منگي صاحب، اختر درگاھي صاحب ۽ منھنجي، جيڪا مهمان نوازي ڪئي، اھا به سدا ياد رهندي.

ڪراچيءَ ۾ مون 1992 کان وٺي 1997 تائين ڀريا 6 سال گذاريا آھن، جيڪي منھنجي زندگيءَ جا يادگار سال آھن. مون اين اي ڊي انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪراچيءَ مان سول انجنيئرنگ ۾ گريجوئيشن ڪئي، ڪجھ عرصو ڪراچيءَ ۾ ھڪ ڪنسٽرڪشن فرم ۾ نوڪري ڪئي ۽ ھن وقت ڪيترن ئي سالن کان خيرپور پنھنجي شھر ۾، سنڌ حڪومت جي زراعت کاتي ۾ واٽر مئنيجمينٽ آفيسر طور نوڪري ڪري رھيو آھيان. “پوپٽ” جي ڪمن ڪارين ۾ قربان منگي صاحب جي ساٿ ۾ به مڙيو ئي جُڙيل رھندو آھيان..

ڪراچيءَ ۾ رهندي سمنڊ ۽ رمپا پلازا ۾ ٿيندڙ سنڌي ادبي سنگت جون، ان دور واريون گڏجاڻيون، ھميشھ مون لاءِ انسپائريشن جو سبب رھيون… ڪراچيءَ ۾ ئي مون کي سنڌي شاعريءَ جي ڪرشمي شيخ اياز جا سندس گھر ۾ ھٿ ڇھڻ جو اعزاز مليو..

“ڪارونجھر” وارو نظم، آزاد نظم آھي. آزاد نظم ۾ ماترڪ آزادي، ڪنھن حد تائين، حاصل ھوندي آھي، جنهن جو فائدو مون به ورتو آھي. اوھان منھنجي شاعريءَ کي ڌيان سان پڙھو ٿا، اھا ڳالھ مون لاءِ خوشيءَ جو سبب بڻي.

مون کي خوشي اھا به آھي ادي! ته اوهان زندگيءَ سان گڏوگڏ “سنڌ” سان به پيار ڪريو ٿيون. ھونئن به جي “سنڌ” آھي، ته اسين آھيون ۽ زندگي آھي.

اوھان گھڻو طويل خط لکيو آھي، پر موٽ ۾ مان ھي چند سٽون لکي سگھيو آھيان. قبول پون..

رب سائين اوھان کي پنھنجي حفظ ۽ امان ۾ رکي.. ۽ اوھان پنھنجي نارمل زندگيءَ ڏانھن موٽي پنهنجا رھيل تخليقي ڪم مڪمل ڪيو…

اوھان جو ڀاءُ

امر اقبال

خيرپورميرس

17 جنوري 2021