اروڙ تاريخ جي آئيني ۾ ….

الطاف شيخ جو سفر نامو

نه سي سڙهه سکاڻ (سنڌ هند کان روس چين تائين)

اروڙ تاريخ جي آئيني ۾ ….

الطاف شيخ

سکر ڪو اهڙو آڳاٽو شهر ناهي. سکر کان گهڻو خوشحال ۽ جھونو شهر روهڙي رهيو آهي، پر روهڙي جي مقابلي ۾ به اروڙ ۽ بکر سنڌ جا جھونا ۽ بلي بلي شهر هئا. اروڙ (جنهن کي الور به سڏيو ويو ٿي) سنڌ جي گاديءَ جو شهر هو. هي شهر  جيڪو روهڙيءَ کان ٽي چار ميل ڏکڻ اوڀر ۾ هڪ ٽڪريءَ تي هو وڏو خوشحال ۽ سرسبز هو. ظاهر آهي اهو سنڌو نديءَ جي ڪناري تي ايئن هو جيئن الهه آباد، بنارس يا هردوار گنگا نديءَ جي ڪپر تي آهن. سنڌ ۾ اسلام جي آمد کان اڳ راءِ گهراڻي ۽ برهمڻ گهراڻي (چچ ۽ راجا ڏاهر) جي ڏينهن ۾ ۽ عربن جي حڪومت شروع ٿيڻ کان تقريبن 125 هجري تائين هن شهر جو پنهنجو شانُ هو. 711ع ۾ محمد بن قاسم جڏهن اروڙ فتح ڪيو ته اتي هڪ مسجد تعمير ڪرائي ۽ هِتي رواهه بن اسد کي حاڪم، قاضي ۽ خطيب مقرر ڪيو. جنهن بعد هن جون ڪيتريون پيڙهيون ان پوسٽ تي رهيون.

مشهور سياح ابن بطوطه هِتي جي قاضي ۽ خطيب وٽ حضرت عمر بن عبدالعزيز اموي جو هڪ خط ڏٺو جيڪو هن پنهنجي دورِ خلافت ۾ اروڙ جي هن قاضي خاندان ڏي موڪليو هو. چون ٿا ته 962ع ۾ جيڪو شديد زلزلو آيو ان ۾ سنڌو نديءَ پنهنجو وهڪرو بدلائي ڇڏيو ۽ ان وقت کان اروڙ ويران ٿيڻ لڳو. اتي جا ماڻهو پوءِ آهستي آهستي ٿي روهڙي لڏي آيا ۽ روهڙي وڌڻ ويجھڻ لڳو ۽ گهڻو گهڻو پوءِ انگريزن جي ڏينهن ۾ سکر روهڙي کان به زور ٿي ويو.

مولائي شيدائي اروڙ بابت ”تاريخ سکر“ ۾ لکي ٿو ته: ”موجوده اروڙ هينئر هڪ ڳوٺ جيان آهي… روهڙيءَ کان پنج ميل کن ڏکڻ اوڀر طرف ٽڪريءَ تي. جنهن زماني ۾ اروڙ سنڌ جو تختگاهه هو، انهن ڏينهن ۾ شهر جي الهندي کان مهراڻ ۽ اڀرندي کان هاڪڙي جي وجود ڪري هي شهر باغات، نخلستانن، حوضن ۽ واهن ڪري سرسبز ۽ شاداب هو. شهر کي ٻٽي عالم پناهه ڏنل هئي ۽ ڪيتريون ئي ڪاٺ جون ماڙيون ۽ محلات هئا. شهر جي وچ ۾ ٻڌ ڌرم جو عظيم الشان مندر هو، منجھس گوتم ٻڌ جو وڏو بت (مجسمو) رکيل هو جنهن جي ٻانهن ۾ سونا ڪنگڻ هوندا هئا. هٿيارن جا گدام هئا. گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ زمين دوز ناليون هيون. اروڙ پنهنجي باغن ۽ تفريح گاهن ڪري مشهور هو ۽ ملتان جيڏو هو. راءِ گهراڻي جا راجائون انصاف پسند ۽ رعايا پرور هئا. ڪابل، چين، ڪشمير، پنجاب ۽ هندستان جو مال ٻيڙين وسيلي ديبل ڏانهن ويندي، هِتي لنگر انداز ٿيندو هو. حڪومت کي محصول مان وڏي آمدني هئي. شاهي خزانا دولت سان مالا مال هئا. راءِ گهراڻي جي راجائن جي حڪومت سڄي هندستان ۾ سياسي ۽ اقتصادي نقطهءِ نظر کان مضبوط هئي. سنڌ جي راجائن جي راجپوتانا ۽ ڪشمير جي راجائن سان مائِٽي هئي..”

اسلام کان اڳ سنڌ تي راءِ گهراڻي جي حڪومت هئي جيڪا 137 سالَ هلي. هن گهراڻي جا پنج راجا ٿي گذريا آهن جن جو ٻڌ ڌرم سان واسطو هو. هنن مان پهريون راجا راءِ ڏيوائچ هو. جن ڏينهن ۾ حضور صلم جن مڪي کان مديني هجرت فرمائي ته انهن ڏينهن ۾ اروڙ جو حاڪم راءِ سيهرس بن ساهسي هو. راجا راءِ سيهرس لاءِ چون ٿا ته هو بيحد دولتمند ۽ اخلاق ۽ سيرت جي اعتبار کان تمام نيڪ انسان هو. (تاريخ سنڌ، اعجاز الحق قدوسي). هن پنهنجي حڪومت کي چئن صوبن ۾ ورهائي هر هڪ تي صوبيدار مقرر ڪيو جيڪو گورنر سڏيو ويو ٿي. پاڻ راجا الور (اروڙ) ۾ ئي رهيو ٿي. راجا راءِ سيهرس ثاني جي فارس (هاڻوڪي ايران) جي حاڪم نمروز سان لڙائي ٿي جنهن ۾ راءِ سيهرس کي ڳچيءَ ۾ تير لڳڻ ڪري مري ويو. هن بعد راءِ ساهسي ثاني سنڌ جو حاڪم ٿيو. هو بي اولاد هو. هن جي راڻي سونهندي (سونهن ديوي) نهايت حسين هئي. چچ نالي هڪ ڪشميري نوجوان برهمڻ جيڪو بيحد خوبصورت ۽ زبان جو چتر هو، هن کي چارئي ويد ياد هئا، وڏي وزير رام جي آفيس ۾ محرر مقرر ٿيو. گورنرن جا خط جيڪي درٻار ۾ پهچندا هئا، سي هي وزير (رام) راجا کي پڙهي ٻڌائيندو هو ۽ راجا جي حڪمن موجب انهن جا جواب لکي گورنرن ڏي روانا ڪندو هو. هڪ دفعي رام وزير موڪل تي ويو ۽ چچ کي هدايت ڪري ويو ته سندس غير حاضري ۾ ٻاهران آيل خط راجا کي احتياط سان پڙهي ٻڌائي ۽ راجا جي چوڻ مطابق انهن جا جواب ڌيان سان لکي روانا ڪري. وزير جي غير حاضري ۾ چچ شاهي محلات جي در تي پهتو ته ان وقت راڻي به موجود هئي. جيئن ته چچ برهمڻ هو ان ڪري راجا اهو ضرورر ي نه سمجھيو ته راڻي هن کان پڙدو ڪري ۽ چچ کي راڻي اڳيان روبرو گهرايو. هن ترتيب وار خط راجا اڳيان اهڙي موزون انداز سان پڙهي ٻڌايا جو راجا هن نوجوان  برهمڻ جي لياقت جو قائل بنجي حڪم ڏنو ته آئيندي رام جي غير حاضري ۾ چچ ڪم هلائي. ليڪن راڻي برهمڻ نوجوان جي حسن کي ڏسي مٿس عاشق ٿي پئي. ڪجهه وقت ڳجھن راز و پيامن جو سلسلو جاري رهيو. آخر هڪ ڏينهن راجا بيمار ٿي پيو ۽ ڪجهه ڏينهن علالت ۾ رهي انتقال ڪيو. راڻيءَ راجا جي موت کي لڪائي، چچ سان واعدو ڪري راجا جي مائٽن ۽ اهلڪارن کي گهرائي سڀني کي قيد ڪري مارائي چچ سان شادي ڪئي. راءِ گهراڻي جو راڄ ختم ٿيو ۽ برهمڻن جو راڄ شروع ٿيو. چچ 643ع کان 682ع تائين سياڻپ سان حڪومت ڪئي. جن جن راجائن ۽ قومن بغاوتون ڪيون تن کي مات ڪيائين. هر سال ملڪ جو دورو ڪري حالتن جو جائزو وٺي جوڳو انتظام ڪندو رهيو. حضرت عمر الفاروق رضه جي ڏينهن ۾ عربن پوئين ساساني ايراني شهنشاهه يزد گرد سوم کي شڪست ڏئي ايران تي قبضو ڪيو. هن موقعي تي چچ ايران کي هاٿين ۽ جنگي سامان جي امداد ڪئي. اهڙي طرح هو سياسي توازن قائم رکندو رهيو. سنڌ جا رهاڪو سهتا، لوهاڻا، لاکا ۽ جاٽ جيڪي ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ هئا، سي چچ جي برهمڻ حڪومت جي خلاف هئا. هونئن به چچ جي برهمڻ حڪومت ٻڌن تي خاص ڪري لوهاڻا ۽ جاٽ قومن تي ڪجهه سختيون مڙهيون هيون. جهڙوڪ: گهوڙي تي هني رکڻ کانسواءِ سواري ڪن. ريشمي ڪپڙن پائڻ کان پرهيز ڪن. چيلهه سان ڪاٺ جي ترار ٻڌي نڪرن. ٻاهر نڪرڻ وقت ڪتو پاڻ سان کڻن. مندرن جي لنگر خانن کي ڪاٺيون پهچائين. مٿي تي پٽڪي رکڻ بدران رومال ٻڌن. حڪومت جي حفاظت ڪرڻ لاءِ جاسوسي ڪن.

چچ جي 682 ۾ وفات بعد هن جو ڀاءُ چندر تخت تي ويٺو جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن 8 سال حڪومت ڪئي. جنهن بعد چچ جو وڏو پٽ ڏاهر سنڌ جو راجا ٿيو جنهن جي ڏينهن ۾ عرب محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪري سنڌ فتح ڪئي. ان کان اڳ به عربن هن پاسي حملا ڪيا. خاص ڪري 644 ۾ جڏهن عربن ايران فتح ڪيو ته هنن جا سپاهي مڪران تائين پهچي ويا ۽ مڪران ۽ بلوچستان جو اوڀر وارو حصو عربن حوالي ٿي ويو، پر انهن ڏينهن جي خليفي حضرت عمر رضه (644 ـــ 634) کين سنڌو ندي کان اڳتي وڌڻ کان روڪيو. پوءِ حضرت عثمان رضه (656 ـــ 644) جي ڏينهن ۾ عربن راءِ خاندان جي حڪومت جو اتراهون شهر قترابيل فتح ڪيو جيڪو 662 ۾ سنڌين وري حاصل ڪري ورتو. راجا ڏاهر جي ڏينهن ۾ دمشق تي بنو اميه گهراڻي جو خليفو وليد بن عبدالمالڪ هو. سندس پاران حجاج بن يوسف ثقفي بصري جو حاڪم هو جنهن جي حڪم سان محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪيو. ان وقت محمد بن قاسم جي عمر 17 سال ٻڌائين ٿا. سکر (سنڌ ۽ پنجاب جي ڏاکڻي حصي سميت) اميه خلافت جي ڪنٽرول ۾ اچي ويو.

بعد ۾ مغلن ۽ ٻين قبيلن جي حاڪمن جي سکر تي حڪومت رهي. خيرپور جي ميرن حوالي سکر 1809ع ۽ 1824ع جي وچ واري دور ۾ ٿيو. 1833ع ۾ قنڌار (افغانستان) جي جنگجو شاهه شجاع ميرن کي سکر وٽ شڪست ڏني، پر پوءِ ساڻن معاهدو ڪري سکر کين واپس ڪيو. 1843 ۾ انگريزن (جنرل چارلس جيمس نئپيئر جي اڳواڻيءَ ۾) ٽالپرن کي حيدرآباد ويجھو مياڻي ۽ دٻي وٽ لڙائين ۾ شڪست ڏني ۽ هو سکر ۽ باقي سنڌ جا 1947 تائين حاڪم ٿي رهيا. اڄ وارو سکر ضلعو 1901ع ۾ ٺهيو جيڪو ڪجهه حصو شڪارپور ضلعي مان ته ڪجهه لاڙڪاڻي مان ڪڍي ٺاهيو ويو هو. سکر جو معاشي ۽ سماجي طرح واڌارو 1930 کانپوءِ ٿيو جڏهن انگريزن دنيا جي وڏي ۾ وڏي بئراج سنڌو ندي مٿان ٺهرائي. سکر بئراج جيڪا پهرين Llyod بئراج سڏي وئي ٿي 1923ع ۾ ٺهڻ شروع ٿي ۽ جنوري 1932ع ۾ مڪمل ٿي. سندس ڊيگهه 5000 فوٽ (1524 ميٽر) آهي ۽ منجهس 66 دروازا آهن. هن ذريعي 10 ملين ايڪڙ آباد ٿيڻ لڳا. منجھائس 7 ڪئنال نڪرن ٿا جن مان ڪجهه سئيز ڪئنال کان به وڏا آهن.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments