اسان جا شاگرد جاپان ۾

الطاف شيخ جو سفر نامون “جي وڃين تون جاپان” مان کنيل

اسان جا شاگرد جاپان ۾

الطاف شيخ

جاپان جي اڳوڻي گادي واري تاريخي شهر ڪيوٽو جي جڏهن به ڳالهه نڪري ٿي ته اتي جي مندرن ۽ گيشائن کي ئي ياد ڪيو وڃي ٿو جنهن کان هي شهر مشهور آهي… ان کان علاوه چيري بلاسم ۽ سڪورا گلياد اچن ٿا جن کي سرءُ ۽ بهار جي موسم ۾ کڙندو ۽ ڪومائيندو ڏسڻ لاءِ نه فقط جپان جا ماڻهو، پر دنيا جي مختلف ملڪن جا ٽوئرسٽ هتي اچن ٿا. ڪيوٽو پارڪن ۽ پلين جو شهر آهي، اوچايا (چانهه گهر) ۽ اوڪي يا (گيشا گهرن) جو شهر آهي، پر اڄ اهو به لکندو هلان ته ڪيوٽو يونيورسٽين جو به شهر آهي بلڪه دنيا جي بهترين يونيورسٽين جو شهر آهي. اسان جي حيدرآباد شهر ۾ اڄڪلهه خبر ناهي ڪيتريون يونيورسٽيون آهن. سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي، لياقت يونيورسٽي، اسريٰ يونيورسٽي ۽ شايد هڪ ٻه ٻيون به هجن ۽ اهڙيون هڪ ٻه يونيورسٽيون ٻڌو اٿم ته سنڌ حڪومت يا بحريا وارا ٺهرائي رهيا آهن. حيدرآباد ضلعي جي پکيڙ ۽ آدمشماري جيڏي ڪيوٽو ۾ ٽيهن کان مٿي يونيورسٽيون آهن. ٽيهه ان ڪري چوان ٿو جو اهي ٽيهه ته اعليٰ درجي جون آهن جيڪي سالن کان ڏسندو اچان يا ڪيوٽو اچڻ تي منهنجو انهن اڳيان لنگهه ٿئي ٿو. يونيورسٽيءَ کي جاپانيءَ ۾ “دائي گاڪو” سڏين ٿا. پوءِ ڪن يونيورسٽين کي مقامي ماڻهو انگريزي نالي “يونيورسٽي” سان سڏين ٿا ته ڪن کي پنهنجي ٻولي جي لفظ Daigaku سان. جيئن “ڪيوٽو سيئڪا دائي گاڪو”، “ڪيوٽو سانگيو دائي گاڪو”، “دو شيشا دائي گاڪو”، “اوتاني دائي گاڪو” ۽ “هنا زونو دائي گاڪو”، “ڪيوٽو ٽاچي بانا دائي گاڪو” وغيره.

ڪيوٽو جي ڪجهه ٻين يونيورسٽين جا نالا هن ريت آهن:

رِتو ميئي ڪان يونيورسٽي، ريوڪو ڪُو يونيورسٽي، ڪيوٽو يونيورسٽي آف فارين اسٽڊيز، ڪيوٽو يونيورسٽي آف ميڊيسن، بُڪ ڪيو يونيورسٽي، ڪيوٽو وومين يونيورسٽي، ڪيوٽو يونيورسٽي آف ايڊيوڪيشن، ڪيوٽو فارماسيوٽيڪل يونيورسٽي، سُوچي اِن يونيورسٽي ۽ ڪيوٽَو پريفيڪچرل يونيورسٽي، وغيره وغيره.

مٿي بيان ڪيل سڀ ٽاپ جون يونيورسٽيون آهن، پر جيڪڏهن ڪو پڇي ته انهن مان سڀ ۾ ڪهڙي يونيورسٽي اتم اتانهين آهي ته اها “ڪيوٽو يونيورسٽي” آهي جنهن جو نالو مٿين يونيورسٽين ۾ شامل نه ڪيو اٿم.

ڪيوٽو يونيورسٽي يعني ڪيوٽو دائي گاڪو يا شارٽ فارم ۾ فقط ڪيودائي (Kyodai) به سڏجي ٿي. ڪيو معنيٰ ڪيوٽو ۽ دائي معنيٰ دائي گاڪو، جيئن ٽوڪيو يونيورسٽي فقط تودائي (Todai) به سڏجي ٿي. هيءَ ڪيوٽو يونيورسٽي جاپان جي ستن نيشنل يونيورسٽين مان هڪ آهي ۽ جاپان جي ٽوڪيو يونيورسٽي بعد ٻيو نمبر پراڻي يونيورسٽي آهي جيڪا 1897ع کان يونيورسٽي جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهي آهي. اها شروع ۾ 1869ع ۾ اوساڪا ۾ ڪيمسٽري اسڪول طور کلي. بعد ۾ 1886ع ۾ هائر اسڪول ٿيو ان بعد ڪيوٽو يونيورسٽي ٿي. ڪيوٽو يونيورسٽي سڄي ايشيا ۾ اول درجي جي Research Oriented انسٽيٽيوشن آهي جيڪا دنيا جا مشهور سائنسدان ۽ ريسرچر پيدا ڪرڻ کان مشهور آهي. ذرا سوچيو ته هن يونيورسٽي جي سترهن ڄڻن کي نوبل پرائز ملي چڪا آهن ۽ ٻين ڪيترن کي فيلڊ ميڊلس Gauss پرائز جهڙا ايوارڊ ملي چڪا آهن. هن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائڻ واري اسٽاف جو تعداد 2864 آهي. انتظاميه هلائڻ وارن جو تعداد 5397 آهي. جملي شاگرد 23000 آهن جن ۾ انڊر گريجوئيٽ 13500 کن آهن ۽ پوسٽ گريجوئيٽ 9500 آهن. ڪيوٽو يونيورسٽي جا ڪيوٽو ۽ ان جي آسپاس ڪل ٽي ڪئمپس آهن جن مان يوشيدا وارو مين ڪئمپس آهي ۽ ڪتسورا (Katsura) ۽ اوجي (Uji) باقي ٻه آهن.

هندستان جي ورهاڱي کان اڳ سائوٿ انڊيا جي نير نالي هڪ شاگرد هن يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪئي. انڊيا ٿيڻ بعد انڊيا جي وزيراعظم جواهر لال نهروءَ نير کي انڊيا گهرائي کيس قونصل جنرل جي پوسٽ آفر ڪئي، پر هن جاپان ۾ سفير ٿيڻ چاهيو ٿي. هو بنا آرڊر جي جاپان موٽي آيو ۽ گنزا (ٽوڪيو جي صدر علائقي) ۾ اچي انڊين ريسٽورينٽ کوليو جنهن ۾ اسان جهاز وارن جو وڃڻ ٿيندو هو ۽ نير جي علمي ڳالهين مان لطف اندوز ٿيندا هئاسين. نير جي زندگيءَ جو دلچسپ احوال هن کان اڳ واري سفر نامي: “ڳوٺ جروار کان جاپان” ۾ ڏئي چڪو آهيان. اڄ به ٽوڪيو يونيورسٽي وٽان لنگهندي نير ياد اچي ٿو. ڪيوٽو جو هڪ ٻيو همراهه جنهن سان عليڪ سليڪ رهي آهي اهو جاپاني نو مسلم پروفيسر ياسوشي ڪوسُوگي (Prof. Yasushi Kosugi) آهي جيڪو ڪيوٽو يونيورسٽي ۾ ايشين اينڊ آفريڪن ايريا اسٽڊيز گريجوئيٽ اسڪول جو ڊين آهي. اسلام سان لڳاءُ هجڻ ڪري هن 1972ع ۾ ٽوڪيو يونيورسٽيءَ ۾ عربي سکي، ٽن سالن بعد هن کي مصر جي حڪومت طرفان اسڪالرشپ ملي ته اسلامڪ اسٽڊيز جو اسپيشل ڪورس ڪري. 1983ع ۾ پروفيسر ڪوسوگيءَ مصر جي الاظهر يونيورسٽيءَ مان ڊگري حاصل ڪئي. 2008ع ۾ جڏهن ملائيشيا جي UKM يونيورسٽيءَ انسٽيٽيوٽ آف اسلام حضاري (Islam Hadhari) قائم ڪئي ته ڪيوٽو يونيورسٽي وارن هنن سان نيٽ ورڪنگ شروع ڪئي. پروفيسر ڪوسوگيءَ کي بين الاقوامي ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ اڪثر سڏرايو ويو ٿي جن ۾ انگلينڊ جي درهام يونيورسٽي ۽ ڪئمبرج يونيورسٽي جي اسلامڪ فائونڊيشن به اچي وڃي ٿي.

پروفيسر ڪوسوگيءَ پنهنجي درس تدريس جي شروعات انٽرنيشنل يونيورسٽي آف جاپان کان ڪئي. اتي هن پهرين اسسٽنٽ ريسرچر جي حيثيت ۾ ڪم شروع ڪيو، بعد ۾ هو اتي جو سينيئر ريسرچ فيلو ٿي رهيو. ان بعد هو انسٽيٽيوٽ آف مڊل ايسٽرن اسٽڊيز آف جاپان جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو جنهن کانپوءِ هن کي هن يونيورسٽي، ڪيوٽو يونيورسٽيءَ جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو.

پروفيسر ڪوسوگي مڊل ايسٽرن اسٽڊيز سينٽرن جو وزٽنگ اسڪالر ۽ جاپانيز سائنس ڪائونسل جو ميمبر پڻ آهي. پاڻ اسلام سان واسطو رکندڙ ڳالهين تي ليڪچر ڏيڻ کان مشهور آهي، جيئن ته:

Islamic Revival Revisted.

New Horizons in Islamic Area Studies.

Tasks & Prospects of Islamics as a Fronten Science.

Islamic Revival and Islamization of Sciences: A Japanese Perspective.

Islam, Science & Civilization.

Current State of Islamic Studies in Japan.

ڪيوٽو يونيورسٽي کان اڳ منهنجي ساڻس ملاقات ملائيشيا ۾ ئي ٿي جتي هو اسلام تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ اڪثر گهرايو ويو ٿي. ڪيوٽو يونيورسٽيءَ ۾ اڳئين دفعي هڪ اهڙي نوجوان ليڪچرار سان به ملاقات ٿي جنهن جي وڏن جو واسطو سنڌ جي ننڍڙي شهر بوبڪن سان هو. ڊاڪٽر علي گل قريشيءَ ٻڌايو ته هو نه فقط هتي پڙهائي ٿو، پر هن اعليٰ تعليم به هن يونيورسٽيءَ مان ورتي آهي.

علي گل قريشي 15 مارچ 1975ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو جتي سندس والد گل محمد قريشي صاحب روينيو ۾ آفيسر هو. پاڻ 1990ع ۾ مئٽرڪ ماڊل اسڪول حيدرآباد مان ڪئي ۽ انٽر ماڊل ڪاليج سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس مان ڪرڻ بعد 1999ع ۾ مهراڻ يونيورسٽيءَ مان B.E سِول انجنيئرنگ ۾ ڪئي. ان بعد ٻه سال کن اتي ئي ليڪچرار ٿي رهيو. ان دوران کيس ٿائلينڊ جي AIT ايشن انسٽيٽيوٽ ٽيڪنالاجي ۾ ماسٽرس ڪرڻ لاءِ اسڪالر ملي ۽ ٻن سالن اندر، 2005ع ۾ ٽرانسپورٽيشن انجنيئرنگ ۾ M.E ڪئي.

ٿائلينڊ جي مٿئين يونيورسٽي AIT بئنڪاڪ کان 40 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي پاسوم ساني صوبي جي خلانگ لئانگ شهر ۾ آهي. هيءَ يونيورسٽي اعليٰ تعليم لاءِ بين الاقوامي ادارو آهي جيڪو انجنيئرنگ، ايڊوانس ٽيڪنالاجيز، مئنيجمينٽ ۽ پلاننگ جهڙن سبجيڪٽن لاءِ 1959ع ۾ کولي وئي. بقول اتي جي ڊين جي:

AIT aim is to promote technological change and sustainable development in the Asia Pacific region through higher education, research

هن يونيورسٽيءَ کي هلائڻ جو خرچو مختلف ادارا ۽ دنيا جي مختلف ملڪن جون حڪومتون پنهنجي حيثيت آهر ڏين ٿيون. بئنڪاڪ ۾ موجود تيرهن ملڪن جا سفير AIT بورڊ آف ٽرسٽيز جا ميمبر ٿين ٿا. اهي ملڪ آهن: بنگلاديش، ڪمبوڊيا، چين، فرانس، انڊيا، انڊونيشيا، ڪوريا، لائوس، پاڪستان، فلپن، سريلنڪا، سوئيڊن ويٽنام، ٻن ملڪن جاپان ۽ يورپين يونين جي سفيرن جي حيثيت آبزرور واري رهي ٿي. هن يونيورسٽي ۾ 30 سيڪڙو ٿائليند جي شاگردن جو رهي ٿو باقي ستر سيڪڙو شاگرد 58 ملڪن کان اچن ٿا جن مان گهڻائي انهن جي آهي جن کي اسڪالر ملي ٿي. 2009ع ۾ هن يونيورسٽيءَ 50 سال مڪمل ٿيڻ تي گولڊن جوبلي ملهائي هئي. آئون ڏسان پيو ته اسان جي ملڪ جي شاگردن کي به هن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ جي لاءِ اسڪالر مليو وڃي جيئن علي گل قريشيءَ کي 2003ع ۾ ملي. هن يونيورسٽيءَ بابت پهريون دفعو مون 1971ع ۾ ٻڌو جڏهن اسان جي ڪاليج ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ٻن شاگردن اقبال ترڪ ۽ رامچند اوڏ کي NED مان انجنيئرنگ ڪرڻ بعد ٿائلينڊ ۾ پڙهڻ لاءِ اسڪالر شپ ملي. منهنجي خيال ۾ اسان جي گهڻي کان گهڻي شاگردن کي هن يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ کپي. مون کي خبر ناهي ته هن اسڪالر لاءِ ڪڏهن اپلاءِ ڪجي يا ڪهڙا شرط شروط آهن. بهتر ٿيندو ته هو نيٽ تي معلوم ڪن يا پنهنجن پروفيسرن کان پڇن جن مان پڪ ڪجهه هن يونيورسٽيءَ جا گريجوئيٽ هوندا. هاڻ ته 1993ع کان هن يونيورسٽيءَ جو ڪئمپس ويٽنام ۾ به کوليو ويو آهي.

علي گل قريشيءَ ٻڌايو ته هن AIT يونيورسٽيءَ مان جيئن ئي ٽرانسپورٽيشن انجنيئرنگ ۾ ماسٽرس ڪئي ته هن کي جاپان حڪومت طرفان سندن ڪيوٽو يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ MEXT اسڪالر ڏني وئي.

هتي اهو به لکندو هلان ته هن اسڪالر تي به مون پنهنجي ملڪ جا شاگرد جاپان جي مختلف يونيورسٽين ۾ Ph.D ڪندي ڏٺا آهن.

ميڪسٽ، جيڪا Manbukagakusho اسڪالر شپ به سڏجي ٿي جاپان حڪومت طرفان انهن فارين شاگردن کي ملي ٿي جيڪي جاپان ۾ اعليٰ تعليم وٺڻ چاهين ٿا. هن اسڪالرشپ جي منظوري پاڪستان ۾ موجود جاپان جي ايمبسي، قونصل خانو، جاپان جي ڪا يونيورسٽي يا ٻي ڪا اعليٰ اٿارٽي ڪري ٿي. منهنجي پنهنجي ملڪ جي شاگردن کي اهائي صلاح آهي ته هو پنهنجي فيلڊ ۾ پي ايڇ ڊي ضرور ڪن ۽ ٻاهر پڙهڻ لاءِ خرچ جي مدد لاءِ ٻين سان گڏ هن اسڪالر لاءِ به ڪوشش ڪري ڏسن. ان لاءِ پڻ هنن کي کپي ته پنهنجي يونيورسٽيءَ جي پروفيسرن کان گائيڊ لائين وٺن يا ڊاڪٽر علي گل قريشي جهڙن کان صلاح وٺن جن ان اسڪالر کي حاصل ڪري فائدو ورتو آهي.

ڊاڪٽر علي گل قريشيءَ سال 2008ع ۾ ڪيوٽو يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽوريٽ ڪئي. پي ايڇ ڊي ۾ سندس سبجيڪٽ هوUrban Management ان بعد کيس هتي ئي ليڪچرر رکيو ويو. ان حساب سان علي گل کي ڪيوٽو ۾ رهندي تيرهن سال ٿي ويا آهن ۽ اڄ ڪلهه هو ايسوسيئيٽ پروفيسر آهي ۽ پوسٽ ڊاڪٽوريٽ به ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر علي گل جي ٿائلينڊ اچڻ کان اڳ 2003ع ۾ حيدرآباد ۾ غلام الله قريشي جي ڌيءَ مهوش سان شادي ٿي ۽ هو ٻارن (ٻن ڌيئرن: يارهن سالن جي اريج ۽ نو سالن جي عريشا) سان هتي (ڪيوٽو) جي مُڪوشي (Muko-shi) ۾ رهي ٿو. سندس گهرواري مهوش بنيادي تعليم حيدرآباد مان وٺڻ بعد Geo Informatic ۾ ماسٽرس ڪيوٽو يونيورسٽي مان ڪئي.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments