اسلام آباد جي احتساب عدالت نواز شريف جا اثاثا ۽ جائيداد ضبط ڪرڻ جو حُڪم ڏئي ڇڏيو
اسلام آباد جي احتساب عدالت توشه خانه ريفرنس ۾ نواز شريف جا اثاثا ۽ جائيداد ضبط ڪرڻ جو حُڪم ڏيئي ڇڏيو آهي، احتساب عدالت جي جج سيد اصغر توشه خانه ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ۾ نواز شريف جو وڪيل ۽ نيب پراسيڪيوٽر پيش ٿيا، احتساب عدالت نواز شريف جا اثاثا ۽ جائيداد ضبط ڪرڻ جي لاءِ نيب کان رڪارڊ طلب ڪيو هو جيڪو نيب طرفان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. نيب طرفان احتساب عدالت ۾ جمع ڪرايل تفصيل موجب نواز شريف جي نالي تي لاهور ۾ 1650 ڪنال کان وڌيڪ زمين شامل آهي، پراپرٽيز، گاڏيون ۽ بينڪ اڪائونٽ به شامل آهن. نيب جي طرفان لاهور جي نجي بينڪ ۾ نواز شريف جي نالي تي ملڪي ۽ غير ملڪي رقم جي تفصيل به عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. ان کان علاوه نيب رپورٽ ۾ چيو ويو ته مري ۾ به نواز شريف جي نالي تي جاءِ آهي جڏهن ته شيخوپوره ۾ 102 ڪنال زرعي زمين به نواز شريف جي نالي تي آهي، جنهن تي احتساب عدالت نواز شريف جي جائيدادن کي ضبط ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 13 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.