صحافت هڪ ذميداريءَ وارو پيشو آهي، جنهن جي ذريعي صحافي سچ جي ذريعي سماج جي تربيت ۽ اوسر ڪري ٿو ۽ ظلم جي خلاف آواز بلند ڪري ٿو، جيڪو آسان نه آهي. استعماري قوتون نه چاهينديون آهن، ته سچ ماڻهن جي سامهون اچي ۽ انهن جي طاقت کي ڪو للڪاري.
انهيءَ ڪري مختلف طريقا استعمال ڪري سچ جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، اهي قوتون ئي ڪجهه هٿ ٺوڪين صحافين کي اڳيان ڪري صحافي جي روپ ۾ پيش ڪن ٿيون، جن کي صحافت جي تقدس جي خبر نه هوندي آهي ۽ نه ئي انهن کي اها خبر هوندي آهي ته اظهار جي آزادي ۽ ڇڙواڳي ۾ ڪهڙو فرق آهي ۽ نه ئي انهن کي تنقيد براءِ اصلاح يا تنقيد براءِ تنقيد جي خبر هوندي آهي، اهڙا صحافي تنقيد براءِ تذحيق ڪري پنهنجي پيشي جي پنهنجن هٿن سان ئي تذليل ڪري رهيا هوندا آهن. جنهن ۾ سچ کي هڪ پاسي رکي ڪوڙ جي ڪاروبار کي وڌائي مختلف شخصيتن تي ذاتي حملا ڪري سندن وقار کي مجروح ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
اهڙي قسم جي ڪارروائي اسان کي سپريم ڪورٽ طرفان ورتل سوموٽو نوٽيس جي ٻڌڻي دوران نظر آئي، جڏهن ايف آئي اي طرفان چيف جسٽس تي ذاتي حملن ڪرڻ جي الزام هيٺ 100 کان وڌيڪ صحافين ڏانهن نوٽيس اماڻيا ويا ۽ انهن مان ڪجهه صحافين سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي، سوموٽو نوٽيس جي لاءِ درخواست دائر ڪئي هئي، انهيءَ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هڪ دفعو ٻيهر پنهنجو اصولي وقار بلند رکيو. هن چيو ته مٿس ذاتي تنقيد تي ڪوبه اعتراض نه آهي، پر جيئن ته سپريم ڪورٽ انصاف ڏيڻ وارو باوقار ادارو آهي، ان تي تنقيد نه ٿيڻ گهرجي. سندس انهيءَ فيصلي جي آجيان ڪجي ٿي ۽ هن مٿس ذاتي تنقيد ڪندڙ صحافين کي جاري ٿيل نوٽيس واپس وٺي ڇڏيا.
ساڳئي ئي وقت سڀني صحافين کي پنهنجي صحافتي ذميواري پوري ڪندي، پنهنجو ذاتي احتساب پڻ ڪرڻ گهرجي، ڇو ته صحافيءَ جو ڪم ڪنهن به شخصيت جي تذحيق ڪرڻ نه بلڪه ان جو ڪم سچ کي سامهون آڻڻ، سچي خبر ڏيڻ ۽ مفادِ عامه جي لاءِ ڪم ڪرڻ آهي، جيڪڏهن هو ڪنهن تي ذاتي حملو ڪري ٿو ته هو پنهنجي پيشي سان سچو نه آهي. جيڪڏهن هر صحافي کي خود احتسابي جو عمل ڪرڻ ضروري آهي ۽ جيڪڏهن هڪ صحافي ان عمل مان گذري ٿو ته هن کان اهڙي ڪابه غلطي نه ٿيندي ۽ سندس وقار ۾ اضافو ٿيندو. صحافي جو ڪم معاشري ۾ صحتمند رجحان پيدا ڪرڻ آهي، نه ڪي نفرت. خاص طور تي هن وقت تي جڏهن اسانجي ملڪ ۾ نوجوانن جي تربيت نفرت تي ۽ بدتميزي تي ٿي رهي آهي. ان وقت ۾ ساڃاهه وند صحافين جو فرض ٿئي ٿو ته نوجوانن جي تربيت ۽ اصلاح پڻ ڪن. انهن کي سچ چوڻ کان روڪڻ جي بلڪل ڪوشش نه ڪن، پر انهن جي ايتري تربيت ضرور ٿيڻ کپي ته سچ ڪيئن ڳالهائجي ۽ لکجي جو سندن قلم ۾ طاقت پيدا ٿي سگهي ۽ سندن ڳالهه کي ٻڌو وڃي.
اسان وٽ گذريل ڪجهه سالن کان رياست جي سرپرستي هيٺ جڳاڙي صحافين جيڪي پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي موجود آهن، جن کي هڪ خاص ٽارگيٽ ڏئي مختلف ميڊيا هائوسز ۾ متعين ڪيو ويو هو، اهي هڪ سياسي پارٽي ۽ ان جي پٺي ٺپيندڙ ڌرين جي جائز ناجائز نمائندگي ڪن ۽ انهن جي مخالفن خلاف ڪوڙ، تذحيق جا سڀ طريقا استعمال ڪن ۽ ماڻهن ۾ انهن کي بدنام ڪن. اڄوڪي سپريم ڪورٽ جي ٻڌڻي ۾ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ چيو ته زنده قومون ماضي مان سکنديون آهن. اڳتي هلي هن چيو: ڪنهن به صحافي يا عام شخص کي به تنقيد ڪرڻ کان روڪي نه ٿو سگهجي، اهو پاڪستان جي تاريخ ۾ صحافت ۽ اظهار جي آزادي لاءِ اهم آهي. ملڪ جي اعليٰ عدليه جڏهن اظهارِ راءِ جي آزادي جي حق ۾ آهي ته اسان سڀني قلم جو پورهيو ڪرڻ وارن کي جيڪي خاص طور تي صحافت جي پيشي سان منسلڪ آهن، پنهنجي قلم کي ذميداري سان استعمال ڪرڻو پوندو ته جيئن اسان معاشري جي مثبت تعمير ۾ ڪردار ادا ڪري سگهون.