ڪهاڻيون

امان! ڇا گولي ڀتين مان ٽپي ايندي آهي جمن احمداڻي May 2021

رات جو پهر هو، شھر جي چوراهي تان معصوم ٻار ڊنل، حراس ۽ خوف مان تکو تکو پنهنجي گهر ڏانهن وڃي رهيو هو. حالت ڪجهه اهڙي هئي، ڄڻ شيزو فيرينيا جو مريض ھر شيءِ کان خوف کائي رهيوآھي. روڊ ڀرسان ديو قامت فليٽس، بنگلا گهر، دڪان کيس ڊيڄاري رهيا هئا. مصروف روڊ تي رکيل ريڙھا هن کي ڏانئڻ جي چنبن جهڙا محسوس ٿيا ماڻھن ۽ ڍونڍ تي مڙيل ڪتن ۾ ڪوبه فرق محسوس نه ڪيائين. هو مسلسل تيز ڀڄي رهيو هو کيس لڳو موٽرسائيڪل سوار ڪوبه ماڻھو ٻيهر پڪڙي ان جڳهه تي کڻي ويندو، ايئن جيئن ڪو ٻلو ڳيري جي ڳچي ۾ چڪ وجهي ڪنهن محفوظ ھنڌ وڃي، پر پٽي ٻيرا ٻيرا ڪري کائيندو آھي. هن پنهنجي جيجل ماءُ جي هنج ۾ وڃي محفوظ ٿيڻ پئي چاهيو. ڊپ ۽ خوف مان ڀڄندي پنهنجي گهر ۾ داخل ٿيو. ماءُ پنهنجي معصوم جي اها حالت ڏسي خوف ۾ وٺجي وئي. کانئس سبب معلوم ڪيائين، هن ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪيو، ڪير وڙھيو منهنجا ٻچڙا، بابا ناهي ته به رب پاڪ اسان ساڻ آهي تون ايترو پريشان ڇو آھين ٻڌائي نه. معصوم جي نڙي ۾ ٿوهر اٽڪي پيا، خبردار سچي ڪئي اٿئي ته هي پستول ڏسين ٿو، گوليءَ سان اۡڏائي ڇڏيندس، خوف، حراس لفظن کي روڪي ڇڏيو ماءُ پنهنجي ٻچي جي حالت تي سڄي هارجي وئي. کن لئه آٿت ڏنائينس، ٻيهر سبب پڇيائينس، معصوم جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. خبردار سچي ڪئي اٿئي ته اهو به ياد رک منهنجو پيءُ وڏو اديب دانشور آھي، هن جي هڪ فون تي سڄي سنڌ اٿلي پوندي توکي ابتو ٽنگائي ڇڏيندو. لفظ اکڙين مان وهندڙ پاڻي ۾ وهي ضايع ٿي ويا. ماءُ سمجهي نه سگهي، هوءَ پريشان حال خوف ۾ وڪوڙيل معصوم جو سر هنج ۾ رکي ڪنهن آيت جو ورد ڪندي مٿس شوڪاريندي رهي. اوچتو معصوم ٻالڪ ڇرڪ ڀريو، ماءُ جي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي، خوف، حراس ۾ ورتل ٻار پنهنجي جيجل جي اکين ۾ اکيون کپائي پڇيائين “امان ڇا گولي ڀتين مان ٽپي ايندي آھي”! ماءُ کي شڪ جاڳيو. واقعي جي ڳنڍ کلي پئي، سماج کي بدلائيندڙ شعور جا دعويدار سڀ گڏجي هڪ ماءُ، هڪ ٻار، هڪ قوم کي گاريون ڏيندي مظاهرا ڪري رهيا هئا. کدڙا قلم سان سرعام زنا تي تاڙيون وڄائي تاريخ جو لاگ وصول ڪري رهيا هئا.

***