امداد هڪ حساس شاعر March 2021
امداد حُسيني جنهن پاڻ کي “رول” جو خطاب ڏنو، پر سندس زندگيءَ تي نظر ٿي وجهجي ته لڳي ٿو ته هو هڪ رول ته آهي، پر سندس رولاڪيون ذهني، تصوراتي ۽ عاشقاڻيون آهن. شاعر جيستائين پنهنجين سوچن، تصورن ۽ محبتن ۾ رولاڪ نه ٿيندو ته هو شاعر ئي نه ٿي سگهندو. پاڻ ٻوليءَ جو ڄاڻو، هڪ تعليمدان ۽ ڪل وقتي شاعر جيڪو ساٺيڪو سالن کان اڻ ورچ ٿي لکندو اچي. سندس اها سچائي ۽ گرم جوشي اسان جي ٻين به ڪيترن ئي شاعرن ۽ ليکڪن کي گرمائي ٿي.
سندس شاعريءَ کي پڙهندي کيس رڳو شاعر نه، پر هڪ حساس شاعر چئي سگهجي ٿو. ڇو ته سندس هر شعر جي پٺيان هڪ پختي ۽ تعميري سوچ، سماج جي مٿان نظر، سنڌ جي اٿل پٿل ۽ ماڻهن جي غربت ۽ بيوسيءَ تي عقابي اکيون کتل نظر اچن ٿيون.
اسان جي خوشقسمتي آهي جو امداد حسيني اسان ۾ جنميو ۽ اسان جي وچ ۾ موجود آهي. سندس شاعريءَ ۾ هر صنف شامل آهي، پاڻ غزل، گيت، نظم، بيت، لاڏا، ٽيڙو ۽ وايون لکيون آهن. سندس لازوال شاعري جنهن ۾ ڌرتيءَ جو عشق، ماڻهن جي تڪليفن جو احساس ۽ سماجي مسئلن تي هميشه نظر رهي آهي. ايئن ٿو لڳي ته هو شاعريءَ جي ڪئمرا کڻي بيٺو آهي ۽ دل جي هر جذبي کي ۽ معاشري جي هر سين کي شاعريءَ جي اک سان ڪئپچر ڪري انهن جون تصويرون لکي رهيو آهي. سندس مشهور شعري مجموعا جيڪي سنڌ جي هر ان گهر ۾ موجود آهن جيڪي شاعريءَ سان لڳاءُ رکن ٿا تن ۾ “امداد آهي رول، “هوا جي سامهون”، “ڪرڻي جهڙو پل”، “هوءَ”، “ڌوپ ڪرن” شامل آهن. امداد پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪٿي به پاڻ کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي ۽ هن پنهنجن خيالن کي آزاد پرواز ڪرڻ جي ڀرپور اجازت ڏني آهي ۽ جيئن به جيڪو خيال وٽس آيو آهي هن ان کي انهيءَ فارميٽ ۾ Capture ڪيو آهي.
تنهنڪري سندس شاعريءَ ۾ مصنوعيت وارو عنصر نظر نٿو اچي. هو سِٽ لکڻ کانپوءِ ٻي سِٽ به غير مصنوعي طريقي سان لکي ناهي سگهيو. ان لاءِ به هن مهينن ۽ سالن جو انتظار ڪيو آهي. امداد جي شاعريءَ جي سونهن سندس عام فهم، انداز ۽ سلوڻي سنڌي ٻولي آهي. هن ٻوليءَ جو هر اهو لفظ استعمال ڪيو آهي جيڪو شايد عام طور تي ماڻهن جي خيالن ۾ متروڪ ٿي ويل آهي. هن سنڌي ٻوليءَ کي جيئارڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي.
شاعر، اديب، فنڪار، دانشور اهي سڀ قومن جي ميراث هوندا آهن، انهن جو تعلق نه ڪنهن مذهب سان جڙيل هوندو آهي نه ئي ڪنهن فرقي سان، پر هتي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان هر سطح تي ورهايل آهيون پوءِ ڇو نه اهي ادبي ميدان ئي هجن. امداد حسيني تي تمام گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن مٿس تحقيق ڪرڻ وارا ماڻهو هاڻي کان ئي پنهنجو ڪم شروع ڪن ته سندس زندگيءَ ۾ ئي اهڙن محققن کي وڌيڪ رهنمائي ملي سگهي ٿي ۽ صحيح ڄاڻ حاصل ٿي سگهي ٿي. هن ٽيڪنالاجيءَ واري دور ۾ افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته اڄ ڏينهن تائين اسان جي ادارن پنهنجي سرمائي کي آن لائين محفوظ ناهي ڪيو. اسان جو ڪلچر ڊپارٽمينٽ ڪروڙين رپين جا بجيٽ مختلف ادارن کي ڏئي ٿو، پر اهي ڪيئن ٿا خرچ ٿين انهن جي ڪابه پڇا ڳاڇا ناهي. جنهن جو ذميدار سمورو سماج آهي. سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي لئنگويج اٿارٽي وارن کي گهرجي ته اهي اسان جي شاعرن، اديبن، محققن ۽ دانشورن جا ڪتاب اِي لائبريرين جي خزاني ۾ محفوظ ڪن. اسان کي امداد حسينيءَ جي سڀني ڪتابن کي گوگل تي رکڻ جي ضرورت آهي. مستقبل ۾ شايد دنيا پيپر فري ٿي وڃي ان لاءِ ڪوبه وقت متعين نٿو ڪري سگهجي، پر دنيا مسلسل ان طرف وڌي رهي آهي، ان ڪري ان پاسي وڃڻ لاءِ اسان کي پلاننگ ڪرڻي پوندي ۽ وڌ کان وڌ ڪتابن کي E-libraries ۾ محفوظ ڪرڻو پوندو.
امداد حسيني نه صرف هڪ شاعر ۽ حساس دل رکندڙ انسان آهي، پر هو هڪ اهڙو ڪردار آهي جيڪو صنف نازڪ کي هميشه همٿائيندو رهيو آهي، سندن ڪم کي ساراهيندو رهيو آهي ۽ ڪڏهن به مٿن ڪو الزام ناهي مڙهيو. جڏهن به ڪا عورت شاعره پنهنجي شاعري وٽس کڻي وئي آهي هن ان کي پڙهيو آهي ۽ تمام مثبت نوٽ لکي ان جي همت افزائي ڪئي آهي. امداد حسيني پنهنجي ڄمار جا ايڪاسي ورهيه پورا ڪري 82 ورهين ۾ داخل ٿي رهيو آهي، سڄي سنڌي قوم سندس جنم ڏينهن تي کيس نيڪ تنمائن جا گل ٿي ارپي ته شال سدا صحتياب رهي ۽ پنهنجي سندر شاعريءَ سان اسان جي ذهنن جي آبياري ڪندو رهي.
اميد ٿي ڪجي ته سندس سمورو اڻ ڇپيل ڪلام (جيڪو سحر امداد تمام احتياط سان ڊاڪيومينٽ ڪري سهيڙي رکيو آهي)، ڇپرائي پڙهندڙن آڏو آندو ويندو. کيس جنم ڏينهن جون لک لک واڌايون.