امر ابڙو: شاعريءَ جي دور جي پڄاڻي : رياض ابڙو
اهو وايو منڊل عام فهم آهي ته دوستي ڪبي ناهي بس ٿي ويندي آهي، اها ڳالھ مون امر ۾ ڏاڍي ڏٺي، توڻي جو هو ڳوٺائي هو، منهنجو ڪلاس ميٽ نه هو، پر ڪلاس ميٽس کان وڌيڪ ۽ وڏو ڪو پاٻوھ ۽ پيار هو امر سان ۽ امر کي سڄي سنگت سان، موت مهڻو ناهي، پر امر تائين اڳواٽ پڳو، جگر جي بيماري کيس نپوڙي نچوڙي صفا پاھ ڪري ڇڏيو، پر دلبريون اهي ئي جوان کڻيو گهمندو وتندو هو. احتياط پنهنجي جاءِ تي، پر اهنج ۽ سور جو انت نٿو چئي سگهجي جيڪو هو پاڻ سان گڏ ئي کڻي ويو، وڏي پيڙا ۽ آزمائش مان گذريو، جيون هن سان ڏاڍو ڏکيو روتاءَ ڪيو، افسوس به ڪيئن ڪيون، ڇا ڪيون، ڪنهن سان ڪيون ڪيستائين، ڪنهن مهل ۽ ڪيترو؟ شايد ماپو ناهي، امر هڪ زبردست طبيعت جو ماڻهو هو، کلڻو، ملڻو، ٽھڪ ۽ ٻول وچن ڏيڻ وارو، مذاق مستي ۾ گذارڻ وارو، سنگت سان گڏجي ته ڄڻ رلي ملي صفا يارن سان يارن جهڙو ٿي وڃي، ”بس لمحن کي انجواءِ ڪرڻ ئي زندگي“ واري فارمولي تي زندگي جا پل گذارڻ وارو شخص، انتهائي ماٺيڻو، نفيس ۽ سادي طبيعت وارو، ٻين کي گهڙي ۾ پنهنجو ڪري وڃڻ وارو، اسان اهو چوندا هئاسين ته هن شخص ۾ پبلڪ ڊيلنگ جو ڏانءُ ڪو پيدائشي هو، عمر جا ڏاڪا چڙهندو اهڙو پختو ٿيندو ويو، جو اسڪول جي هر مقابلي ۾ حصي وٺڻ وارو، محنت سان پڙهڻ وارو، اسڪول جي زندگي ڀرپور گذارڻ وارو شخص، پر بيماريءَ جي بستري تان اٿي نه سگهيو.
ڪرڪيٽ ۾ زبردست بالر، بيٽنگ ۾ پاڻ مڃائڻ وارو، پر زندگي رنگ بدلي ٿي، بلوغت واري عمر ۾ ماڻهن جي زندگي ۾ اهڙا ڍنگ کڻي ٿي اچي جو ماڻهو انسيت ۾ اوتجي ٿو وڃي. جنهن ۾ ماڻهو ڪا چونڊ کڻي نڪري ٿو پوي، خوابن ۽ خيالن جي دنيا کي عملي جامو پارائڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ٿو ڏئي، هي شخص به انهن آڱرين تي ڳڻڻ جهڙو محبوب شخص هو، هن ۾ هڪ چڻنگ لڪل هئي جو اسان سڄي سنگت حيرت ۾ هوندا هئاسين، سرڪاري اسڪول مان پڙهندڙ ڇوڪري ۾ ايڏو ٽئلينٽ هو جو هر ٽيسٽ ۽ امتحان ۾ پاس ٿي ويندو هو، جو سرڪاري اسڪول مان ميٽرڪ پڙهڻ وارو هڪ ڪارخاني تي ڪمائيندڙ مزدور جو پٽ، وري سرڪاري ڪاليج مان پنهنجي ٻل تي پاس ڪندڙ، ڪاليج سائيڊ کان گريجوئيشن ڪري نوڪري جي تلاش ۾ پنهنجي ٻل تي نڪرندڙ هي شخص ڪڏهن به مايوس نه ٿيو، اسڪول ۽ ڪاليج جا ڌڪا ٿاٻا کائڻ کانپوءِ جڏهن ٻار کي مڇن جي ساول ٿي ٿئي تڏهن دنيا مٽجي ٿي وڃي، مالڪ هڪ اميد هڻي ٿا ويهن ته اسان جو ٻالڪ هاڻي نوڪري کڻي اسان جا بار هلڪا ڪندو، پر هي ٻالڪ ته اهڙو جو ڪاليج جي لائف کان ئي پاڻ کي مصروف رکندو آيو، شام جو ڊاڪٽر وٽ ڊسپينسري ڪري پنهنجو خرچ ڪڍندو هو، اتان پنهنجي گريجوئيشن جا خرچ پورا ڪندڙ هي ٻالڪ واقعي ڳوٺ جي ٻارن جي لاءِ مثالي هو.
اسان جي ڳوٺاڻي سنگت ۾ امام علي ٽاٽڙي (سوشل ايڪٽوسٽ)، ياسر منگي (شاعر)، زاهد منگي (ڪهاڻيڪار)، خادم ٻگهيو (شاعر)، حڪيم جهيتال (سوشل ايڪٽوسٽ) ۽ فياض ابڙو (بئنڪر)، امر ابڙي ۽ مون 2004 ۾ گڏ انگلش ۾ ماسٽرز ڪئي، اسان دوست موٽرسائيڪل تي محبڻ شاھ جو پتڻ ٽپي، موٽرسائيڪل کي ٻيڙي ۾ کڻي وري خشڪن جي پتڻ کان ٽپي وري موٽرسائيڪل تي خيرپور يونيورسٽي پڳاسين، رات دوستن وٽ هڪڙي ڳوٺ ۾ بسر ڪئي، ڳوٺاڻي ڪچهريءَ جا سڀ پروٽوڪول مليا، ڏاڍو مزو آيو، امر، اي ڊي، مان ۽ ٻيا ان ڳوٺ جا دوست، ڪچهري ڪندي ڪندي رات اکين ۾ ئي ٽپي وئي، صبح جو يونيورسٽيءَ ڏي وري موٽرسائيڪل تي وياسين، خيرپور يونيورسٽي مان واپسيءَ تي ڪوٽڏيجيءَ جو اسٽڊي ٽوئر به ڪيوسين، ڪچهريون، مزا، مستيون، مذاقون، چرچا ڀوڳ، اصل ٿڪ ئي لهي ويا، ننڊ نه آئي، جو اچي ڳوٺ ٿڪ ڀڳوسين، هتان ويندي نصرت بند ۽ جهلي بند ٽپندي اسان کي ڪچي جون زمينون ڏاڍيون سرسبز، ساوڪ سان ڀرپور لڳيون، ڪچي جي علائقي ۾ بجلي ۽ ٽيوب ويل، پوليس جون چوڪيون، اسان ته هلندي، ويندي، ڳالهائيندي ٻولهائيندي درياءُ ٽپندي انهن ٻيڙي وارن سان تصويرون به ڪڍرايون، انهن هارين سان ٽيوب ويلن تي پاڻيءَ سان شرارتون ڪندي به تصويرن ۾ لمحا واڙي ورتا هئا پوءِ اهي تصويرون انهن مهاڻن ۽ ڪچي جي هارين ڏانهن ڏي موڪلي به ڏنيون هيوسين، تصويرن جي پٺين پاسي اسان سڀني جا نالا به لکيا هئا ته جيئن ياد رهن.
امر ابڙو واحد ڇوڪرو ڏسڻ ۾ ايندو هو جنهن جي هٿ ۾ سدائين ڪتاب هوندا هئا جو هو سرڪاري ٽيچر ٿيو، پر ڪتاب سدائين ساڻ هوندا هئس ۽ ڪتابن جو ٺاهوڪو مجموعو سندس گهر جي لائبريري ۾ به رکيل اٿس، اسان سڀني گڏجي 1998 ۾ ڳوٺ ۾ هڪ لائبريري به هلائي هئي، جنهن جي لاءِ ڪتابن جي مدد اسان جي دوست ۽ مائٽ امداد ابڙي (مرحوم) ڪئي هئي ۽ سڄو ڪم ان ئي ڪيو هو، اسان سان گڏ پروفيسر عزيز ابڙو (مرحوم) هوندو هو ۽ اسان سڀ دوست ڏاڍا متحرڪ هوندا هئاسين، اسان اتي ادبي ڪلاس به هلائيندا هئاسين، امر ابڙو انتهائي قابل ۽ با صلاحيت ماڻهو هو، 2001 ۾ اي ايس ايف ۾ پنهنجي ٻَلَ تي سب انسپيڪٽر ڀرتي ٿيو، هڪ دفعي ڪراچي ايئرپويرٽ تي ٽريننگ دوران مان ملڻ ويو هيومانس، اتي آفيسر ميس ۾ هن سان گڏ ڪڏهن لنچ ٿيندي هئي ته ڪڏهن ڊنر ته ڪڏهن چانھ جي پيالي پي ڏاڍو مزو ايندو هو، پر هن شخص کي وري ان نوڪري ۾ به مزو نه آيو، ڏاڍو پر عزم، پراعتماد ۽ پرباش قسم جو ماڻهو هو، پاڻ تي ايترو ته اعتماد هوندو هئس جو ڪڏهن مايوس نه ٿيو، نوڪري ڇڏي وري ڳوٺ واپس هليو ويو.
اصل ۾ هن جي اندر اڻ تڻ هن کي آرام سان رهڻ نه ڏنو، پر ايستائين شاعري ڏاڍي پختي ڪري ويو هو (ان تي اڀياس لکبو) بحر، وزن ۽ خيال جي پختگي اهڙي جو جڏهن اسان 1997 ۾ ادبي سنگت جوائن ڪئي هئي (پر ان کان اڳ اسان جا ادبي ڪلاس سائين مسرور سيال (مضمون نگار، ٽيچر، سوشل ايڪٽوسٽ) وٽ هلندا هئا جنهن اسان جا ميمبرشپ جا فارم ماڪ (مهراڻ ادبي ڪائونسل) ۾ ڀريا، اصل ۾ اسان کي اهڙين ادبي ڪلاسن تائين وٺي اچڻ وارو شخص پروفيسر عزيز ابڙو (مرحوم) هو ۽ اسان جي لاءِ اهڙين ادبي ڪچهرين ۾ وڏو سحر ۽ ڪشش پڻ هوندي هئي، جو اسان پنهنجون ادبي تخليقون کڻي ادب جا لاها چاڙها سکندا هئاسين، شروعاتي ڪلاس ڏاڍو سيکاريندا به هئا. امر ابڙو اي ايس ايف جي نوڪري ڇڏڻ کانپوءِ وري پنهنجي صلاحيت تي سرڪاري ٽيچر ڀرتي ٿي ويو ۽ باڊھ ادبي سنگت جو ٻه دفعا سيڪٽري به رهيو، انتها درجي جو ملنسار ماڻهو ايتري عرصي ۾ پنهنجي ادبي ساک به ٺاهي ويو، لاڙڪاڻي جي ادبي سرڪل ۾ نالو به ڪمائي ويو، هن جو ڪو شاعريءَ ۽ ڪهاڻين جو ڪتاب نه اچي سگهيو (زندگي جي مهلت ڏيس ها ته شايد شاعري ۽ ڪهاڻين جو ڪتاب به آڻي ڇڏي ها) هڪ دفعي اسان دوست ڪمپوزرن کان هن جا ڳچ غزل ڪمپوز به ڪرايا هئا، ڳارائي وري رڪارڊ به ڪرايا، ڏاڍو مزو آيو هو، جو هن جي ان جوش ۽ جذبي جو پورائو ڪيوسين، هن کي پنهنجي شاعري ڳارائڻ جو ڏاڍو شوق به هوندو هو (هر شاعر وانگي)، پر غريب جو ٻار هجڻ جي ڪري زندگي جا لاها چاڙها ڏسڻ جي ڪري سڄي گهر جو اڪيلو ڪمائو پٽ هجڻ جي ڪري هن جا ڪجھ شوق رهجي به ويا (هن جي ٻين ننڍن ڀائرن هن جو هٿ پوءِ ونڊايو، جو هڪ اهڙو محبتي ماڻهو جو پنهنجي سڄي خاندان کي گڏ کڻي هلڻ وارو، سڀ ڀائر گڏ، هڪ مُٺ، ٻڌي ۾ رهڻ وارا، هڪ صلاح وارا، پر زندگيءَ هن سان وفا نه ڪئي).
ڪراچيءَ ۾ اسان سان ئي رهندو هو، اسان سڀ تڏهن ڇڙا ڇانڊ رهندا هئاسين، سڀ ڪجھ پاڻ ڪرڻ وارا، پر هن سان گڏ اهي ڏينهن ڏاڍا يادگار هئا، هڪ دفعي رمپا پلازه تي 2001 ۾ جڏهن ريٽا شاهاڻي آئي هئي تڏهن اتي اسان کي نصير مرزا، مختيار ملڪ، قمر شهباز، طارق عالم ابڙو ۽ ٻيا سڀ چوٽي جا اديب پڻ ڏسڻ ۾ آيا هئا، پر اسان کي پروگرام جي آخر ۾ نصير مرزا ۽ طارق عالم ابڙي سان هڪ چانھ جي ڪوپ پيئڻ جو موقعو ضرور مليو. اهڙن بهترين شخصن سان شاعري، ڪهاڻين، ناولن ۽ سياست تي بحث ڪندي ڪندي دير ٿي وئي هئي، اسان انهن کي بس تائين ڇڏي، وري واپس گهر موٽيا هئاسين، ايئن اسان ڪراچي جي ادبي سنگتن ۾ به گڏ ويندا هئاسين. ڪراچي ڇڏي، اي ايس ايف جي نوڪري کي الوداع ڪري هن کي سرڪاري ماستري ملي وئي هئي. ڳوٺ ۾ وري ساڳي پرسڪون زندگي گذارڻ لڳو هو، پر ڪجھ سال اڳ هن کي جگر جي بيماري وڪوڙي وئي هئي، ايس آءِ يو ٽي ڪراچي مان علاج ڪرائڻ کانپوءِ ڪجھ صحيح ٿي ويو هو، پر ان علاج ۾ پائيداري نه هئي. ثقافت کاتي، ادبي ۽ سوشل حلقي مدد ڪيس، مرض سان تمام گهڻو جھيڙيائين، پر زندگي وفا نه ڪيس، پنج ڇھ سال مرض سان وڙهندي وڙهندي پاڻ بچائيندي نيٺ 2 جولاءِ 2021 تي 43 سالن جي عمر ۾ ابدي سفر تي هليو ويو، پر شاعري ۽ ڪهاڻين جو مجموعي سان گڏ ادبي لڏو پنهنجي ياد ڪرڻ لاءِ ڇڏي ويو، جو شايد اسان جا ناقص لفظ هن جي ياد جو پورائو ۽ ازالو نه ڪري سگهن.