امن جي جنت ۾ زهريلا نانگ عبدالحڪيم ارشد
انساني سماج جي تاريخ گواهه آهي ته سنڌ هميشه محتبن جي سر زمين پئي رهي آهي. هيءَ ماکيءَ کان مٺڙي ساهه کان پياري ڌرتي انسان ذات لاءِ امن، آشتي، محبت، ايڪتا ۽ وحدت جو اهڙو نمونو هئي، جتي هر ڌڪاريل روح کي آسيس ٿي ملي ۽ هر اڃايل روح لاءِ ڄڻ ته آب حيات جو سرچشمو هئي. آسمان هيٺ هونئن ته هر ڀونءَ ڀلاري آهي، اسين ڪنهن به ملڪ کي گهٽ نٿا چئون، پر سنڌ جي سونهن پنهنجي جيڏين ۽ سرتين ۾ سڀني کان سرس ثابت ٿي، هتان جا ماڻهو کليل دلين جا مالڪ، اندر جا اجرا، مهمان نواز، سخي، پيار، محبت ۽ پراپڪاريءَ جا مجسما هئا. صدين کان هتي هندو، مسلم، سک، عيسائي ۽ پارسي پاڻ ۾ هڪ جسم ۽ جان ٿي رهيا، هڪ ٻئي جي خوشين، غمن ۽ قومي ڏڻن ۾ شريڪ ٿيندا هئا، ورهاڱي کان اڳ اسان ننڍي هوندي انهن کي پاڻ ۾ کير ۽ کنڊ ٿيندي ڏٺو، هنن ۾ ڪوبه مذهبي مت ڀيد نه هو، تعصب، دوئي، نفرت، مذهب ۽ دين ڌرم جي نانءُ تي فرقي بندي ۽ ڪروڌ ڪيني کان سندن دليون پاڪ، صاف ۽ پويتر هونديون هيون. سنڌ جي تهذيب ۽ سنڌ جي ثقافت کي انهيءَ ڪري به عظمت ۽ انفراديت حاصل آهي جو سنڌ جي تهذيب ۽ سنڌ جي ثقافت کي انهيءَ ڪري به عظمت ۽ انفراديت حاصل آهي، جو سنڌ مختلف مذهب ڌارائن جو سنگم هئي، مختلف سمتن کان آيل سڀني وهڪرن هتي اچي هڪ لهر بڻجي پنهنجي پنهنجي الڳ حيثيت تقريبن مٽائي هڪ ئي وحدت جي شڪل اختيار ڪئي. سنڌ جي تهذيب، مختلف مذهبن جي مختلف خوشبوئن ۽ خوبين جو هڪ گلدستو هئي، جنهن ۾ مختلف خوشبوئن جي امتزاج هڪ عجيب قسم جي مهڪار من موهيندڙ سڳن ۽ سرور بخشيو ٿي. سنڌ جي صوفين، درويشن، عارفن، ساڌوئن، سنتن، ڀڳتي فقيرن جي تعيلم ۽ سکيا جو بنياد ڪثرت پويان وحدت، انسان دوستي، امن عالم، رواداري، اهنسا، پيار ۽ محبت تي ٻڌل هوندو هو. هنن درويشن پنهنجي پوئلڳن کي معرفت جي جيڪا امرت آڇي، ان جي پيئڻ سان ماڻهوءَ جي من مان دوئي جي ڪس ۽ ڪٽ لهي ٿي ويئي. اهوئي سبب آهي جو انهن جي آستانن تي اڄ به هندو ۽ مسلمان گڏجي جهمريون هڻندي نظر اچن ٿا، اهوئي ڪارڻ آهي جو مغرب جي امن پسند صوفين، ايني بسنت ۽ اينيمري شمل ۽ سورلي سنڌ جي تهذيب ۽ صوفين جي تعليم کي امن لاءِ اڃايل دنيا لاءِ آب حيات قرار ڏنو آهي. هيءَ ڌرتي شاهه عنايت، شاهه لطيف، سچل سرمست، سامي، دلپت فقير، روحل، خير محمد، بيدل، بيڪس، آءِ آءِ قاضي، عبيدالله سنڌي، جي ايم سيد ۽ حيدر بخش جتوئي ۽ شيخ اياز جي ڌرتي آهي. ساڳئي وقت هيءَ ڌرتي ڪنور ڀڳت، ماسٽر چندر، ساڌو واسواڻي، نارائڻ شيام ۽ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي به ڌرتي هئي. انهن سڀني انسان ذات کي محبت ۽ ڀائپي جو سبق سيکاريو هو. اِهي نالا ئي دنيا ۾ امن ۽ اهنسا جي علامت طور سڃاتا وڃن ٿا. ورهاڱي کان اڳ هئني ڪو به تصادم هڪ اڌ سانحي کان سواءِ نظر نٿو اچي. پر افسوس آهي جو سنڌ جي هاڻي اها صورتحال نه رهي آهي، سنڌ جيڪا انسان ذات لاءِ امن جي جنت هئي، ان ۾ هاڻي تمام ويڏ تعداد ۾ اهڙا زهريلا نانگ نظر ايندا، جن جي ٻاهرين شڪل ته ڏاڍي سهڻي، پر اندريون روپ وهه سان ڀريل آهي. سنڌ ۾ سمورا وڏا شهر انهن بد روحن سان ڀريا پيا آهن، هڪڙن راڪاسن برڙ باڪاسن سرڪاري سرپرستيءَ ۾ سڄي ۾ نفرت، تعصب ۽ دهشتگرديءَ جا ڄار پکيڙي ڇڏيا آهن. هتي ڪنهن جي به جان، مال، عزت ۽ آبرو سلامت ناهي. قتل، غارتگري، اغوا، ڦرلٽ، جنسي زيادتيون، خونريزيون، انتقامي ڪارروائيون ۽ ڀتا خوريءَ جون وارداتون ته هاڻ عام معمول بڻجي ويون آهن. بدمعاشي ۽ دهشتگردي جو ڪاروبار عروج تي آهي ۽ قانون بيوس آهي. شريفن تي روز بروز ڌرتي تنگ ٿيندي پئي وڃي ۽ ڪميڻا ۽ لوفر سينا تاڻي پيا هلن، پر انهيءَ کان وڌيڪ خطرناڪ نئون ڪلچر جيڪو اڀري آيو آهي، مذهبي عدم رواداري ۾ اڻ سهائي ۽ دهشتگردي!! شروع شروع ۾ ته رياستي ادارن انهن زهريلن نانگن کي کير پياري تاتيو، پر هاڻ اهي پنهنجي محسنن جي به ڳچيءَ ۾ پئجي ويا آهن. صورتحال اها آهي ته هاڻي نه مسجدون محفوظ رهيون آهن نه امام بارگاهون، نه مندر، نه چرچون ۽ گرجائون محفوظ آهن. هاڻي ته الله کي سجدو به پوليس، فوج ۽ رينجرز جي پهري هيٺ ٿو ڪري سگهجي. اڀ ڦاڙيندڙ تقريرون ڪري ماڻهن جي مذهبي جذبات کي ڀڙڪائي، پنهنجي مخالف فرقي يا مذهب واري کي قتل ڪرڻ لاءِ اڀاريو وڃي ٿو ۽ مان سمجهان ٿو ته دهشتگرديءَ جو اهو ڪلچر سڀ کان وڌيڪ هاڃيڪار آهي. سمورن وڏن ۽ ننڍن شهرن ۾ انهن جي تنظيمن جا ڄار پکڙيل آهن، ڪروڙين رپيا مختلف بهانن سان چندا وصول ڪري، پنهنجا کيسا ڀرين ٿا ۽ ماڻهو مارائين ٿا!
هنن زهريلن نانگن کي فقط انهيءَ ڪري تاتي نپائي سنڌ جي حوالي ڪيو ويو آهي ته ڪڏهن به سنڌي قوم پنهنجي حق خود اختياريءَ لاءِ پنهنجي منظم اجتماعي قوت سان جي پنهنجا حق وٺڻ ۽ ميدان ۾ اچي ته هي اتي ئي انهن کي چٿي مارين، مرڪز جا هي ڇاڙتا فقط اسان جي آجپي جي راهه روڪڻ لاءِ وسيع پلاننگ ۽ منظم ذريعي هتي جو سمورن شهرن ۾ ڊوميسائل، سنڌ جا شناختي ڪارڊ ۽ شهري حقوق ڏئي انهيءَ لاءِ ئي ورسايا ويا آهن ته هتي وڏي پيماني تي خانا جنگيءَ جو ماحول پيدا ڪيو وڃي ۽ انهيءَ لاءِ مذهب جي نعري کي آلئه ڪار بڻايو وڃي. آئون سمجهان ٿو ته سنڌي قوم لاءِ ڪالا باغ ڊيم، ٿل ڪينال ۽ پاڻيءَ جا مسئلا يقينن اهم آهن، پر انهن کان وڌيڪ خطرناڪ مسئلو ڌارين جي ڌڙا ڌڙ آبادڪاري ڪري، اسان کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جو منصوبو آهي. مون کي اميد آهي ته سنڌ جا دانشور ۽ قومي ڪارڪن هن مسئلي کي به پنهنجي ايجنڊا ۾ اوليت ڏيندا ۽ سال ٻه هزار چار کي ڌارين جي آباديءَ جي خلاف هلچل جو سال قرار ڏئي سنڌ جي روح کي مسخ ٿيڻ کان بچائيندا. سنڌ رڳو جاگرافي ناهي، ان جي هڪ تهذيب به آهي.